باب 22. رسول الله ﷺ جي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي
ٽيڪ ڏيئي ويهڻ ۾ آيون آهن.
عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ عَلَى يَسَارِهِ
ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته حصور ﷺ کي وهاڻي تي پنهنجي کٻي پاسي تي تيڪ ڏيندو ڏٺم.
عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي بَكْرَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : أَلا أُحَدِّثُكُمْ بِأَكْبَرِ الْكَبَائِرِ ؟ قَالُوا : بَلَى يَا رَسُولَ اللهِ قَالَ : الإِشْرَاكُ بِاللَّهِ ، وَعُقُوقُ الْوَالِدَيْنِ قَالَ : وَجَلَسَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَكَانَ مُتَّكِئًا ، قَالَ : وَشَهَادَةُ الزُّورِ ، أَوْ قَوْلُ الزُّورِ ، قَالَ : فَمَا زَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُهَا حَتَّى قُلْنَا : لَيْتَهُ سَكَتَ
حضرت عبدالرحمان پٽ ابوبڪر کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اوهان کي وڏن گناهن بابت نه ٻڌايان ڇا؟ صحابن چيو ته هائو ٻڌايو يا رسول الله.فرمايائون ته الله تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ ، پيءُ ماءُ جو نافرمان ٿيڻ، راويءَ چيو ته حضور ﷺ وري ٽيڪ ڏيئي ويٺا. فرمايائون ڪوڙي شاهدي يا ڪوڙ ڳالهائڻ وڏا گناهه آهن.راوي چيو ته حضور ﷺ وري وري پئي فرمايو اسان چيو مَنَ ماٺ ڪن ۽ وري وري چوڻ جي تڪليف نه ڪن (پاڻ سڳورا ڪوڙ کان بچڻ لاءِ تاڪيد پيا ڪن).
عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : أَمَّا أَنَا ، فَلا آكُلُ مُتَّكِئًا
ترجمو: حضرت ابو جحيفة کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته مان ٽيڪ ڏيئي ڪونه کائيندو آهيان.
عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا جُحَيْفَةَ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : لَاٰ آكُلُ مُتَّكِئًا
ترجمو: حضرت علي پٽ اقمر کان روايت آهي چيائين ته ابو جحيفة کان ٻڌم ته حضور ﷺ فرمايو ته آءٌ ٽيڪ ڏيئي نه کائندو آهيان.
عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ
ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي هڪ وهاڻي تي ٽيڪ هنيل ڏٺم.