40 ـ باب ما جاء في عبادة رسول صلی اللہ علیہ وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي عبادت
۾ آيون آهن
عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، قَالَ : صَلَّى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى انْتَفَخَتْ قَدَمَاهُ ، فَقِيلَ لَهُ : أَتَتَكَلَّفُ هَذَا ، وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
ترجمو: حضرت مغيرة پٽ شعبة کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ نماز تهجد (ايتري ڊگهي) پڙهندا هواته سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا. کين عرض ڪيوويو ته اوهان اهڙي تڪليف ڪريو ٿا هن حالت هوندي جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيان ۽ پويان ڏوهه معاف ڪيا آهن (جنهن تي) فرمايائون ته ڇا آءٌ شڪر گذار ٻانهن مان نه هجان؟
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي حَتَّى تَرِمَ قَدَمَاهُ ، قَالَ : فَقِيلَ لَهُ : أَتَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ جَاءَكَ أَنَّ اللَّهَ تَعَالَى قَدْ غَفَرَ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟
قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
ترجمو: حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته حضورﷺ (تهجد نماز ايتري ڊگهي) ڪندا هوا جو سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا کين عرض ڪيو ويندو هو ته توهان ائين ڪريو ٿا هن حالت ۾ جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيا پويان گناهه معاف ڪيا آهن. جواب ۾ فرمايائون ته مان شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ڇا؟
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ يَقُومُ يُصَلِّي حَتَّى تَنْتَفِخَ قَدَمَاهُ فَيُقَالُ لَهُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، تَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ ، قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
ترجمو: حضرت ابو هريرهکان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ تهجد نماز ۾ ايترو بيهندا هوا جو سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا ۽ کين عرض ڪيو ويندو هو ته اي الله جا رسول! توهان ايتري تڪليف ڪريو ٿا هن حالت ۾ جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيان پويان گناهه معاف ڪيا آهن فرمايائون ته شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ڇا؟
عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ يَزِيدَ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِاللَّيْلِ ؟ فَقَالَتْ : كَانَ يَنَامُ أَوَّلَ اللَّيْلِ ثُمَّ يَقُومُ ، فَإِذَا كَانَ مِنَ السَّحَرِ أَوْتَرَ ، ثُمَّ أَتَى فِرَاشَهُ ، فَإِذَا كَانَ لَهُ حَاجَةٌ أَلَمَّ بِأَهْلِهِ ، فَإِذَا سَمِعَ الأَذَانَ وَثَبَ ، فَإِنْ كَانَ جُنُبًا أَفَاضَ عَلَيْهِ مِنَ الْمَاءِ ، وَإِلا تَوَضَّأَ وَخَرَجَ إِلَى الصَّلاةِ
