مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 10. رسول الله ﷺ جي موزي ڍڪڻ جي باري ۾

10 ـ باب ما جاء في خف رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي موزي ڍڪڻ
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنِ اَبِیۡ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّجَاشِيَّ أَهْدَى لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، خُفَّيْنِ ، أَسْوَدَيْنِ ، سَاذَجَيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا ثُمَّ تَوَضَّأَ وَمَسَحَ عَلَيْهِمَا
ترجمو: حضرت ابو بريده پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته نجاشي ( حبش جي بادشاهه) نبي ﷺ لاءِ ٻه ڪارا موزا موڪليا.پوءِ پاڻ ڍڪيائون تنهن کان پوءِ وضو ڪيائون ۽ موزن تي مسح يعني مَکُ ڪيائون.
عَنِ الْمُغِيرَةُ بْنُ شُعْبَةَ : أَهْدَى دِحْيَةُ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم خُفَّيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا وَقَالَ إِسْرَائِيلُ : عَنْ جَابِرٍ ، عَنْ عَامِرٍ ، وَجُبَّةً فَلَبِسَهُمَا حَتَّى تَخَرَّقَا لا يَدْرِي النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، أَذِكًى هُمَا أَمْ لا
ترجمو:حضرت مغيرة پٽ شعبة ﷦ کان روايت آهي حضرت دحية ﷦ حضور ﷺ کي ٻه موزا سوکڙي ڏنا حضرت اسرائين حضرت جابر کان ۽ حضرت جابر حضرت عامر کان روايت ڪئي ته هڪ جبو به هو پاڻ ٻنهين کي ڍڪيندا هوا تان جو پراڻا ٿي ويا. ٻنهين فرمايو ته هو ذبح ڪيل جانور جا آهن يا نه.