35 ـ باب ما جاء في ضحك رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺجي کِلڻ جي
باري ۾ آيون آهن.
عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : كَانَ فِي سَاقَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حُمُوشَةٌ ، وَكَانَ لا يَضْحَكُ إِلا تَبَسُّمًا ، فَكُنْتُ إِذَا نَظَرْتُ إِلَيْهِ ، قُلْتُ : أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ ، وَلَيْسَ بِأَكْحَلَ
ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جون پنيون مبارڪ سنهيون هيون ۽ مرڪڻ کان سواءِ نه کلندا هوا. جڏهن ڏانهنِ ڏسندو هوس ته کين سرمو پيل ڀائيندو هوس پر سرمو پاتلَ نه هوندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ بْنِ جَزْءٍ ، أقَالَ مَا رَأَيْتُ أَحَدًا أَكْثَرَ تَبَسُّمًا مِنْ رَسُولِ اللهِ ﷺ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ حارث پٽ جزء روايت ڪئي چيائين ته مان حضورﷺ کان گهڻو مرڪڻو ڪنهن کي نه ڏٺم.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ ، قَالَ : مَا كَانَ ضَحِكُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلا تَبَسُّمًا .
ترجمو:حضرت عبدالله پٽ حارثؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ کي مرڪڻ کانسواءِ کِل نه هئي.
عَنْ أَبِي ذَرٍّ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنِّي لأَعْلَمُ أَوَّلَ رَجُلٍ يَدْخُلُ الْجَنَّةَ ، وَآخَرَ رَجُلٍ يَخْرُجُ مِنَ النَّارِ ، يُؤْتَى بِالرَّجُلِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ، فَيُقَالُ : اعْرِضُوا عَلَيْهِ صِغَارَ ذُنُوبِهِ وَيُخَبَّأُ عَنْهُ كِبَارُهَا ، فَيُقَالُ لَهُ : عَمِلْتَ يَوْمَ كَذَا وَكَذَا ، كَذَا ، وَهُوَ مُقِرٌّ ، لا يُنْكِرُ ، وَهُوَ مُشْفِقٌ مِنْ كِبَارِهَا ، فَيُقَالُ : أَعْطُوهُ مَكَانَ كُلِّ سَيِّئَةٍ عَمِلَهَا حَسَنَةً ، فَيَقُولُ : إِنَّ لِي ذُنُوبًا مَا أَرَاهَا هَاهُنَا .قَالَ أَبُو ذَرٍّ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ
ترجمو: حضرت ابوذر چيو ته حضور ﷺ فرمايو ته پهريون مرد جو بهشت ۾ ويندو ۽ پويون مرد جو جهنم مان نڪرندو مان پڪيءَ طرح ڄاڻان ٿو. پوءِ قيامت ۾ آڻبو.پوءِ ملائڪن کي حڪم ٿيندو ته سندس ننڍاگناهه اڳيان آڻيوس ۽ سندس وڏا گناهه ڇپايو. پوءِ چئوس ته تو هن ڏينهن هي هي گناهه ڪيا هوا. اهو انڪار نه ڪندو ۽ پنهنجن وڏن گناهن کان پيو ڊڄندو پوءِ هر هڪ برائي مڃيندو جا ڪيائين ۽ ان جي بجاءِ چڱائي ڏيوس پوءِ چوندو ته منهنجا گناهه ٻيا به آهن جي هتي نٿو ڏسان. حضرت ابوذرؓ چيو ته ان تي حضور ﷺ ايترو کليا جو ڏٺم ته سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿيون.
عَنْ جَرِيرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللهِ ﷺ مُنْذُ أَسْلَمْتُ ، وَلا رَآنِي إِلا ضَحِكَ .
ترجمو: حضرت جرير پٽ عبدالله کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مونکي گهر ۾ حاضر ٿيڻ کان نه جهليو جاڪون مسلمان ٿيو آهيان ۽ کلڻ کان سواءِ نه ڏٺائونم.
