مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 18. انهن حديثن جي بيان ۾ جي گوڏجي ساراهه ۾ آيون

18 ـ باب ما جاء في صفة إزار رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن جي بيان ۾ جي گوڏجي ساراهه
۾ آيون آهن.
عَنْ أَبِي بُرْدَةَ ، قَالَ : أَخْرَجَتْ إِلَيْنَا عَائِشَةُ ، كِسَاءً مُلَبَّدًا ، وَإِزَارًا غَلِيظًا ، فَقَالَتْ : قُبِضَ رُوحُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي هَذَيْنِ
ترجمو: حضرت ابوبردة کان روايت آهي ته حضرت عائشه رضي الله عنها هڪ اڳڙين واري چادر ۽ ٻي ٿلهي گوڏ مبارڪ ڪڍي آئي. فرمايائين ته حضور جن عليه الصلواة والسلام جو روح مبارڪ هنن ٻن ڪپڙن ۾ قبض ڪيو ويو هو.
عَنِ الأَشْعَثِ بْنِ سُلَيْمٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ عَمَّتِي ، تُحَدِّثُ عَنْ عَمِّهَا ، قَالَ : بَيْنَا أَنَا أَمشِي بِالْمَدِينَةِ ، إِذَا إِنْسَانٌ خَلْفِي يَقُولُ : ارْفَعْ إِزَارَكَ ، فَإِنَّهُ أَتْقَى وَأَبْقَى فَإِذَا هُوَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ إِنَّمَا هِيَ بُرْدَةٌ مَلْحَاءُ ، قَالَ : أَمَا لَكَ فِيَّ أُسْوَةٌ ؟ فَنَظَرْتُ فَإِذَا إِزَارُهُ إِلَى نِصْفِ سَاقَيْهِ
ترجمو:حضرت اشعث پٽ سُليم کان روايت آهي ته پنهنجي پڦيءَ کان ٻڌم جنهن پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي چيائين ته مدينه ۾ گهمي رهيو هوس اوچتو ٻڌم ته ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان چوي پيو ته گوڏ مٿي ڪر جو اها پرهيزگاري آهي ۽ ڪپڙي جو جٽاءُ به آهي نهاريم ته پاڻ حضور جن آهن. عرض ڪيم ته يا رسول الله! هيءَ سادي سودي چادر آهي.پاڻ فرمايائون ته ڇا توکي منهنجي پيروي ڪرڻي نه آهي؟ پوءِ ڏٺم ته سندن گوڏ مبارڪ سندن پنين مبارڪن جي اڌ تائين هئي.
عَنِ إِيَاسِ بْنِ سَلَمَةَ بْنِ الأَكْوَعِ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ عُثْمَانُ بْنُ عَفَّانَ ، يَأْتَزِرُ إِلَى أَنْصَافِ سَاقَيْهِ ، وَقَالَ : هَكَذَا كَانَتْ إِزْرَةُ صَاحِبِي ، يَعْنِي النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت اياس پٽ سلمة پٽ اڪوع پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته حضرت عثمان پنهنجي پنين جي اڌ تي گوڏ ٻنڌندو هو ۽ چيائين ته منهنجي پياري نبي ﷺ جن جو به اهو ئي طريقو هو.
عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ ، قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِعَضَلَةِ سَاقِي أَوْ سَاقِهِ ، فَقَالَ : هَذَا مَوْضِعُ الإِزَارِ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَأَسْفَلَ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَلا حَقَّ لِلإِزَارِ فِي الْكَعْبَيْنِ
ترجمو: حضرت حذيفة پٽ يمان ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور رسول اللهﷺ منهنجي پنيءَ جي ڏيڏر يا پنهنجي پنيءَ جي ڏيڏر کي وٺي فرمايو ته گوڏ جي حد هيءَ آهي جيڪڏهن نه مڙين ته ڪجهه هيٺ، اڃا به نه مڙين ته پوءِ گوڏ کي ڀيڏين تي لڙڪائڻ جوحق ڪونهي.