41ـ باب صلاة الضحى
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ ضحيٰ نماز جو بيان آهي
عَنْ يَزِيدَ الرِّشْكِ ، قَالَ : سَمِعْتُ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ : أَكَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي الضُّحَى؟ قَالَتْ : نَعَمْ ، أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ ، وَيَزِيدُ مَا شَاءَ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ
ترجمو: حضرت يزيد پٽ رشڪ کان روايت آهي چيائين ته حضرت معاذة کان ٻڌم چيائين ته مون حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ته حضور ﷺ ضحيٰ نماز پڙهندا هوا. چيائين ته هائو. چار. پر جي ڌڻي گهري ته وڌيڪ به پڙهندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي الضُّحَى سِتَّ رَكَعَاتٍ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ضحيٰ جي نماز ڇهه رڪعتون پڙهندا هوا.
عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي لَيْلَى ، قَالَ : مَا أَخْبَرَنِي أَحَدٌ ، أَنَّهُ رَأَى النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي الضُّحَى إِلا أُمُّ هَانِئٍ ، فَإِنَّهَا حَدَّثَتْ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ بَيْتَهَا يَوْمَ فَتْحِ مَكَّةَ فَاغْتَسَلَ فَسَبَّحَ ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ مَا رَأَيْتُهُ صلى الله عليه وسلم ، صَلَّى صَلاةً قَطُّ أَخَفَّ مِنْهَا ، غَيْرَ أَنَّهُ كَانَ يُتِمُّ الرُّكُوعَ وَالسُّجُودَ
ترجمو: حضرت عبدالرحمان پٽ ابو ليليٰ کان روايت آهي چيائين ته مونکي ڪنهن ماڻهوءَ خبر ڏني ته حضرت اما هانيؓ حضور ﷺکي ضحيٰ نماز پڙهندي ڏٺو جنهن بيان ڪيو ته حضور ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن منهنجي گهر آيا پوءِ تڙ ڪيائون ۽ اٺ رڪعتون پڙهيائون جو مان ڪڏهن به اهڙي هلڪي نماز پڙهندي نه ڏٺو.هن کان سواءِ جو رڪوع ۽ سجدو پوري طرح (جهلي جهلي) پئي ڪيائون.
عن عبد الله بن شقيق قال قلت لعائشة : أكان النبي صلى الله عليه وسلم يصلي الضحى ؟ قالت :لا إلا يجىء من مغيبه
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيق کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيم ته حضور ﷺ ضحيٰ نماز پڙهندا هوا. چيائين ته نه. مگر جڏهن سفر کان ايندا هوا.
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي الضُّحَى حَتَّى نَقُولَ : لا يَدَعُهَا ، وَيَدَعُهَا حَتَّى نَقُولَ : لا يُصَلِّيهَا
ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ بعضي سانده ضحيٰ پڙهندا هوا جو چوندا هواسون ته انکي نه ڇڏيندا بعضي ڇڏي ڏيندا هوا ته چوندا هواسون ته ان کي نه پڙهندا.
عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُدْمِنُ أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّكَ تُدْمِنُ هَذِهِ الأَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ ، فَقَالَ : إِنَّ أَبْوَابَ السَّمَاءِ تُفْتَحُ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ فَلا تُرْتَجُ حَتَّى تُصَلَّى الظُّهْرُ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِي تِلْكَ السَّاعَةِ خَيْرٌ ، قُلْتُ : أَفِي كُلِّهِنَّ قِرَاءَةٌ ؟ قَالَ : نَعَمْ قُلْتُ : هَلْ فِيهِنَّ تَسْلِيمٌ فَاصِلٌ ؟ قَالَ : لا
ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاريؓ کان روايت آهي ته حضورﷺسج لڙڻ وقت چار رڪعتون پڙهندا هوا. مون عرض ڪيو ته يا رسول الله! توهان هن تي هميشگي ڪندا آهيو فرمايائون ته سج لڙڻ وقت آسمان جا دروازا پڪ کلي ويندا آهن. پوءِ بند نه ٿينداآهن جيسيتائين ظهر جي نماز پڙهجي. جنهن تي منهنجي دل گهرندي آهي ته ان وقت ۾ منهنجي وڏي نيڪي چڙهي يعني ڌڻيءَ جي حضور ۾ وڃي. وري عرض ڪيم ته سندن هر هڪ رڪعت ۾ قراة پڙهبي آهي. فرمايائون ته هائو. عرض ڪيم ته ٻن ٻن رڪعتن تي سلام سنڌو ڪبو ڇا؟ فرمايائون ته نه.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ السَّائِبِ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّي أَرْبَعًا بَعْدَ أَنْ تَزُولَ الشَّمْسُ قَبْلَ الظُّهْرِ وَقَالَ : إِنَّهَا سَاعَةٌ تُفْتَحُ فِيهَا أَبْوَابُ السَّمَاءِ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِيهَا عَمَلٌ صَالِحٌ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ سائب کان روايت آهي ته حضور ﷺ ظهر نماز کان اڳ سج لڙڻ کانپوءِ چار رڪعتون نماز پڙهندا هوا ۽ فرمايائون ته پڪ انهي گهڙي ۾ آسمان جا دروازا کوليا ويندا پوءِ دل گهرندي اٿم ته منهنجو ڪو صالح عمل ان گهڙيءَ ۾ منهنجي لاءِ چڙهي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ وڃي.
عَنْ عَلِيٍّ ، أَنَّهُ كَانَ يُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَذَكَرَ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّيهَا عِنْدَ الزَّوَالِ وَيَمُدُّ فِيهَا
ترجمو: حضرت علي کان روايت آهي ته هو پاڻ چار رڪعتون ظهر کان اڳ پڙهندو هو ۽ چيائين ته حضورﷺزوال وقت اها نماز پڙهندا هوا ۽ ان کي گهڻو ڊگهو ڪندا هوا.