44ـ باب ماجاء في قراءة رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي قراءة
جي باري ۾ آيون آهن
عَنْ يَعَلَى بْنِ مَمْلَكٍ ، أَنَّهُ سَأَلَ أُمَّ سَلَمَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَإِذَا هِيَ تَنْعَتُ قِرَاءَةً مُفَسَّرَةً حَرْفًا حَرْفًا
ترجمو: حضرت يعليٰ پٽ مملڪؓ کان روايت آهي ته هن حضورﷺ جي قراءة بابت حضرت ام سلمةؓ کان پڇيو. ان چيو ته قراءة صاف صاف ۽ جدا جدا حرف ڪري عجيب نمونه سان پڙهندا هوا.
عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : كَيْفَ كَانَتْ قِرَاءَةُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ فَقَالَ : مَدًّا
ترجمو: حضرت قتادة کا روايت آهي چيائين ته مان انس پٽ مالڪؓ کان حضورﷺ جي قراءة جي باري ۾ پڇيو.چيائين ته ڊيگهه سان پڙهندا هوا.
عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَقْطَعُ قِرَاءَتَهُ ، يَقُولُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ثُمَّ يَقِفُ ، ثُمَّ يَقُولُ : الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ ثُمَّ يَقِفُ ، وَكَانَ يَقْرَأُ مَلِكِ يَوْمِ الدِّينِ
ترجمو: حضرت ام سلمة ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ قراءة کي ڇنِي ڇنِي پڙهندا هوا. پهريائين الحمد لله رب العالمين چئي چپ ڪندا هوا. پوءِ مالک يوم الدين پڙهندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ أَبِي قَيْسٍ قَالَ سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم أَكَانَ يُسِرُّ بِالْقِرَاءَةِ أَمْ يَجْهَرُ قَالَتْ : كُلُّ ذَلِكَ قَدْ كَانَ يَفْعَلُ قَدْ كَانَ رُبَّمَا أَسَرَّ وَرُبَّمَا جَهَرَ فَقُلْتُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ، الَّذِي جَعَلَ فِي الأَمْرِ سَعَةً
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ قيسؓ کان روايت آهي چيائين ته مون حضور ﷺ جي قراة بابت حضرت عائشهؓ کان پڇيم ته پاڻ قرات آهسته پڙهندا هوا يا ڏاڍيان؟ چيائين ته سمورو اهو ڪندا هوا يعني هوريان پڙهندا هوا ۽ ڏاڍيان به. پوءِ چيم ته الحمد لله الذي جعل في الامر سعة ان خدا جي ساراهه جنهن ان ڪم ۾ تنگي نه ڪئي.
عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ : كُنْتُ أَسْمَعُ قِرَاءَةَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، بِاللَّيْلِ وَأَنَا عَلَى عَرِيشِي
ترجمو: حضرت ام هانيؓ کان روايت آهي چيائين ته مان ڇت جي مٿان رات جو حضور ﷺ جي قرات ٻڌندي هيس.
عَنۡ عَبْدَ اللهِ بْنَ مُغَفَّلٍ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، عَلَى نَاقَتِهِ يَوْمَ الْفَتْحِ ، وَهُوَ يَقْرَأُ : إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُبِينًا لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ، قَالَ : فَقَرَأَ وَرَجَّعَ ، قَالَ : وَقَالَ مُعَاوِيَةُ بْنُ قُرَّةَ : لَوْلا أَنْ يَجْتَمِعَ النَّاسُ عَلَيَّ لأَخَذْتُ لَكُمْ فِي ذَلِكَ الصَّوْتِ أَوْ قَالَ : اللَّحْنِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مغفلؓ کان روايت آهي چيائين ته مڪي جي فتح ڏينهن مون رسول الله ﷺ کي ڏاچيءَ تي ڏٺم جو إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُبِينًا لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ نهايت سهڻي سُر ۾ پئي پڙهيائون.راوي ٿوچوي ته منهنجي استاد حضرت معاويہ پٽ قرة چيو ته جي ماڻهن جي سخت انبوهه جو خوف نه ڪريان ته مان اوهان کي اهو سُر به ڪري ٻڌايان.
عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : مَا بَعَثَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلا حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ نَبِيُّكُمْ صلى الله عليه وسلم حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ لا يُرَجِّعُ
ترجمو: حضرت قتادةؓ کان روايت آهي چيائين ته الله تعاليٰ ڪنهن نبي کي نه موڪليو آهي مگر سهڻي منهن ۽ سهڻي آواز وارو ڪري. اوهان جو نبي ﷺ به سهڻي منهن ۽ سهڻي آواز وارو هو ۽ پلٽا نه هڻندا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَتْ قِرَاءَةُ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، رُبَّمَا يَسْمَعُهَا مَنْ فِي الْحُجْرَةِ وَهُوَ فِي الْبَيْتِ
ترجمو: حضرت ابن عباس ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ قرات گهڻا وقت اندر گهر ۾ ڪندا هوا ته ورانڊي وارا ٻڌندا هوا.