عَنْ جَرِيرٍ ، قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلا رَآنِي مُنْذُ أَسْلَمْتُ إِلا تَبَسَّمَ
ترجمو: حضرت جريرؓ چيو ته حضور ﷺ مونکي (گهر ۾ اچڻ کان) نه جهليو جاڪون مسلمان ٿيو آهيان ۽ مونکي مرڪڻ کانسواءِ به نه ڏٺائون.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنِّي لأَعْرفُ آخِرَ أَهْلِ النَّارِ خُرُوجًا ، رَجُلٌ يَخْرُجُ مِنْهَا زَحْفًا ، فَيُقَالُ لَهُ : انْطَلِقْ فَادْخُلِ الْجَنَّةَ ، قَالَ : فَيَذْهَبُ لِيَدْخُلَ الْجَنَّةَ ، فَيَجِدُ النَّاسَ قَدْ أَخَذُوا الْمَنَازِلَ ، فَيَرْجِعُ فَيَقُولُ : يَا رَبِّ ، قَدْ أَخَذَ النَّاسُ الْمَنَازِلَ ، فَيُقَالُ لَهُ : أَتَذْكُرُ الزَّمَانَ الَّذِي كُنْتَ فِيهِ ، فَيَقُولُ : نَعَمْ ، قَالَ : فَيُقَالُ لَهُ : تَمَنَّ ، قَالَ : فَيَتَمَنَّى ، فَيُقَالُ لَهُ : فَإِنَّ لَكَ الَّذِي تَمَنَّيْتَ وَعَشَرَةَ أَضْعَافِ الدُّنْيَا ، قَالَ : فَيَقُولُ : تَسْخَرُ بِي وَأَنْتَ الْمَلِكُ قَالَ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ ، حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مسعود کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته پڪ مان پوئين(دوزخي جي دوزخ مان) نڪرڻ کي ڄاڻان ٿو جو دوزخ مان بانبڙو يا ريڙهيون ڏيئي نڪرندو چيو ويندس ته وڃ وڃي بهشت ۾ رهه. حضور جن فرمايو ته بهشت ۾ وڃڻ لاءِ هلندو. ماڻهن کي ڏسندو ته جايون والاري ويا آهن پوءِ موٽي اچي چوندو ته اي رب! ماڻهو جايون والاري ويا آهن. پوءِ کيس چيو ويندو ته اهو زمانو ياد اٿئي جنهن ۾ تو گذاريو؟ چوندوته هائو. پوءِ چيو ويندس ته گُهر جيڪي گهرين ڏهوڻ دنيا جي تنهنجي ملڪيت آهي. پوءِ چوندو تون بادشاهه ٿي به مون سان چرچا ٿو ڪرين. راوي ٿو چوي ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته ايترو کليا جو سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿيون.
عَنْ عَلِيِّ بْنِ رَبِيعَةَ ، قَالَ : شَهِدْتُ عَلِيًّا ، أُتِيَ بِدَابَّةٍ لِيَرْكَبَهَا فَلَمَّا وَضَعَ رِجْلَهُ فِي الرِّكَابِ ، قَالَ : بِسْمِ اللهِ ، فَلَمَّا اسْتَوَى عَلَى ظَهْرِهَا ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ، ثُمَّ قَالَ : سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ ، ثُمَّ قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ثَلاثًا ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ ثَلاثًا ، سُبْحَانَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلا أَنْتَ ، ثُمَّ ضَحِكَ فَقُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ ؟ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم صَنَعَ كَمَا صَنَعْتُ ثُمَّ ضَحِكَ ، فَقُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا رَسُولَ اللهِ ؟ قَالَ : إِنَّ رَبَّكَ لَيَعْجَبُ مِنْ عَبْدِهِ ، إِذَا قَالَ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ذُنُوبِي ، إِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ غَيْرُكَ .
ترجمو: حضرت علي پٽ ربيعةؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت عليؓ وٽ هڪ وهٽ آندو ته ان تي چڙهي. جڏهن پنهنجو پير رڪاب ۾ رکيائين ته بسم الله پڙهيائين جڏهن سندس پٺيءَ تي سنئون ٿي ويٺو ته الحمد لله چيائين وري چيائين ته سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ وري چيائين ٽي ڀيرا الحمد لله ۽ ٽي ڀيرا الله اڪبر ۽ .سُبْحَانَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلا أَنْتَ پوءِ کليو. پوءِ چيم ته اي امير المؤمنين! ڇو کليئو؟ فرميائين ته حضور ﷺکي ائين ڪندو ڏٺم جيئن مون ڪيو.جڏهن کليا ته پڇيومانِ ته يا رسول الله ڇو کليئو؟ فرمايائون ته تنهنجو رب(پاليندڙ)پنهنجي ٻانهي کان خوش ٿو ٿئي جڏهن هوچوي ٿو ته رَبِّ اغْفِرْ لِي ذُنُوبِي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته مون کان سواءِ ڪوبه گناهه بخشي نٿو سگهي.
