56ـ باب ماجاء في رؤية رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ کي ننڊ ۾ ڏسڻ
جو بيان آهي.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَمَثَّلُ بِي
ترجمو:حضرت عبدالله پٽ مسعودؓ رسول الله ﷺکان روايت ٿو ڪري ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو ته پڪ مونکي ڏٺائين ڇو ته شيطان منهنجي شڪل ۾ ٿي نٿو سگهي.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَصَوَّرُ أَوْ قَالَ : لا يَتَشَبَّهُ بِي
ترجمو: حضرت ابوهريرة کان روايت آهي چيائينته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو ته پڪ مونکي ڏڍائين ڇو ته شيطان منهنجي شڪل وٺي نٿو سگهي يا راوي چيو ته منهنجي مشابهه نٿو ٿي سگهي.
عَنْ أَبِي مَالِكٍ الأَشْجَعِيِّ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي
ترجمو: حضرت ابومالڪ اشجعي پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو.
عَنْ عَاصِمِ بْنِ كُلَيْبٍ ، قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، أَنَّهُ سَمِعَ أَبَا هُرَيْرَةَ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَمَثَّلُنِي ، قَالَ أَبِي : فَحَدَّثْتُ بِهِ ابْنَ عَبَّاسٍ ، فَقُلْتُ : قَدْ رَأَيْتُهُ ، فَذَكَرْتُ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ، فَقُلْتُ : شَبَّهْتُهُ بِهِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّهُ كَانَ يُشْبِهُهُ
ترجمو:حضرت عاصم پٽ ڪليب کان روايت آهي چيائين ته مون کي ابي ڳالهه ڪئي جنهن حضرت ابو هريرةؓ کي چوندي ٻڌو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو ڇو ته شيطان مون وانگر نه ٿي سگهندو.ابي چيو ته اها ڳالهه ابن عباسؓ سان ڪيم ۽ چيومانس ته پڪ مون حضور جن کي ننڊ ۾ ڏٺو. پوءِ امام حسن پٽ حضرت عليؓ کي ياد ڪيم ۽ چيم ته حضور جن کي امام حسن جي مشابهه ڏٺم.ابن عباسؓ چيو ته حضور جن ڄڻ ته امام حسنؓ جي مشابهه هوا.
عَنْ يَزِيدَ الْفَارِسِيِّ وَكَانَ يَكْتُبُ الْمَصَاحِفَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم فِي الْمَنَامِ زَمَنَ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : فَقُلْتُ لابْنِ عَبَّاسٍ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي النَّوْمِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّ رَسُولَ اللهِ كَانَ ، يَقُولُ : إِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَسْتَطِيعُ أَنْ يَتَشَبَّهَ بِي ، فَمَنْ رَآنِي فِي النَّوْمِ فَقَدْ رَآنِي ، هَلْ تَسْتَطِيعُ أَنْ تَنْعَتَ هَذَا الرَّجُلَ الَّذِي رَأَيْتَهُ فِي النَّوْمِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، أَنْعَتُ لَكَ رَجُلا بَيْنَ الرَّجُلَيْنِ ، جِسْمُهُ وَلَحْمُهُ أَسْمَرُ إِلَى الْبَيَاضِ ، أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ ، حَسَنُ الضَّحِكِ ، جَمِيلُ دَوَائِرِ الْوَجْهِ ، مَلأَتْ لِحْيَتُهُ مَا بَيْنَ هَذِهِ إِلَى هَذِهِ ، قَدْ مَلأَتْ نَحْرَهُ ، قَالَ عَوْفٌ : وَلا أَدْرِي مَا كَانَ مَعَ هَذَا النَّعْتِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : لَوْ رَأَيْتَهُ فِي الْيَقَظَةِ مَا اسْتَطَعْتَ أَنْ تَنْعَتَهُ فَوْقَ هَذَا
ترجمو: حضرت يزيد فارسي کان روايت آهي جو مصحف لکندو هو ته حضرت ابن عباس جي وقت ۾ حضور ﷺ کي ننڊ ۾ ڏٺم. پوءِ ابن عباس کي چيم ته مون رسول الله ﷺ کي ننڊ ۾ ڏٺو آهي. ابن عباس چيو ته پڪ رسول الله ﷺ فرمائيندا هوا ته شيطان منهنجي شبيهه نه ڪري سگهندو آهي. پوءِ جنهن به مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ته بيشڪ مونکي ڏٺائين (پوءِ ابن عباس فرمايو ته) انهيءَ خواب واري مڙس جو بيان ڪري سگهندين؟چيم ته هائو. توکي بيان ڪري ٻڌايان ٿو. اهو هڪ مڙس هو ٻن مڙسن ٿلهي ۽ سنهي جي وچ ۾. سندس جسم ۽ گوشت ڪڻڪ رنگو اَڇَپائو اکيون سرميليون سندس ڳل وڻندڙ منهن گول سهڻو ڏاڙهي ٻنهين پاپڙين جو وچ ڀريو هو ۽ سندس سيني کي به ڀريو هو. عوف راوي چيو ته مونکي ته انهن وصفن کانسواءِ ٻي وصف سُجهي ئي ڪانه. تنهن تي ابن عباس چيو ته جي تون رسول الله ﷺ کي جاڳ ۾ ڏسين ها ته به انهيءَ کان وڌيڪ پار ڏيئي نه سگهين ها.
عَنِ ابْنِ شِهَابٍ الزُّهْرِيُّ ، عَنْ عَمِّهِ ، قَالَ : قَالَ أَبُو سَلَمَةَ : قَالَ أَبُو قَتَادَةَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي ، يَعْنِي فِي النَّوْمِ ، فَقَدْ رَأَى الْحَقَّ.
ترجمو: حضرت ابن شهاب زهري پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي ته ابو سلمه چيو ته ابو قتادة بيان ڪيو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ڏٺو يعني خواب ۾ ته ان سچ پچ مونکي ئي ڏٺو.
عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَخَيَّلُ بِي وَقَالَ : وَرُؤْيَا الْمُؤْمِنِ جُزْءٌ مِنْ سِتَّةٍ وَأَرْبَعِينَ جُزْءًا مِنَ النُّبُوَّةِ
ترجمو: حضرت انس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو ڇو ته شيطان مون سان مشابهه نه ٿيندو.۽ هي به فرمايائون ته مومن جو خواب نبوت جي ڀاڱن مان ڇائيتاليهون ڀاڱو آهي.
عَنۡ محمد بۡنِ عَلِیٍ قَالَ سَمِعۡتُ اَبِی یَقُوۡلُ قَالَ عَبۡدُ اللہِ بۡنُ الۡمُبَارَکِ اِذَا ابۡتُلِیۡتَ بِالۡقَضَآءِ فَعَلَیۡکَ بِالۡاَثَرِ
ترجمو:حضرت محمد پٽ حضرت علي کان روايت آهي چيائين ته مون پنهنجي پيءُ کان چوندي ٻڌو ته عبدالله پٽ مبارڪ چيوته جڏهن تون قاضي بنايو وڃين ته حديثن جي پيروي ڪر.
عَنِ ابۡنِ سِیۡرِیۡن قَالَ ھٰذَا الۡحَدِیۡثُ دِیۡنٗ فَانۡظُرُوۡا عَمَّنۡ تَاخُذُونَ دِیۡنَکُمۡ
ترجمو:حضرت ابن سيرين چيو ته دين حديثون آهن پوءِ ڏسو ته دين ڪنهن کان ٿا وٺو. (دين ۽ مذهب ديندار کان وٺو)