مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 11. رسول الله ﷺ جي جُتي مبارڪ ۾

11ـ باب ماجاء في نعل رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي جُتي مبارڪ
۾ آيون آهن.
عَنۡ قَتَادَۃَ قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ كَيْفَ كَانَ نَعْلُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَهُمَا قِبَالانِ
ترجمو: حضرت قتادة﷦ کان روايت آهي ته مون حضرت انس پٽ مالڪ کي چيو ته حضور جن جا ڇٻا مبارڪ ڪيئن هوا؟ چيائين ته ان کي ٻه تسما لڳل هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ ، مَثْنِيٌّ شِرَاكَهُمَا
ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي ڇٻن مبارڪن کي اڳيان ٻه دوال يا تسما هوا جي ٻٽا هوا.
عَنۡ عِيسَى بْنُ طَهْمَانَ ، قَالَ : أَخْرَجَ إِلَيْنَا أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ نَعْلَيْنِ جَرْدَاوَيْنِ ، لَهُمَا قِبَالانِ فقَالَ : فَحَدَّثَنِي ثَابِتٌ بَعْدُ عَنْ أَنَسُ ، أَنَّهُمَا كَانَتَا نَعْلَيِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت عيسيٰ پٽ طهمان کان روايت آهي ته حضرت انس پٽ مالڪ اسان وٽ اچي نڪتو جو کيس ٻه ڇٻا رڱيل چم جا هوا جو انهن کي ٻه دوال هوا. راوي چوي ٿو ته حصرت ثابت ان کان پوءِ حضرت انس کان پوءِ حضرت انس کان مونکي روايت ڪئي ته پڪ آهي ته ٻئي ڇٻا حضور ﷺ جا هوا.
عَنْ عُبَيْدِ بْنِ جُرَيْجٍ ، أَنَّهُ قَالَ لابْنِ عُمَرَ : رَأَيْتُكَ تَلْبَسُ النِّعَالَ السِّبْتِيَّةَ ، قَالَ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَلْبَسُ النِّعَالَ الَّتِي لَيْسَ فِيهَا شَعَرٌ ، وَيَتَوَضَّأُ فِيهَا ، فَأَنَا أُحِبُّ أَنْ أَلْبَسَهَا
ترجمو: حضرت عبيد پٽ جُريح کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت ابن عمر ﷦ کي عرض ڪيو ته مون توکي رڱيل کل جو ڇٻو ڍڪيندو ڏسان ٿو. چيائين ته مون رسول الله ﷺ کي ڇٻو ڍڪيندو ڏٺو. جنهن تي ڪو وار نه هو ان ۾ وضو به ڪندا هوا. تنهنڪري دل گهرندي آهي ته اهو ڍڪيان.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ
ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي ڇٻن مبارڪن کي اڳيان ٻه دوال هوندا هوا.
عَنۡ عَمْرَو بْنَ حُرَيْثٍ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي فِي نَعْلَيْنِ مَخْصُوفَتَيْنِ
ترجمو: حضرت عمرو پٽ حريث ﷦ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ کي چَتِيءَ لڳل جتيءَ ۾ نماز پڙهندو ڏٺو.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا يَمْشِيَنَّ أَحَدُكُمْ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ ، لِيُنْعِلْهُمَا جَمِيعًا ، أَوْ لِيُحْفِهِمَا جَمِيعًا
ترجمو: حضرت ابو هريره ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ فرمايو ته ڪوبه هڪ پادر سان نه گهمي. بلڪ ٻئي پادر ڪري گهمي يا ٻئي لاهي گهمي.
عَنْ جَابِرٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم نَهَى أَنْ يَأْكُلَ ، يَعْنِي الرَّجُلَ ، بِشِمَالِهِ ، أَوْ يَمْشِيَ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ
ترجمو: حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کٻي هٿ سان کائڻ کان منع ڪندا هوا. ۽ هڪ پير ۾ جتي پائڻ کان به.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : إِذَا انْتَعَلَ أَحَدُكُمْ فَلْيَبْدَأْ بِالْيَمِينِ ، وَإِذَا نَزَعَ فَلْيَبْدَأْ بِالشِّمَالِ ، فَلْتَكُنِ الْيَمِينُ أَوَّلَهُمَا تُنْعَلُ ، وَآخِرَهُمَا تُنْزَعُ
ترجمو: حضرتابو هريره ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ضرور سڄي کان شروع ڪري ۽ جڏهن جتي لاهي ته کٻي پير کي ڪڍي پوءِ ضرور سڄو پير پهريائين جتي ۾ وجهي ۽ کٻو پهريائين ڪڍجي.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ يُحِبُّ التَّيَمُّنَ مَا اسْتَطَاعَ فِي تَرَجُّلِهِ ، وَتَنَعُّلِهِ وَطُهُورِهِ
ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت چيائين ته حضورﷺ ڦڻي ڏيڻ، جتي پائڻ ۽ پاڪائي ڪرڻ ۾ سڄي پاسي کان شروع ڪرڻ پسند ڪندا هوا.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ وَأَبِي بَكْرٍ وَعُمَرَ ، وَأَوَّلُ مَنْ عَقَدَ عَقْدًا وَاحِدًا عُثْمَانُ رضي الله عنه.
ترجمو: حضرت ابو هريره ﷦ کان روايت چيائين ته حضور ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر ﷦ ۽ حضرت عمر ﷦ جي ڇٻن مبارڪن کي ٻه ٻه دوال هوندا هوا. ۽ پهريائين جنهن هڪ دوال شروع ڪيو سو حضرت عثمان ﷦ هو.