عَنْ عَامِرِ بْنِ سَعْدٍ ، قَالَ : قَالَ سَعْدٌ : لَقَدْ رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ يَوْمَ الْخَنْدَقِ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ قَالَ : قُلْتُ : كَيْفَ كَانَ ؟ قَالَ : كَانَ رَجُلٌ مَعَهُ تُرْسٌ ، وَكَانَ سَعْدٌ رَامِيًا ، وَكَانَ يَقُولُ كَذَا وَكَذَا بِالتُّرْسِ يُغَطِّي جَبْهَتَهُ ، فَنَزَعَ لَهُ سَعْدٌ بِسَهْمٍ ، فَلَمَّا رَفَعَ رَأْسَهُ رَمَاهُ فَلَمْ يُخْطِئْ هَذِهِ مِنْهُ يَعْنِي جَبْهَتَهُ وَانْقَلَبَ الرَّجُلُ ، وَشَالَ بِرِجْلِهِ : فَضَحِكَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ قَالَ : قُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكَ ؟ قَالَ : مِنْ فِعْلِهِ بِالرَّجُلِ
ترجمو:حضرت عامر پٽ سعد کان روايت آهي چيائين ته سعدؓ چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم جو خندق ڏينهن ايترو کليا جو سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿي پيون وري عامر چيو ته سعد کان پڇيم ته ڇو کليا چيائين ته هڪ ڪافر هو جنهن وٽ ڍال هئي ۽ سعد تيرانداز هو ۽ اهو ڪافر ڍال کي هيڏي هوڏي ڪري پنهنجو منهن پيو لڪائي. پوءِ سعد هڪ تير ڪڍيو. پوءِ جڏهن مٿو مٿي ڪيائين ته چُٽيائينس ته اهو تير سندن منهن کان نه گٿو ۽ اونڌو ٿيو ۽ سندس ڄنگهه کڄي وئي تنهن تي حضور ﷺ کليا جو هوڙون مبارڪ ظاهر ٿيون پوءِ پڇيم ته ڇو کليا؟ چيائين ته سعد جي (بهادرانه) ڪم کان. جو ڪافر سان ڪيائين.
36 ـ باب ما جاء في صفة مزاح رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي خوش طبعي
ڪرڻ ۾ آيون آهن.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ لَهُ : يَا ذَا الأُذُنَيْنِ ، قَالَ مَحْمُودٌ : قَالَ أَبُو أُسَامَةَ : يَعْنِي يُمَازِحُهُ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مونکي ڪَنِتُ ڪري سڏيو. محمود راوي چيو ته حضرت ابو اسامةؓ چيو ته حضور جن انس سان خوش طبعي ڪندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَيُخَالِطُنَا حَتَّى يَقُولَ لأَخٍ لِي صَغِيرٍ : يَا أَبَا عُمَيْرٍ ، مَا فَعَلَ النُّغَيْرُ ؟ .
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ چيو ته حضورﷺاسان سان ميل ميلاپ گهڻو رکندا هوا جو منهنجي ننڍي ڀاءُ فرمائيندا هوا ته اڙي عُمير جا پيءُ! چنڊولڙي پکيءَ ڇا ڪيو؟ڪاڏي ويو؟
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّكَ تُدَاعِبُنَا ، قَالَ : إِنِّي لا أَقُولُ إِلا حَقًّا تُدَاعِبۡنَا یعنی تُمَازِحۡنَا
ترجمو: حضرت ابو هريرة کان روايت آهي چيائين ته اصحابن عرض ڪيو ته يا رسول الله! اوهان به اسان سان چرچا ٿا ڪريو. فرمايائون ته مان سچ کان سواءِ نه چوندو آهيان. راويءَ چيوته ”تُداعبنا “ چرچا ڪرڻ.”تمازحنا“ کل ڀوڳ ڪرڻ.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَجُلا اسْتَحْمَلَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : إِنِّي حَامِلُكَ عَلَى وَلَدِ نَاقَةٍ ، فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، مَا أَصْنَعُ بِوَلَدِ النَّاقَةِ ؟ فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : وَهَلْ تَلِدُ الإِبِلَ إِلا النُّوقُ ؟ وَ عَنۡہُ أَنَّ رَجُلا مِنْ أَهْلِ الْبَادِيَةِ كَانَ اسْمُهُ زَاهِرًا ، وَكَانَ يُهْدِي إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، هَدِيَّةً مِنَ الْبَادِيَةِ ، فَيُجَهِّزُهُ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا أَرَادَ أَنْ يَخْرُجَ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ زَاهِرًا بَادِيَتُنَا وَنَحْنُ حَاضِرُوهُ وَكَانَ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّهُ وَكَانَ رَجُلا دَمِيمًا ، فَأَتَاهُ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَوْمًا وَهُوَ يَبِيعُ مَتَاعَهُ وَاحْتَضَنَهُ مِنْ خَلْفِهِ وَهُوَ لا يُبْصِرُهُ ، فَقَالَ : مَنْ هَذَا ؟ أَرْسِلْنِي فَالْتَفَتَ فَعَرَفَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم فَجَعَلَ لا يَأْلُو مَا أَلْصَقَ ظَهْرَهُ بِصَدْرِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم حِينَ عَرَفَهُ ، فَجَعَلَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : مَنْ يَشْتَرِي هَذَا الْعَبْدَ ، فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِذًا وَاللَّهِ تَجِدُنِي كَاسِدًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لَكِنْ عِنْدَ اللهِ لَسْتَ بِكَاسِدٍ أَوْ قَالَ : أَنتَ عِنْدَ اللهِ غَالٍ .
