باب 4. رسول الله ﷺ جي ڦڻي ڏيڻ جي باري
باب انهن روايتن ۾جي رسول الله ﷺ جي ڦڻي ڏيڻ
جي باري ۾ آيون آهن
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كُنْتُ أُرَجِّلُ رَأْسَ رَسُولِ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم وَأَنَا حَائِضٌ
ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعالي عنها چيو ته مان حضور جن جي مٿي مبارڪ کي حيض جي حالت ۾ ڦڻي ڏيندي هيس.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُكْثِرُ دَهْنَ رَأْسِهِ وَتَسْرِيحَ لِحْيَتِهِ ، وَيُكْثِرُ الْقِنَاعَ حَتَّى كَأَنَّ ثَوْبَهُ ، ثَوْبُ زَيَّاتٍ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ چيو ته حضور جن پنهنجي مٿي ۾ تيل گهڻو هڻندا هوا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڦڻي به گهڻي ڏيندا هوا ۽ پنهنجي پڳ هيٺان رومال به رکندا هوا ڄڻ ته سندن ڪپڙا مبارڪ چاڪيءَ وانگر هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَيُحِبُّ التَّيَمُّنَ فِي طُهُورِهِ إِذَا تَطَهَّرَ ، وَفِي تَرَجُّلِهِ إِذَا تَرَجَّلَ ، وَفِي انْتِعَالِهِ إِذَا انْتَعَلَ
حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها چيو ته حضور جن عليه السلام پاڪائي ڪرڻ ۾ ۽ ڦڻي ڏيڻ ۾ ۽ جُتي پائڻ ۾ سڄي پاسي کان شروع ڪرڻ پسند ڪندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مُغَفَّلٍ ، قَالَ : نَهَى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عنِ التَّرَجُّلِ ، إِلا غِبًّا
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مغفل چيو ته رسول الله ﷺ (روزانه) ڦڻي ڏيڻ کان م،نع ڪئي مگر ٻئي ڏينهن تي ڦڻي ڏيو.
عَنْ رَجُلٍ مِنْ أَصْحَابِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَتَرَجَّلُ غِبًّا
ترجمو: اصحاب نبي مان هڪ مرد چيو ته رسول اللهﷺ هڪ نه ٻئي ڏينهن ڦڻي ڏيندا هوا.