باب 16. حضور ﷺ جي هول (لوهي ٽوپ) جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي هول (لوهي ٽوپ) جي
باري ۾ آيون آهن
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم دَخَلَ مَكَّةَ وَعَلَيْهِ مِغْفَرٌ ، فَقِيلَ لَهُ : هَذَا ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ ، فَقَالَ : اقْتُلُوهُ وَ عَنۡہُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ مَكَّةَ عَامَ الْفَتْحِ ، وَعَلَى رَأْسِهِ الْمِغْفَرُ ، قَالَ : فَلَمَّا نَزَعَهُ جَاءَهُ رَجُلٌ ، فَقَالَ لَهُ : ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ ، فَقَالَ : اقْتُلُوهُ ، قَالَ ابْنُ شِهَابٍ : وَبَلَغَنِي أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَكُنْ يَوْمَئِذٍ مُحْرِمًا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته نبي ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن مڪه ۾ آيا ۽ مٿن هول هو.کين عرض ڪيو ويوته هي ابن خطل (مرتد) ڪعبه جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي فرمايائون ته قتل ڪريوس ۽ انس کان هيءَ به روايت آهي ته حضور جن فتح مڪه جي سال هول ڍڪي مڪه ۾ آيا راوي چيو ته جڏهن هول لاٿائون ته هڪ ماڻهوءَ کين ٻڌايو ته خطل جو پٽ (مرتد) ڪعبه جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي فرمايائون ته ڪُهي ڇڏيوس.ابن شهاب چيو ته مونکي خبر پئي ته ان ڏينهن رسول الله ﷺ کي احرام نه هو.