33 ـ باب ما جاء في تعطررسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي سرهاڻ
ڪرڻ ۾ آيون آهن
عَنْ مُوسَى بْنِ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ لِرَسُولِ اللهِ ﷺ سُكَّةٌ يَتَطَيَّبُ مِنْهَا
ترجمو: حضرت موسيٰ پنهنجي پيءُ انس بن مالڪؓ کان روايت ڪئي ته حضورﷺ وٽ خوشبوءِ رکيل هئي جنهن مان سرهاڻ مکيندا هوا.
عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، لا يَرُدُّ الطِّيبَ ، وَقَالَ أَنَسٌ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ لا يَرُدُّ الطِّيبَ
حضرت ثمامة پٽ عبدالله کان روايت آهي چيائين ته حضرت انس پٽ مالڪ ؓ جو سرهاڻ نه موٽائيندو هو. ۽ چوندو هو ته حضورﷺ به سرهي شيءِ نه موٽائيندا هوا.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : ثَلاثٌ لا تُرَدُّ : الْوَسَائِدُ ، وَالدُّهْنُ ، وَاللَّبَنُ
ترجمو: حضرت ابن عمرؓ کان روايت آهي.چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته ٽي شيون نه موٽائجن 1. وهاڻو 2. سرهو تيل 3. کير
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : طِيبُ الرِّجَالِ مَا ظَهَرَ رِيحُهُ ، وَخَفِيَ لَوْنُهُ ، وَطِيبُ النِّسَاءِ مَا ظَهَرَ لَوْنُهُ وَخَفِيَ رِيحُهُ
ترجمو: حضرت ابو هريره کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مڙسن لاءِ سرهاڻ اها آهي جنهن مان هٻڪار اٿي ۽ رنگ نه هجيس ۽ زالن لاءِ جنهن جو رنگ ڏيکارجي ۽بانس نه هجي. (جيئن ميندي مساڳ)
عَنْ أَبِي عُثْمَانَ النَّهْدِيِّ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِذَا أُعْطِيَ أَحَدُكُمُ الرَّيْحَانَ فَلا يَرُدُّهُ ، فَإِنَّهُ خَرَجَ مِنَ الْجَنَّةِ
ترجمو: حضرت ابو عثمان نهدي چيو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته توهان مان ڪنهن کي نازبوءِ ( يا ٻي ڪا سُرهي شيءِ) ملي ته نه موٽائي. ڇو ته اها بهشت مان آئي آهي.
عن جرير بن عبد الله قَالَ :عرضت بين يدى عمر بن الخطاب ، فألقى جرير رداءه ، ومشى في إزار ، فقال له : خذ رداءك ، فقال للقوم : ما رأيت رجلاً أحسن صورة من جرير ، إلا ما بلغنا من صورة يوسف عليه السلام .
ترجمو: حضرت جرير پٽ عبدالله چيو ته مونکي حضرت عمرپٽ خطاب جي اڳيان آندو ويو.راويصءَ چيو ته حضرت جرير چادر ڇڏي گوڏ ۾ هليو. حضرت عمر چيس ته پنهنجي چادر وٺ. پوءِ حضرت عمر ڪچهري وارن کي چيو ته جرير کان سهڻو ڪونه ڏٺم مگر جو قرآن شريف ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي سونهن جي خبر ملي اٿون.