مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

51ـ باب ماجاء في اسماء رسول الله صلى الله عليه وسلم

51ـ باب ماجاء في اسماء رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسولِ خدا جي نالن ۽ لقبن
۾ آيون آهن
عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ جُبَيْرِ بْنِ مُطْعِمٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ لِي أَسْمَاءً ، أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا الْمَاحِي الَّذِي يَمْحُو اللَّهُ بِيَ الْكُفْرَ ، وَأَنَا الْحَاشِرُ الَّذِي يُحْشَرُ النَّاسُ عَلَى قَدَمِي ، وَأَنَا الْعَاقِبُ الَّذِي لَيْسَ بَعْدَهُ نَبِيٌّ
ترجمو: حضرت محمد پٽ جبير پٽ مطعمؓ پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته منهنجو نالو ﷴ آهي ۽ احمد به. منهنجو لقب ماحِي يعني مٽائيندڙ آهي. جو الله تعاليٰ مون سان ڪفر کي مِٽائيندو ۽ منهنجو لقب حاشر يعني گڏ ڪندڙ به آهي جو حشر ڏينهن ماڻهو منهنجي قدمن تي اٿاريا ويندا. منهنجو لقب عاقب يعني سڀ کان پويون آهي جنهن کانپوءِ نبي نه آهي.
عَنْ حُذَيْفَةَ ، قَالَ : لَقِيتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، فِي بَعْضِ طُرُقِ الْمَدِينَةِ ، فَقَالَ : أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا نَبِيُّ الرَّحْمَةِ ، وَنَبِيُّ التَّوْبَةِ ، وَأَنَا الْمُقَفَّى ، وَأَنَا الْحَاشِرُ ، وَنَبِيُّ الْمَلاحِمِ
ترجمو: حضرت حُذيفة ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ سان مدينه جي ڪنهن رستي ۾ مليس پوءِ فرمايائون ته آءٌ ﷴ آهيان ۽ احمد به. ۽ نبيءِ رحمت به. ۽ نبي توبه جو به.۽ مان سڀ نبي نبين کان پوءِ ايندڙ ۽ گڏ ڪندڙ ۽ خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪندڙ به آهيان.