54ـ باب ماجاء في وفاة رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جي وفات
بابت آيون آهن.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : آخِرُ نَظْرَةٍ نَظَرْتُهَا إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَشْفُ السِّتَارَةِ يَوْمَ الاثْنَيْنِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى وَجْهِهِ كَأَنَّهُ وَرَقَةُ مُصْحَفٍ ، وَالنَّاسُ خَلْفَ أَبِي بَكْرٍ ، فَكَادَ النَّاسُ أَنْ يَضْطَربُوا ، فَأَشَارَ إِلَى النَّاسِ أَنِ اثْبُتُوا ، وَأَبُو بَكْرٍ يَؤُمُّهُمْ وَأَلْقَى السِّجْفَ ، وَتُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ آخِرِ ذَلِكَ الْيَوْمِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪکان رپوايت آهي چيائين ته پوئين نظر سان رسول الله ڏانهن نهاريم جڏهن پاڻ سڳورن سومر ڏينهن پنهنجي حجره جي دريءَ تان پردو هٽيو ته مون سندن منهن مبارڪ ڏسي ورتم ڄڻ ته مصحف جو هڪ سهڻو ورق هو. ماڻهو حضرت ابوبڪرؓ جي پٺيان نماز پيا پڙهن پاڻ اشارو ڪيائون ته ائين قائم رهو ۽ ابوبڪرؓ کين پئي امامت ڪرائي. ۽ پردو ڏيئي ڇڏيائون ۽ انهيءَ ڏينهن شام جو وفات ڪيائون.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ كُنْتُ مُسْنِدَةً النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، إِلَى صَدْرِي أَوْ قَالَتْ : إِلَى حِجْرِي فَدَعَا بِطَسْتٍ لِيَبُولَ فِيهِ ، ثُمَّ بِالَ ، فَمَاتَ ﷺ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور ﷺ کي پنهنجي سيني تي ٽيڪ ڏياريندي هيس يا جهوليءَ ۾. چيائين پوءِ پاڻ سڳون ٿالهي گهرائي ته منجهس پيشاب ڪرڻ فرمائن. پوءِ پيشاب ڪري وفات ڪيائون.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَهُوَ بِالْمَوْتِ وَعِنْدَهُ قَدَحٌ فِيهِ مَاءٌ ، وَهُوَ يُدْخِلُ يَدَهُ فِي الْقَدَحِ ، ثُمَّ يَمْسَحُ وَجْهَهُ بِالْمَاءِ ، ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ أَعِنِّي عَلَى مُنْكَرَاتِ أَوْ قَالَ : عَلَى سَكَرَاتِ الْمَوْتِ
ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته ڏٺم ته رسول الله ﷺ کي وقت سڪرات ڏٺم ته سندن اڳيان پيالو رکيل هو ان ۾ پاڻي هو ۽ پنهنجو هٿ پاڻي ۾ وجهي پنهنجي مبارڪ کي مَکي چون پيا ته اي ڌڻي!موت جي ڏکن تي منهنجي مدد ڪر.يا سڪرات (موت جي بيهوشي) تي مدد ڪر.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ لا أَغْبِطُ أَحَدًا بَهَوْنِ مَوْتٍ بَعْدَ الَّذِي رَأَيْتُ مِنْ شِدَّةِ مَوْتِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مون ڪنهن جي به آسان موت تي رِيس نه ڪندي آهيان ڇاڪاڻ مون حضور جن جي موت جي سختي ڏٺي آهي.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمَّا قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، اخْتَلَفُوا فِي دَفْنِهِ ، فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْئًا مَا نَسِيتُهُ ، قَالَ : مَا قَبَضَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلا فِي الْمَوْضِعِ الَّذِي يُحِبُّ أَنْ يُدْفَنَ فِيهِ ، ادْفِنُوهُ فِي مَوْضِعِ فِرَاشِهٖ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جو روح جڏهن قبض ڪيو ويو ته دفن جي جاءِ ۾ اختلاف ڪيائون.، حضرت ابوبڪرؓ چيو ته م،ان حضور جن کان ٻڌو آهي ان کي نه وساريو اٿم جو حضورﷺفرمايو ته الله تعاليٰ ڪنهن به نبيءَ کي قبض نه ڪيو مگر ان جاءِ ۾ جنهن ۾ ان نبي کي دفن ڪرڻ وڻندو اٿس. هن نبي کي بستري جي جاءِ تي دفن ڪريو.