ترجمو: حضرت اسود پٽ يزيد کان روايت آهي چيائين ته مون حضرت عائشهؓ کان حضور جن جي رات جي نماز بابت پڇيم چيائين ته پهرين رات ننڊ ڪندا هوا پوءِ اٿندا هوا جڏهن صبح ويجهو ٿيندو هو ته وتر به وڙهندا هوا ان کانپوءِ پنهنجي هنڌ تي ايندا هوا. ۽ جي کين (صحبت جي) هوندي هئي ته پنهنجي اهليه وٽ ايندا هوا. پوءِ جڏهن ٻانگ ٻڌندا هوا ته تڪڙو اٿندا هوا ۽ غسل ڪرڻو هوندو هونِ ته پاڻ تي پاڻي پلٽيندا هوا نه ته رڳو وضو ڪري نماز لاءِ نڪرندا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ ، أَنَّهُ بَاتَ عِنْدَ مَيْمُونَةَ وَهِيَ خَالَتُهُ ، قَالَ فَاضْطَجَعْتُ فِي عَرْضِ الْوِسَادَةِ ، وَاضْطَجَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي طُولِهَا ، فَنَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى إِذَا انْتَصَفَ اللَّيْلُ أَوْ قَبْلَهُ بِقَلِيلٍ أَوْ بَعْدَهُ بِقَلِيلٍ ، فَاسْتَيْقَظَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَجَعَلَ يَمْسَحُ النَّوْمَ عَنْ وَجْهِهِ ، ثُمَّ قَرَأَ الْعَشْرَ الآيَاتِ الْخَوَاتِيمَ مِنْ سُورَةِ آلِ عِمْرَانَ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى شَنٍّ مُعَلَّقٍ فَتَوَضَّأَ مِنْهَا ، فَأَحْسَنَ الْوُضُوءَ ، ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي ، قَالَ عَبْدُ اللهِ بْنُ عَبَّاسٍ : فَقُمْتُ إِلَى جَنْبِهِ فَوَضَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَدَهُ الْيُمْنَى عَلَى رَأْسِي ثُمَّ أَخَذَ بِأُذُنِي الْيُمْنَى ، فَفَتَلَهَا فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، قَالَ مَعْنٌ : سِتَّ مَرَّاتٍ ثُمَّ أَوْتَرَ ، ثُمَّ اضْطَجَعَ حَتَّى جَاءَهُ الْمُؤَذِّنُ ، فَقَامَ فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ خَرَجَ فَصَلَّى الصُّبْحَ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته هن پنهنجي شاگرد ابو ڪريب کي خبر ڏني ته مان هڪ رات حضرت ميمونه وٽ رهيس جا منهنجي ماسي هئي پوءِ مان بستري جي منڍي ۾ سمهي پيس ۽ ڊيگهه رسول الله ﷺ اڌ رات تائين يا ٿورو پوءِ تائين ننڊ ڪري جاڳيا ۽ منهن مبارڪ مهٽي ننڊ لاهڻ لڳا ۽ آل عمران سورة جون پويون ڏهه آيتون پڙهيائون تنهن کانپوءِ لڙڪيل کلئي ڏي منجهانس سهڻي نمونه ۾ وضو ڪري بيهي نماز پڙهڻ لڳا.حضرت عبدالله پٽ عباس چيو ته مان سندن کٻي پاسي ۾ بيٺو هوس ته حضورﷺ سڄي هٿ مبارڪ سان منهنجي سڄي ڪن کي وٺي مروڙيو يعني ڦيرائي سڄي پاسي ڪري بيهاريو ۽ ٻه رڪعتون پڙهيائون وري ٻه رڪعتون ٻيون . وري ٻه رڪعتون ٻيون وري ٻه رڪعتون ٻيون وري ٻه رڪعتون وري ٻه رڪعتون. حضرت معن (حديث جو راوي)چيو ته ڇهه ڀيرا پڙهيائون پوءِ وتر پڙهيائون پوءِ سمهي پيا. پوءِ وٽن بانگو آيو تنهن تي اٿي ٻه رڪعتون هلڪڙيون پڙهيائون نڪري (مسجد ۾ اچي) صبح جي نماز پڙهيائون.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ ثَلاثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً
ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ رات جو تيرهن رڪعتون نماز پڙهندا هوا. (ٻه رڪعتون تحية الوضو کان سواءِ).
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا لَمْ يُصَلِّ بِاللَّيْلِ ، مَنَعَهُ مِنْ ذَلِكَ النَّوْمُ ، أَوْ غَلَبَتْهُ عَيْنَاهُ ، صَلَّى مِنَ النَّهَارِ ثِنْتَيْ عَشْرَةَ رَكْعَةً
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن تهجد رات جو نه پڙهندا هوا جو کين ان کان ننڊ روڪيندي هئي يا مٿن اکيون ( ڪنهن سبب ڪري) غالب ٿينديون هيون ته ڏينهن جو ٻارهن رڪعتون پڙهندا هوا.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ إِذَا قَامَ أَحَدُكُمْ مِنَ اللَّيْلِ فَلْيَفْتَتِحْ صَلاتَهُ بِرَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ
ترجمو: حضرت ابوهريرة کان روايت آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته جڏهن اوهان مان ڪوبه رات جو اٿي ته ان کي گهرجي ته پهريائين ٻه رڪعتون هلڪيون پڙهي.
