باب 15. رسول الله ﷺ جي زرهه جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي زرهه جي
باري ۾ آيون آهن
عَنِ الزُّبَيْرِ بْنِ الْعَوَّامِ ، قَالَ : كَانَ عَلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، فَنَهَضَ إِلَى الصَّخْرَةِ فَلَمْ يَسْتَطِعْ ، فَأَقْعَدَ طَلْحَةَ تَحْتَهُ ، وَصَعِدَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم حَتَّى اسْتَوَى عَلَى الصَّخْرَةِ ، قَالَ : سَمِعْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : أَوْجَبَ طَلْحَةُ
ترجمو: حضرت زبير پٽ عوام کان روايت آهي چيائين رسول الله ﷺ جي بدن تي اُحد جي ڏينهن ٻه زرهون هيون پوءِ هڪ وڏي جبل تي چڙهڻ لڳا پر چڙهي نه سگهيا.پوءِ حضرت طلحة کي پنهنجي هيٺان ويهاري پاڻ مٿس چڙهي جبل تي چڙهي ويا راويءَ چيو ته حضور ﷺ کان ٻڌو جو فرمايائون ته طلحہ پنهنجي لاءِ بهشت کٽيو.
عَنِ السَّائِب بْنِ يَزِيدَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ ﷺ ، كَانَ عَلَيْهِ يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، قَدْ ظَاهَرَ بَيْنَهُمَا
ترجمو: حضرت سائب پٽ يزيد کان روايت آهي ته حضور رسول اللهﷺ جي بدن مبارڪ تي اُحد جي ڏينهن ٻه زرهون هڪ ٻئي تي چڙهيل هيون.