عَنِ ابۡنِ عَبَأسٍ وَ عَائِشَۃ رضی اللہ عنھما اَنَّ اَبَابَکَرٍقَبَّلَ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم بَعۡدَ مَامَاتَ
ترجمو: حضرت ابن عباسؓ ۽ حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته حضرت ابوبڪرؓ حضور ﷺ کي موت کان پوءِ چمي ڏني.
عَنۡ عَائِشَۃ اَنَّ اَبَابَکَرٍ دَخَلَ عَلَی النَّبِیِّ صلی اللہ علیہ وسلم بَعۡدَ وَفَاتِہٖ فَوَضَعَ نَمَہٌ بَیۡنَ عَیۡنَیۡہِ وَوَ ضَعَ یَدَیۡہِ عَلیٰ سَاعِدَیہ وَ قَالَ وَ اَنۡبِیَّہُ وَ ااَصۡفِیَّاہُ وَا خَلِیۡلَاہُ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضرت ابوبڪر حضور ﷺ جي وفات کانپوءِ مٿانس آيو ۽ پنهنجو وات سندن اکين جي وچ تي رکي ۽ پنهنجن هٿن کي سندن ڪرائين تي رکي چيائين ته هاءِ! اسان جا نبي! هاءِ اسان جا چونڊيل! هاءِ اسان جا دوست!
عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : لَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي دَخَلَ فِيهِ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم الْمَدِينَةَ أَضَاءَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، فَلَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي مَاتَ فِيهِ أَظْلَمَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، وَمَا نَفَضْنَا أَيْدِيَنَا مِنَ التُّرَابِ ، وَإِنَا لَفِي دَفْنِهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى أَنْكَرْنَا قُلُوبَنَا
ترجمو: حضرت انس ؓ کان روايت آهي چيائين ته جڏهن اهو ڏينهن ٿيو جو حضور ﷺ مدينه ۾ آيا ته هر هڪ شيءِ چمڪڻ لڳي. وري جڏهن اهو9 ڏينهن ٿيو جو ان ۾ وفات ڪري ويا ته مدينه ۾ هر ڪا شيءِ ڪاراٽجي وئي. اسان به اڃا سندن قبر مبارڪ جي مٽيءَ ۾ هٿ ئي نه ڇنڊيا هوا بلڪ دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل هواسون ته اسان جون دليون ڦري پريشان ٿي ويون.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ
ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺسومر ڏينهن رحلت ڪئي.
عَنْ جَعْفَرِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ فَمَكَثَ ذَلِكَ الْيَوْمَ وَلَيْلَةَ الثُّلاثَاءِ ، وَدُفِنَ مِنَ اللَّيْلِ ، وَقَالَ سُفْيَانُ : وَقَالَ غَيْرُهُ : يُسْمَعُ صَوْتُ الْمَسَاحِي مِنْ آخِرِ اللَّيْلِ
ترجمو: حضرت امام جعفر پٽ محمد پنهنجي پيءُ امام باقر کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ سومر ڏينهن وفات ڪئي پوءِ اهو ڏينهن رهيا ۽ اڱاري جي رات به. ۽ اربع رات دفن ڪيا ويا. سفيان چيو ته امام جعفر کان سواءِ ٻئي ڪنهن چيو ته رات جي پوئين وقت تائين ڪوڏارين جو ٺهڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ عَوْفٍ ، قَالَ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ ، وَدُفِنَ يَوْمَ الثُّلاثَاءِ
ترجمو: حضرت ابو سلمة پٽ عبدالرحمان پٽ عوف کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ سومر ڏينهن وفات ڪئي ۽ اڱاري ڏينهن دفن ٿيا.