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان کان روايت آهي ته هڪ مڙس رسول الله ﷺ کان سواري لاءِ وهٽ گهريو پاڻ سڳورن فرمايو ته توکي ڏاڍيءَ جي ڦر تي سوار ڪندس. هن چيو ته يا رسول الله!ڏاچيءَ جي ڦر کي ڇا ڪندس؟ تنهن تي حضور ﷺ فرمايو ته ڇا اُٺ کي ڏاچي نه ڄڻيندي آهي؟
۽ ان کان روايت آهي ته هڪ ٻهراڙيءَ جو مڙس زاهر نالي حضور ﷺ لاءِ ٻاهراڙي مان سوکڙي آڻيندو هو جڏهن وڃڻ جو ارادو ڪندو هو ته حضور جن کيس گهڻو ئي سامان ڏيندا هوا ۽ فرمائيندا هوا ته زاهر اسان لاءِ واهڻائي آهي ۽ اسين ان لاءِ شهري آهيون.حضور جن ﷺ کيس پيار ڪندا هوا. زاهر شڪل سو سهڻو نه هو. هڪ ڏينهن حضور ﷺ وٽس ويا هو پنهنجو سامان پيو وڪڻي. حضور جن پٺيان ڀاڪر وڌس هو حضور جن کي نه پيو ڏسي پوءِ چيائين ته هي ڪير آهي؟ مونکي ڇڏ. پوءِ ڪنڌ ڦيريائين پوءِ سڃاتائين ته نبي ﷺ آهن. پوءِ پوئتي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي پٺي حضور ﷺ جي سيني مبارڪ سان پيو ملائي. تنهن تي حضور ﷺ فرمائڻ لڳا ته هي ٻانهو ڪو وٺندو؟ تنهن تي ان چيو ته اي الله جا رسول! اگهه ڪونه ڪندس. تنهن تي حضور ﷺ چيس ته ڌڻي تعاليٰ اڳيان اگهه وارو آهين. يا فرمايائون ته تنهنجو مرتبو الله تعاليٰ وٽ وڏو آهي.
عَنِ الْحَسَنِ ، قَالَ : أَتَتْ عَجُوزٌ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللهِ ، ادْعُ اللَّهَ أَنْ يُدْخِلَنِي الْجَنَّةَ ، فَقَالَ : يَا أُمَّ فُلانٍ ، إِنَّ الْجَنَّةَ لا تَدْخُلُهَا عَجُوزٌ ، قَالَ : فَوَلَّتْ تَبْكِي ، فَقَالَ : أَخْبِرُوهَا أَنَّهَا لا تَدْخُلُهَا وَهِيَ عَجُوزٌ إِنَّ اللَّهَ تَعَالَى ، يَقُولُ : إِنَّا أَنْشَأْنَاهُنَّ إِنْشَاءً ، فَجَعَلْنَاهُنَّ أَبْكَارًا ، عُرُبًا أَتْرَابًا
ترجمو: حضرت حسن بصري کان روايت آهي ته حضور ﷺ وٽ هڪ ڪراڙي آئي عرض ڪيائين ته يا رسول الله! دعا گهرو ته خدا بهشت ۾ داخل ڪري حضور جن فرمايو ته فلاڻي جي ماءُ! بهشت ۾ ڪراڙي ڪانه ويندي. راوي چيو ته پوءِ مائي موٽي ۽ روئڻ لڳي حضور جن فرمايو ته وڃي خبر ڏيوس ته ڪراڙپ جي حالت ۾. بهشت ۾ نه ويندئين ڇو ته خدا چوي ٿو ته اسان انهن کي ڪنواريون ڪري پيدا ڪنداسون.