عَنْ زَيْدِ بْنِ خَالِدٍ الْجُهَنِيِّ ، أَنَّهُ قَالَ : لأَرْمُقَنَّ صَلاةَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَتَوَسَّدْتُ عَتَبَتَهُ ، أَوْ فُسْطَاطَهُ فَصَلَّى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دَونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ أَوْتَرَ فَذَلِكَ ثَلاثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً
ترجمو: حضرت زيد پٽ خالدؓ جهني کان روايت آهي چيائين ته مون پنهنجي دل ۾ چيو ته حضور ﷺ جي نماز تهجد ضرور ڏسان پوءِ سندن گهر مبارڪ جي چائٺ يا تنبوءَ جي چائٺ تي سمهي پيس (پاڻ اٿيا) ۽ نماز ۾ پهريون ٻه رڪعتون هلڪيون ۽ پوءِ ٻه رڪعتون ڊگهيون ڊگهيون ڊگهيون. ٻه پوءِ ٻه رڪعتون جو اهي ٻه رڪعتون اڳين کان هلڪيون هيون. وري ٻه رڪعتون جي اڳين ٻن کان هلڪيون هيون پوءِ وتر پڙهيائون.پوءِ اهي تيرهن رڪعتون ٿيون. (جو ٻن رڪعتن تحية الوضوءَ سان گڏجي پندرهن ٿينديون)
عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ أَنَّهُ سَأَلَ عَائِشَةَ ، كَيْفَ كَانَتْ صَلاةُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي رَمَضَانَ ؟ فَقَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لِيَزِيدَ فِي رَمَضَانَ وَلا فِي غَيْرِهِ عَلَى إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً ، يُصَلِّي أَرْبَعًا ، لا تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ ، وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي أَرْبَعًا لا تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي ثَلاثًا ، قَالَتْ عَائِشَةُ : قُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَتَنَامُ قَبْلَ أَنْ تُوتِرَ ؟ فَقَالَ : يَا عَائِشَةُ ، إِنَّ عَيْنَيَّ تَنَامَانِ ، وَلا يَنَامُ قَلْبِي
ترجمو: حضرت ابو سلمة پٽ عبدالرحمان پنهنجي شاگرد کي چيو ته مون حضرت عائشهؓ کان پڇيو ته سندن نماز رمضان ۾ ڪهڙي ريت هوندي هئي چيائين ته حضورﷺ رمضان يا ٻئي ڪنهن مهيني ۾ يارهن رڪعتن کان نه وڌائيندا هوا جو چار رڪعتون پڙهندا هوا جن جي ڊيگهه ۽ سونهن پڇ ئي نه. وري چار ٻيون پڙهندا هوا جن جي سونهن ۽ ڊيگهه پڇ ئي نه. پوءِ ٽي رڪعتون وتر پڙهندا هوا. حضرت عائشهؓ چيو ته مون سندن خذمت ۾ عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ وتر کان اڳ ننڊ ڪريوٿا؟ پاڻ فرمايائون ته اي عائشهؓ! بيشڪ منهنجون اکيون ننڊ ڪنديون آهن ۽ منهنجي دل ننڊ نه ڪندي آهي.
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً ، يُوتِرُ مِنْهَا بِوَاحِدَةٍ ، فَإِذَا فَرَغَ مِنْهَا ، اضْطَجَعَ عَلَى شِقِّهِ الأَيْمَنِ
وَ عَنۡھَا قَالَتۡ: كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ تِسْعَ رَكَعَاتٍ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ چيو ته رسول الله ﷺ رات جي نماز يارهن رڪعتون پڙهندا هوا. پوءِ جڏهن فارغ ٿيندا هوا ته سڄي پاسي تي سمهي پوندا هوا
۽ ان کان ٻي روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ رات جو نو(9) رڪعتون پڙهندا هوا.
عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ ، أَنَّهُ صَلَّى مَعَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم مِنَ اللَّيْلِ ، قَالَ : فَلَمَّا دَخَلَ فِي الصَّلاةِ ، قَالَ : اللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ، قَالَ : ثُمَّ قَرَأَ الْبَقَرَةَ ، ثُمَّ رَكَعَ رُكُوعَهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَكَانَ قِيَامُهُ نَحْوًا مِنْ رُكُوعِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ، لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ثُمَّ سَجَدَ ، فَكَانَ سُجُودُهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلَى ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلَى ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَكَانَ مَا بَيْنَ السَّجْدَتَيْنِ نَحْوًا مِنَ السُّجُودِ ، وَكَانَ يَقُولُ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ، رَبِّ اغْفِرْ لِي حَتَّى قَرَأَ الْبَقَرَةَ ، وَآلَ عِمْرَانَ ، وَالنِّسَاءَ ، وَالْمَائِدَةَ ، أَوِ الأَنْعَامَ ، شُعْبَةُ الَّذِي شَكَّ فِي الْمَائِدَةِ ، وَالأَنْعَامِ
