مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 13. حضور ﷺ منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا

13ـ ما جآء فی ان النبی صلی اللہ علیہ وسلم کان یتختم فی یمینہٖ
باب انهن حديثن ۾ته حضور ﷺ منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا
عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَلْبَسُ خَاتَمَهُ فِي يَمِينِهٖ
ترجمو: حضرت علي وٽ ابو طالب ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ منڊي مبارڪ سڄي هٿ ۾ پائيندا هوا.
عن حماد بن سلمة ، قَالَ رأيت ابن أبي رافع يتختم في يَمِينِهِ وقَالَ عَبْدِ اللهِ بن جعفر : كان رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يتختم فِي يَمِينِهٖ
حضرت حماد بن سلمة کان روايت آهي ته چيائين ته ابو رافع جي پٽ کي ڏٺم جو سڄي هٿ ۾ منڊي پائيندو هو ان بابت پڇيومانس چيائين ته مون عبدالله پٽ جعفر کي سڄي هٿ ۾ منڊي پائيندوڏٺم.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ جَعْفَرٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفر ﷦ کان روايت آهي ته چيائين ته نبي ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندا هوا.
عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ مهر سچي هٿ ۾ ڪندا هوا.
عَنِ اَبِی الصَّلتِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ ابْنُ عَبَّاسٍ ، يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ ، وَلا إِخَالُهُ إِلا قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
ترجمو: حضرت ابو الصلت پٽ عبدالله ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضرت ابن عباس ﷦ مهر واري منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندو هو. ۽ منهنجو رڳو هي گمان آهي ته هن چيو ته حضور ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندا هوا.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، وَجَعَلَ فَصَّهُ مِمَّا يَلِي كَفَّهُ ، وَنَقَشَ فِيهِ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ ، وَنَهَى أَنْ يَنْقُشَ أَحَدٌ عَلَيْهِ وَهُوَ الَّذِي سَقَطَ مِنْ مُعَيْقِيبٍ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ
ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺچانديءَ جي منڊي ٺهرائي سندس ٽڪ جو طرف هٿ جي تريءَ طرف هو ان ۾ ” محمد رسول الله“ لکيل هو ۽ ان جي ٻي مهر ڪرائڻ کان منع فرمايائون ۽ هيءَ اها مهر هئي جا حضرت معيقيب (حضرت عثمان ﷦جي خادم) کان اريس جي کوهه ۾ ڪري پئي.
جَعْفَرٍ بۡنِ محمدٍعَنۡ اَبِیۡہِ قَالَ کَانَ الۡحَسَنُ وَالۡحُسَیۡنُ یَتَخَتَّمَانِ فِی یَسَارِھِمَا
ترجمو: حضرت جعفر پٽ محمد پنهنجي والد کان روايت ڪئي چيائين حضرت امام حسن ۽ امام حسين مهر جي منڊي کٻي هٿ ۾ ڪندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّهُ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ اَنِّ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم تَخَتَّمَ فِی یَسَارِہٖ وَھُوَ حَدِیۡثُ لَا یَصِحۡ اَیۡضًا
ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مهر جي منڊي کٻي هٿ ۾ رکندا هوا. (امام ترمذي فرمائي ٿو ته) هيءَ حديث صحيح نه آهي)
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم خَاتَمًا مِنْ ذَهَبٍ ، فَكَانَ يَلْبَسُهُ فِي يَمِينِهِ ، فَاتَّخَذَ النَّاسُ خَوَاتِيمَ مِنْ ذَهَبٍ فَطَرَحَهُ صلى الله عليه وسلم ، وَقَالَ لا أَلْبَسُهُ أَبدًا فَطَرَحَ النَّاسُ خَوَاتِيمَهُمْ
ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ سوني منڊي ٺهرائي هئي ۽ هن کي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا جنهن تي ماڻهو به سونيون منڊيون پائڻ لڳا حضورجن ﷺ ان منڊي کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.فرمايائون ته آءٌ ان کي ڪڏهن به هٿ نه ڪندس پوءِ ماڻهن به سونيون منڊيون پائڻ ڇڏي ڏنيون.