باب 9. رسول الله ﷺ جي گذران جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي گذران
جي باري ۾ آيون آهن.
عن محمد بن سيرين ، قال كُنَّا عِنْدَ أَبِى هُرَيْرَةَ رضي الله عنه وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ مُمَشَّقَانِ مِنْ كَتَّان فَتَمَخَّطَ في أحدهما . فَقَالَ أَبُو هُرَيْرَةَ : بَخْ بَخْ يَتَمَخَّطُ أَبُو هُرَيْرَةَ فِى الْكَتَّانِ . لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّى لأَخِرُّ فِيمَا بَيْنَ مِنْبَرِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم وحُجْرَةِ عَائِشَةَ رضي الله عنها مَغْشِيًّا عَلَيَّّ ، فَيَجِىءُ الْجَانِى فَيَضَعُ رِجْلَهُ عَلَى عُنُقِى ، يُرَى أَنّ بِي جْنُونٌا ، وَمَا بِي جُنُونٍ ، ومَا هو إِلاَّ الْجُوعُ
ترجمو:حضرت محمد پٽ سيرين کان روايت آهي چيائين ته اسين حضرت ابو هريره وٽ هواسون ته مٿن ٻه ڪپڙا سلڪ جا رڱيل هوا ان ۾ پنهنجو نڪ صاف ڪيائون پوءِ فرمايائون ته افسوس جو ابو هريره (هن وقت) سلڪ ۾پنهنجو نڪ صاف ڪري ٿو (فرمايائين) ضرور ڏٺ مان پاڻ کي جو سچ پچ مان رسول الله ﷺ جي حجري ۽ حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها جي حجري جي وچ ۾ بيهوش ڪريو پيو هوندو هوس پوءِ مون تان لانگهائو لنگهيندي خيال ڪندا هوا ته مونکي چريائي آهي ۽ منهنجي ڪنڌ تي پير رکندا هوا ۽ حالانڪه مان چريو ڪون هوس مونکي رڳو بک چريو ڪندي هئي.
عن مالك بن دينار قال مَا شَبِعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ خُبْزٍ قَط ، وَلَحم إِلاَّ عَلى ضفَفَ قال مالك بن دينار سألت رجلا من أهل البادية : ما الضفف ؟ فقال: أن يتناول مع الناس
ترجمو: حضرت مالڪ بن دينار کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ ماني مان ڪڏهن به ڍؤ ڪري نه کاڌو ۽ نه گوشت سان مگر ضعف جي حالت ۾. مالڪ چيو ته ٻاهراڙيءَ جي هڪ مرد کان پڇيم ته ضعف جي معنيٰ ڇا آهي چيائين ته ماڻهن سان ڇڏجي کائڻ.