عَنْ سَالِمِ بْنِ عُبَيْدٍ ، وَكَانَتْ لَهُ صُحْبَةٌ ، قَالَ : أُغْمِيَ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي مَرَضِهِ فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ أَنْ يُصَلِّيَ للنَّاسِ أَوْ قَالَ : بِالنَّاسِ ، قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ ، فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : إِنَّ أَبِي رَجُلٌ أَسِيفٌ ، إِذَا قَامَ ذَلِكَ الْمَقَامَ بَكَى فَلا يَسْتَطِيعُ ، فَلَوْ أَمَرْتَ غَيْرَهُ ، قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ فَأَفَاقَ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَإِنَّكُنَّ صَوَاحِبُ أَوْ صَوَاحِبَاتُ يُوسُفَ ، قَالَ : فَأُمِرَ بِلالٌ فَأَذَّنَ ، وَأُمِرَ أَبُو بَكْرٍ فَصَلَّى بِالنَّاسِ ، ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَجَدَ خِفَّةً ، فَقَالَ : انْظُرُوا لِي مَنْ أَتَّكِئِ عَلَيْهِ ، فَجَاءَتْ بَرِيرَةُ ، وَرَجُلٌ آخَرُ ، فَاتَّكَأَ عَلَيْهِمَا فَلَمَّا رَآهُ أَبُو بَكْرٍ ذَهَبَ لِينْكُصَ فَأَوْمَأَ إِلَيْهِ أَنْ يَثْبُتَ مَكَانَهُ ، حَتَّى قَضَى أَبُو بَكْرٍ صَلاتَهُ .
ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم قُبِضَ ، فَقَالَ عُمَرُ : وَاللَّهِ لا أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قُبِضَ إِلا ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا ، قَالَ : وَكَانَ النَّاسُ أُمِّيِّينَ لَمْ يَكُنْ فِيهِمْ نَبِيٌّ قَبْلَهُ ، فَأَمْسَكَ النَّاسُ ، فَقَالُوا : يَا سَالِمُ ، انْطَلِقْ إِلَى صَاحِبِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَادْعُهُ ، فَأَتَيْتُ أَبَا بَكْرٍ وَهُوَ فِي الْمَسْجِدِ فَأَتَيْتُهُ أَبْكِي دَهِشًا ، فَلَمَّا رَآنِي ، قَالَ : أَقُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قُلْتُ : إِنَّ عُمَرَ ، يَقُولُ : لا أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم قُبِضَ إِلا ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا ، فَقَالَ لِي : انْطَلِقْ ، فَانْطَلَقْتُ مَعَهُ ، فَجَاءَ هُوَ وَالنَّاسُ قَدْ دَخَلُوا عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : يَا أَيُّهَا النَّاسُ ، أَفْرِجُوا لِي ، فَأَفْرَجُوا لَهُ فَجَاءَ حَتَّى أَكَبَّ عَلَيْهِ وَمَسَّهُ ، فَقَالَ : إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُمْ مَيِّتُونَ ، ثُمَّ قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَقُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : نَعَمْ ، فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَيُصَلَّى عَلَى رَسُولِ اللهِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : وَكَيْفَ ؟ قَالَ : يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ ، وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، ثُمَّ يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، حَتَّى يَدْخُلَ النَّاسُ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَيُدْفَنُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : أَينَ ؟ قَالَ : فِي الْمكَانِ الَّذِي قَبَضَ اللَّهُ فِيهِ رُوحَهُ ، فَإِنَّ اللَّهَ لَمْ يَقْبِضْ رُوحَهُ إِلا فِي مَكَانٍ طَيِّبٍ فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، ثُمَّ أَمَرَهُمْ أَنْ يَغْسِلَهُ بَنُو أَبِيهِ ، وَاجْتَمَعَ الْمُهَاجِرُونَ يَتَشَاوَرُونَ ، فَقَالُوا : انْطَلِقْ بِنَا إِلَى إِخْوانِنَا مِنَ الأَنْصَارِ نُدْخِلُهُمْ مَعَنَا فِي هَذَا الأَمْرِ ، فَقَالَتِ الأَنْصَارُ مِنَّا أَمِيرٌ وَمِنْكُمْ أَمِيرٌ ، فَقَالَ عُمَرُ بْنُ الْخَطَّابِ مَنْ لَهُ مِثْلُ هَذِهِ الثَّلاثِ ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ إِذْ يَقُولُ لِصَاحِبِهِ لا تَحْزَنْ إِنَّ اللَّهَ مَعَنَا مَنْ هُمَا ؟ قَالَ : ثُمَّ بَسَطَ يَدَهُ فَبَايَعَهُ وَبَايَعَهُ النَّاسُ بَيْعَةً حَسَنَةً جَمِيلَةً
ترجمو: حضرت سالم پٽ عبيد جنهن کي حضور جن جي صحبت حاصل آهي چيو ته رسول الله ﷺ بيماري ۾ بيهوش ٿيا ته سڌير ٿيا. پڇيائون ته نماز جو وقت ٿيو آهي چيائون ته هائو. فرمايائون ته بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ حضرت ابوبڪر ؓ کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. وري بيهوش ٿي ويا. وري سڌير ٿيا ته فرمايائون ته نماز جو وقت ٿيو آهي؟ چيائون ته هائو.فرمايائون ته بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابوبڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. تنهن تي عائشه ؓ چيو ته منهنجو پيءُ نرم دل آهي. جڏهن ان جاءِ تي بيهندو ته روئندو. نماز نه پڙهائي سگهندو تنهنڪري ڪنهن ٻئي کي حڪم ڪريو. راوي چيو ته وري بيهوش ٿي ويا وري سڌير ٿيا ته فرمايائون بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابوبڪرؓ کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. توهان ته يوسف عيله السلام جي سنگتياڻين وانگر آهيو. راوي چيو ته پوءِ بلال کي حڪم ٿيو ته بانگ چيائين ۽ ابوبڪرؓ کي چيو ويوته ان به نماز پڙهائي پوءِ حضور ﷺ کي ڪجهه هلڪائي معلوم ٿي ته فرمايائون ته اهڙو ڪو جنهن تي آءٌ ٽيڪ ڏيئي مسجد ڏي وڃان پوءِ عائشهؓ جو آزاد ٿيل ٻانهو بريرة ۽ هڪ ٻيو مڙس آيو. پوءِ انهن تي ٽيڪ ڏيئي هليا. جڏهن ابوبڪرؓ کين ايندو ڏٺو ته هٽڻ لڳو. تنهن تي کيس نهنجي جاءِ تي بيهڻ جو اشارو ڪيو پوءِ ابوبڪرؓ نماز پوري ڪئي تنهن کانپوءِ رسول الله ﷺ وفات ڪئي. پوءِ حضرت عمر چيو ته خدا جو قسم آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي مرڻ جي ڳالهه ڪندو ته ان کي مان پنهنجي ترار هڻندس. راوي چيو ته ماڻهو اڻ ڄاڻ هوا ۽ منجهن نبي عليه السلام به ڪون هو تنهنڪري ماڻهو جھلجي پيا پوءِ سالم کي چيائون ته رسول الله ﷺ جي سنگتي (ابوبڪرؓ) کي سڏي اچ. مان ان ڏي آيس جو مسجد ۾ ويٺو هو. وٽس پريشاني ڪري روئندو آيس. جڏهن مونکي ڏٺائين ته پڇيائين ته رسول الله ﷺ رضا ڪري ويا ڇا؟ چيم ته عمر فاروق ٿو چوي ته ڪنهن کي به حضور جن جي وفات جي ڳالهه ڪندي ٻڌم ته ان کي هن ترار سان ماريندس. پوءِ چيائين ته هل پوءِ ساڻس گڏيو آيس. پوءِ آيو ته ماڻهو رسول الله ﷺ وٽ وڃي پهتا هوا. چيائين ته اي ماڻهو! منهنجي لاءِ دڳ ڇڏيو پوءِ دڳ ڏنائون. پوءِ آيو. ۽ مٿن جھُڪي پيو ۽ سندن بدن مبارڪ کي هٿ پيو لائي پوءِ چيائين ته تون پڪ مري ويل آهين ۽ اهي اڳيان نبي به مئل آهن. ماڻهن پڇيس ته اي رسول الله جا سنگتي! رسول الله ﷺ مري ويو ڇا؟ س چيائين ته هائو. پوءِ ڄاتائون ته سچ چيائين. چيائون ته اي رسول الله ﷺ جا سنگتي! رسول الله ﷺ تي نماز جنازه پڙهون ڇا؟ چيائين ته هائو! چيائون ته سوڙهي جاءِ ۾ ڪيئن پڙهون. چيائين ته هڪ جماعت اندر وڃي. تڪبيران چون دعائون گهرن ۽ صلواة پڙهن. پوءِ نڪري اچن. پوءِ ٻي جماعت اندر وڃي. تڪبيرون چون صلواة پڙهن دعائون گهرن پوءِ ٻاهر نڪرن. تانجو ائين سڀ ماڻهو اندر وڃن. وري چيائون ته اي رسول الله ﷺ جا سنگتي! رسول الله ﷺ کي دفن ڪبو ڇا؟ چيائين ته هائو چيائون ته ڪٿي؟ چيائين ته جنهن جاءِ ۾ سندن روح مبارڪ قبض ٿيل آهي. ڇو ته الله تعاليٰ سندن روح مبارڪ کي نه قبض ڪيو آهي مگر چڱي جاءِ ۾.پوءِ ڄاتائون ته پڪ سچ چيائين. پوءِ حڪم ڪيائين ته ڏاڏي پوٽا تڙ ڏين هوڏانهن خلافت جي باري ۾ مهاجر گڏ ٿي مشوره ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته اسان سان خلافت جي ڪم ۾ انصارن ڀائرن ڏانهن هل ته انهن کي به خلافت جي ڪم ۾ پاڻ سان گڏيون. پوءِ انصارن چيو ته هڪ امير اسان مان ۽ هڪ امير توهان مان. حضريت عمرؓ چيو ته هن آيت جون ٽي ڪماليتون ڪنهن کي آهن. ٻن ۾ ٻيو هو.غار ثور ۾ ٻئي گڏ هوا. جڏهن حضور جن پنهنجي سنگتي کي چيو ته غم نه ڪر خدا اسان سان آهي. پڇيائين ته اهي ٻه ڪير هوا راوي چيو ته پوءِ هٿ ڊگهيري بيعت ڪيائين ٻين به سندس بيعت ڪئي جا جهيڙي بنا چڱي ۽ سهڻي ٿي چڪي.
397عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمَّا وَجَدَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ كُرَبِ الْمَوْتِ مَا وَجَدَ ، قَالَتْ فَاطِمَةُ : وَاكَرْبَاهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لا كَرْبَ عَلَى أَبِيكِ بَعْدَ الْيَوْمِ ، إِنَّهُ قَدْ حَضَرَ مِنْ أَبِيكِ مَا لَيْسَ بِتَارِكٍ مِنْهُ أَحَدًا الْمُوافَاةُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ
ترجمو:حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله کي موت جي سخت تڪليف ٿي ته حضرت فاطمةؓ چيو ته هاءِ تڪليف! تنهن تي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اڄ کان پوءِ تنهنجي پيءُ يعني مون تي ڪابه تڪليف اچڻي نه آهي.پڪ تنهنجي پيءُ يعني مون تي اها شيءِ اچي وئي آهي جا ڪنهن کي ب نه ڇڏيندي. هاڻي قيامت ۾ پيا ملنداسون.
عَنِ ابْنَ عَبَّاسٍ أَنَّهُ سَمِعَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : مَنْ كَانَ لَهُ فَرَطَانِ مِنْ أُمَّتِي أَدْخَلَهُ اللَّهُ تَعَالَى بِهِمَا الْجَنَّةَ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : فَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : وَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ يَا مُوَفَّقَةُ قَالَتْ : فَمَنْ لَمْ يَكُنْ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : فَأَنَا فَرَطٌ لأُمَّتِي ، لَنْ يُصَابُوا بِمِثْلِي
ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي ته هن حضور ﷺ کان چوندي ٻڌو ته جنهن کي منهنجي امت مان ٻه فرط( نابالغ مئل ٻار) هجن ته ان کي الله تعاليٰ بهشت ۾ داخل ڪندو. تنهن تي عائشهؓ چيو ته تنهنجي امت مان جنهن کي هڪ فرط هجي ته. فرمايائون ته اي سنگتياڻي! هڪ فرط واري کي به. چيائين ته جنهن کي تنهنجي امت مان هڪ فرط به نه هجي. فرمايائون ته پنهنجي امت جو فرط آءُ آهيان ڇو ته کين مون جهڙي پياري جهڙي تي مصيبت نه پهچندي.