ترجمو: حضرت حذيفة پٽ يمانؓ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ سان رات جي نماز پڙهي(هن طرح) جڏهن نماز ۾ داخل ٿيا ته اللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ۽ چيائون. تنهن کانپوءِ الحمد کان پوءِ ) سوره البقره (سموري) پڙهيائون پوءِ رڪوع ڪيائون جو سندن رڪوع قيام جهڙو هو ۽ سبحان ربي العظيم پي چيائون پوءِ مٿو مبارڪ کنيائون ۽ قومه ڪيائون ۽ سندن قومه رڪوع جهڙو هو. ۽ (قومه ۾ ) لربي الحمد پي چيائون. پوءِ سجدو ڪيائون ۽ سندن سجدو به قومه جهڙو هو ۽ سجده ۾ سبحان ربي الاعليٰ چيائون پوءِ مٿو مبارڪ کنيائون ۽ جلسه ۾ ويٺا. جو ٻن سجدن جي وچ ۾ به سجدي جيترو ويٺا ۽ رب اغفرلي پي چيائون ( اهڙي نمونه سان چئن رڪعتن ۾) سوره البقره ۽ آل عمران ۽ نساء ۽ مائده يا انعام پوريون ڪيائون. (حديث جي راوي) شعبة کي شڪ پيل آهي ته انهن مان هڪ پڙهيائون.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِآيَةٍ مِنَ الْقُرْآنِ لَيْلَةً
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ قرآن جي هڪ آيت سان رات جو بيٺا هوندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : صَلَّيْتُ لَيْلَةً مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَلَمْ يَزَلْ قَائِمًا حَتَّى هَمَمْتُ بِأَمْرِ سُوءٍ قِيلَ لَهُ : وَمَا هَمَمْتَ بِهِ ؟ قَالَ : هَمَمْتُ أَنْ أَقْعُدَ وَأَدَعَ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت عبدالله کان روايت آهي ته هڪ رات مان رسول اللهﷺسان نماز پڙهيم يڪا بيٺا رهيا تان جو خراب ڪم جو ارادو ڪيم کانئس پڇيو ويو ته ڇا ارادو ڪئي چيائين ته ويهي رهان. ۽ حضور ﷺ کي (اڪيلو نماز پڙهندو) ڇڏي ڏيان.
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّي جَالِسًا ، فَيَقْرَأُ وَهُوَ جَالِسٌ ، فَإِذَا بَقِيَ مِنْ قِرَاءَتِهِ قَدْرُ مَا يَكُونُ ثَلاثِينَ أَوْ أَرْبَعِينَ آيَةً ، قَامَ فَقَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ رَكَعَ وَسَجَدَ ، ثُمَّ صَنَعَ فِي الرَّكْعَةِ الثَّانِيَةِ مِثْلَ ذَلِكَ
حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته حضورﷺ بعضي نماز ويهي پڙهندا هوا پوءِ قراة به ويٺي ئي پڙهندا هوا پوءِ جڏهن ٿورڙي قرات ٽيهن چاليهن آيتن جي قدر رهندي هئيته پوءِ اٿي باقي قرات بيهي پوري ڪري رڪوع ۽ سجدو ڪندا هوا ۽ ٻي رڪعت ۾ به ائين ڪندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَنْ تَطَوُّعِهِ ، فَقَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي لَيْلا طَوِيلا قَائِمًا ، وَلَيْلا طَوِيلا قَاعِدًا ، فَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ قَائِمٌ ، وَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ جَالِسٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ جَالِسٌ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيق کان روايت آهي ته مون حضرت عائشهؓ کانرسول الله الله ﷺ جي نفلي نماز لاءِ پڇيو چيائين ته گهڻي رات بيهي نماز پڙهندا هوا ۽ گهڻي رات ويهي. ۽ جيڪڏهن قرات بيٺڙ پڙهندا هوا ته رڪوع ۽ سجدو به بيهي ڪندا هوا.۽ جي قرات ويهي پڙهندا هوا ته رڪوع ۽ سجدو به ويهي ڪندا هوا.
عَنْ حَفْصَةَ ، زَوْجِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ يُصَلِّي فِي سُبْحَتِهِ قَاعِدًا ، وَيَقْرَأُ بِالسُّورَةِ وَيُرَتِّلُهَا ، حَتَّى تَكُونَ أَطْوَلَ مِنْ أَطْوَلَ مِنْهَا
ترجمو: حضرت حفصة رضي الله عنها حضورﷺ جي حرم پاڪ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ نفل ويهي پڙهندا هوا ۽ سورة کي ٺاهي ٺاهي پڙهندا هوا. ايترو جو ڊگهي کان ڊگهي ٿي ويندي هئي.
عَنۡ عَائِشَةَ أَخْبَرَتْهُ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَمُتْ ، حَتَّى كَانَ أَكْثَرُ صَلاتِهِ وَهُوَ جَالِسٌ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جي نفلي نماز سندن سموري حياتي مبارڪ ۾ گهڻو ڪري ويٺڙ هوندي هئي.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ صَلَّيْتُ مَعَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ فِي بَيْتِهِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ فِي بَيْتِهِ
ترجمو: حضرت ابن عمرؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور ﷺ سان ٻه رڪعتون ظهر کان اڳ ۽ ٻه رڪعتون ظهر کان بعد ۽ ٻه رڪعتون مغرب کان بعد ۽ ٻه رڪعتون عشا کان بعد سندن گهر ۾ پڙهيون.
