32 ـ باب ما جاء في شرب رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي پيئڻ جي طرز
۾ آيون آهن.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، شَرِبَ مِنْ زَمْزَمَ ، وَهُوَ قَائِمٌ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته نبي ﷺ زمزم جو پاڻي بيهي پيتو.
عَنْ عَمْرِو بْنِ شُعَيْبٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَشْرَبُ قَائِمًا ، وَقَاعِدًا
ترجمو: حضرت عمرو پٽ شعيبؓ پنهنجي پيءُ جي ذريعي پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ بيهي ۽ ويهي پاڻي پيئندا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : سَقَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ زَمْزَمَ ، فَشَرِبَ ، وَهُوَ قَائِمٌ
ترجمو:حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي زمزم پياريم ته پاڻ سڳورا بيٺا هوا.
عَنِ النَّزَّالِ بْنِ سَبْرَةَ ، قَالَ : أَتَى عَلِيٌّ ، بِكُوزٍ مِنْ مَاءٍ ، وَهُوَ فِي الرَّحْبَةِ ، فَأَخَذَ مِنْهُ كَفًّا ، فَغَسَلَ يَدَيْهِ ، وَمَضْمَضَ ، وَاسْتَنْشَقَ ، وَمَسَحَ وَجْهَهُ وَذِرَاعَيْهِ وَرَأْسَهُ ، ثُمَّ شَرِبَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ قَالَ : هَذَا وُضُوءُ مَنْ لَمْ يُحْدِثْ ، هَكَذَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَعَلَ
ترجمو: حضرت نزال پٽ سبرة کان روايت آهي چيائين ته حضرت علي ڪرم الله وجه دارالقضا ۾ ويٺو هو وٽس پاڻيءَ جوڪؤنرو آندو ويو. پوءِ لپ ڀري ٻئي هٿ ڌوئي گرڙيون ڪري ۽ نڪ کي پاڻي ڏيئي منهن ۽ ٻانهن ۽ مٿي کي مکي پوءِ باقي پاڻي بيهي پيتائون.پوءِ فرمائڻ لڳا ته هي ان ماڻهوءَ جو وضو آهي جنهن جو وضو نه ڀڳو هجي. ۽ ائين ڪندو حضور ﷺکي ڏٺم.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم : كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا إِذَا شَرِبَ ، وَيَقُولُ : هُوَ أَمْرَأُ ، وَأَرْوَى
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته نبي ﷺ جڏهن ڪجهه پيئندا هوا ته ٽي ڀيرا وات ڪڍي ٿانوَ ۾ ساهه کڻندا هوا ۽ فرمائيندا هوا ته هي هاضمه وڌائي ٿو ۽ ڍؤ ڪرائي ٿو.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا شَرِبَ ، تَنَفَّسَ مَرَّتَيْنِ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته حضور ﷺ ڪجهه پيئندا هوا ته ڪڏهن ٻه ڀيرا ساهه کڻندا هوا.
عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي عَمْرَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ كَبْشَةِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم فَشَرِبَ مِنْ قِرْبَةٍ مُعَلَّقَةٍ قَائِمًا ، فَقُمْتُ إِلَى فِيهَا فَقَطَعْتُهُ
ترجمو: حضرت عبدالرحمان پٽ ابو عمرةؓ پنهنجي ڏاڏي ڪبشہ کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ وٽس تشريف فرما ٿيا پوءِ بيهي ٽنگيل کليءَ جي منهن مان پاڻي پيتائون پوءِ مان اٿي کليءَ جي منهن کي (برڪت لاءِ) ڪپي رکيم.
عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا ، وَزَعَمَ أَنَسٌ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا
ترجمو: حضرت ثمامة پٽ عبداللهؓ کان روايت آهي چيائين ته حضرت انس پٽ مالڪؓ جو ٽي ڀيرا ٿانوَ ۾ ساهه کڻندو هو حضرت انس کي پڪ هئي ته حضور ﷺ ٿانءُ وات کان پري ڪري ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ عَلَى أُمِّ سُلَيْمٍ ، وَقِرْبَةٌ مُعَلَّقَةٌ ، فَشَرِبَ مِنْ فَمِ الْقِرْبَةِ وَهُوَ قَائِمٌ ، فَقَامَتْ أُمُّ سُلَيْمٍ إِلَى رَأْسِ الْقِرْبَةِ فَقَطَعَتْهَا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضورﷺ حضرت ام سليم وٽ تشريف فرما ٿيا اتي هڪ کلي ٽنگيل هئي پاڻ ان کليءَ جو منهن کولي بيٺڙ پيتائون. پوءِ ام سليم (برڪت لاءِ) کليءَ جو منهن ڪپي رکيو.
عَنْ عَائِشَةَ بِنْتِ سَعْدِ بْنِ أَبِي وَقَّاصٍ ، عَنِ أَبِيهَا ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَشْرَبُ قَائِمًا .
ترجمو: حضرت عائشهؓ پنهنجي پيءُ سعد بن ابي وقاصؓ کان روايت ڪئي ته حضورﷺ بعضي بيهي پيئندا هوا.