مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 3. حضرت رسول الله ﷺ جي وارن جي بيان ۾

3- باب ما جاء في شعر رسول الله صلى الله عليه وسلم
انهن حديثن جي بيان ۾ جي حضرت رسول الله ﷺ جي
وارن جي بيان ۾ آيون آهن.
عَنْ أنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى نِصْفِ أُذُنَيْهِ
ترجمو: حضرت اَنَس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي جو چيائين ته رسول الله ﷺ جا وار مبارڪ اڌ ڪنن تائين هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ كُنْتُ أَغْتَسِلُ أَنَا وَرَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ إِنَاءٍ وَاحِدٍ ، وَكَانَ لَهُ شَعَرٌ فَوْقَ الْجُمَّةِ ، وَدُونَ الْوَفْرَةِ
ترجمو:حضرت عائشه ؓ چيو ته مان ۽ رسول اللهﷺهڪ ٿانوَ مان تڙ ڪندا هواسون سندن وار مبارڪ ڪلهن کان مٿي هوندا هوا۽ڪڏهن ڪلهن تي پهچندا هوا.
عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَرْبُوعًا ، بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمِنْكَبَيْنِ ، وَكَانَتْ جُمَّتُهُ تَضْرِبُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ
ترجمو: حضرت براءَ پٽ عازب ﷦ چيو ته حضور جن عليه السلام درميانه قد هوا ۽ موڪري سيني هوا ۽ سندن وار مبارڪ ڪلهن ۾ پاپڙين تائين هوندا هوا.
عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسٍ : كَيْفَ كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ ، وَلا بِالسَّبْطِ ، كَانَ يَبْلُغُ شَعَرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ
ترجمو: حضرت قتادة ﷦ چيو ته مون حضرت انس ﷦ کي عرض ڪيو ته حضور جن جا وار ڪيئن هوا؟ چيائين ته سندن وار مبارڪ نه تمام گهنجڙي دار هوا ۽ نه تمام سڌا هوا. ۽ سندن وار مبارڪ ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندا هوا.
عَنْ أُمِّ هَانِئٍ بِنْتِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَتْ : قَدِمَ رَسُولُ اللهِ ﷺ مَكَّةَ قَدْمَةً ، وَلَهُ أَرْبَعُ غَدَائِرَ
ترجمو: حضرت ام هاني رضي الله عنها ابو طالب جي نياڻي چيو ته اسان وٽ رسول الله ﷺ هڪ دفعه مڪه ۾ آيو ته سندن وار چار حصا هوا.
عَنْ أنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى نِصْفِ أُذُنَيْهِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي جو چيائين ته رسول اللهﷺ جا وار مبارڪ اڌ ڪنن تائين هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضی اللہ عنھما أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُسْدِلُ شَعَرَهُ ، حَدَّثَنَا عَبْدُ اللهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ يُونُسَ بْنِ يَزِيدَ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، قَالَ حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللهِ بْوَكَانَ الْمُشْرِكُونَ يَفْرِقُونَ رُؤُوسَهُمْ ، وَكَانَ أَهْلُ الْكِتَابِ يُسْدِلُونَ رُؤُوسَهُمْ ، وَكَانَ يُحِبُّ مُوَافَقَةَ أَهْلِ الْكِتَابِ فِيمَا لَمْ يُؤْمَرْ فِيهِ بِشَيْءٍ ، ثُمَّ فَرَقَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم رَأْسَهُ
ترجمو: حضرت عباس رضي الله عنهما چيو ته رسول الله ﷺ پنهنجن وارن کي ڇڏي ڏيندا هوا ۽ مشرڪ مٿي ۾ سينڌ ڪڍندا هوا. ۽ اهل ڪتاب بغير سينڌ جي ڇڏي ڏيندا هوا ۽ حصور جن اهل ڪتاب جي موافقت کي پيارو گهرندا هوا. انهن ڳالهين ۾ جن ۾ خدا طرفان ڪو حڪم آيل نه هوندو هو ان کان پوءِ حضور جن مٿي جي وپارن جي سينڌ ڪڍندا هوا.
عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَا ضَفَائِرَ أَرْبَعٍ
ترجمو: حضرت ام هاني رضي عنها چيو ته مان حضور جن جا وار چار حصا ٿيل ڏٺم.