عَنۡ حَفْصَةُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي رَكْعَتَيْنِ حِينَ يَطْلُعُ الْفَجْرُ وَيُنَادِي الْمُنَادِي ، قَالَ أَيُّوبُ وَأُرَاهُ ، قَالَ خَفِيفَتَيْنِ
ترجمو: حضرت حفصة ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ پرهه ڦٽڻ کانپوءِ جڏهن بانگو بانگ چوندو هو ٻه رڪعتون پڙهندا هوا(حضرت ايوب چيو ته حضرت حفصة چيوته اهي ٻه رڪعتون هلڪيون هيون).
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : حَفِظْتُ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ : رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ ، قَالَ ابْنُ عُمَرَ : وَحَدَّثَتْنِي حَفْصَةُ بِرَكْعَتَيِ الْغَدَاةِ ، وَلَمْ أَكُنْ أَرَاهُمَا مِنَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم
ترجمو:حضرت ابن عمر کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺسان اٺ رڪعتون ٻه ظهر کان اڳ ۽ ٻه ان کانپوءِ. ۽ ٻه مغرب کان پوءِ. ۽ ٻه عشا کان بعد مونکي پوري طرح ياد آهن ته پڙهيم.حضرت ابن عمرؓ چيو ته حضرت حفصةؓ صبح جي ٻن رڪعتن جي به روايت ڪئي. مگر کين ڪونه ڏٺو.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ : سَأَلتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ النَّبِيِّ ﷺ ، قَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ رَكْعَتَيْنِ وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْمَغْرِبِ رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْعِشَاءِ رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْفَجْرِ ثِنْتَيْنِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيقؓ کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشهؓ کان رسول اللهﷺجي نماز بابت پڇيم چيائين ته ظهر کان اڳ ٻه رڪعتون بعد ۾ ٻه رڪعتون.مغرب کان بعد ٻه رڪعتون. عشا کان بعد ٻه. ۽ ٻه رڪعتون فجر کان اڳ ۾ پڙهندا هوا.
عَنۡ عَاصِمَ بْنَ ضَمْرَةَ ، يَقُولُ : سَأَلْنَا عَلِيًّا ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنَ النَّهَارِ ، فَقَالَ : إِنَّكُمْ لا تُطِيقُونَ ذَلِكَ ، قَالَ : فَقُلْنَا مِنْ أَطَاقَ ذَلِكَ مِنَّا صَلَّى ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هَهُنَا كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَهُنَا عِنْدَ الْعَصْرِ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، وَإِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هَهُنَا ، كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَهُنَا عِنْدَ الظُّهْرِ صَلَّى أَرْبَعًا ، وَيُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْعَصْرِ أَرْبَعًا ، يَفْصِلُ بَيْنَ كُلِّ رَكْعَتَيْنِ بِالتَّسْلِيمِ عَلَى الْمَلائِكَةِ الْمُقَرَّبِينَ وَالنَّبِيِّينَ ، وَمَنْ تَبِعَهُمْ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُسْلِمِينَ
ترجمو: حضرت عاصم پٽ ضمرة کان روايت آهي چيائين ته حضرت عليؓ کان حضور ﷺ جي ڏينهن جي نماز بابت پڇيوسون. چيائين ته توهين ڪڏهن به ان جي طاقت نه رکندؤ.وري عرض ڪيوسون ته اسان مان جنهن کي طاقت هوندي سو پڙهندو پوءِ چيائين ته جڏهن سج هن طرف يعني اوڀر کان پنهنجي پوري روشنائي ڪندو هو ۽ هن طرف يعني اولهه کان عصر جي وقت ۾ لڙندو آهي ته ٻه رڪعتون پڙهندا هوا ۽ جڏهن سج هن طرف يعني اوڀر ڏانهن هيترو چڙهندو هو ته چار رڪعتون ظهر کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ ٻه رڪعتون پڙهندا هوا ۽ عصر کان اڳ ۾ چار رڪعتون پڙهندا هوا سڀ ڪنهن ٻن رڪعتن جي پٺيان ملائڪن مقربين ۽ نبين ۽ سندن تابعن مومنن ۽ مسلمانن تي سلام چوڻ سان نکيڙ ڪندا هوا.