مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 23. حضور ﷺ جي ٽيڪ ۾ آڌر ڏيئي هلڻ جي باري ۾

23 ـ باب ما جاء في اتكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ٽيڪ ۾ آڌر ڏيئي هلڻ جي
باري ۾ آيون آهن.
عَنْ أَنَسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ ﷺكَانَ شَاكِيًا ، فَخَرَجَ يَتَوَكَّأُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ وَعَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ ، قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ فَصَلَّى بِهِمْ
ترجمو: حضرت انس کان روايت آهي ته نبي ﷺ بيماريءَ جي هالت ۾ حضرت اسامة جي آڌر تي باهر نڪتا سندن ڪلهن مبارڪن تي يمني ڇنڀيل چادر ويڙهيل هئي پوءِ پاڻ نماز پڙهايائون.
عَنِ الْفَضْلِ بْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم ، فِي مَرَضِهِ الَّذِي تُوُفِّيَ فِيهِ ، وَعَلَى رَأْسِهِ عِصَابَةٌ صَفْرَاءُ ، فَسَلَّمْتُ عَلَيْهِ ، فَقَالَ يَا فَضْلُ قُلْتُ : لَبَّيْكَ يَا رَسُولَ اللهِ ، قَالَ اشْدُدْ بِهَذِهِ الْعِصَابَةِ رَأْسِي قَالَ فَفَعَلْتُ ، ثُمَّ قَعَدَ فَوَضَعَ كَفَّهُ عَلَى مَنْكِبِي ، ثُمَّ قَامَ فَدَخَلَ فِي الْمَسْجِدِ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
ترجمو: حضرت فضل پٽ عباس﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ وٽ سندن پوئين بيماري جنهن ۾ فوت ٿيا آيس. ڏٺم ته سندن مٿي مبارڪ تي هيڊي پٽي ويڙهيل هئي سلام چيم فرمايائون اي فضل! چيم ته حاضر آهيان يا رسول الله! فرمايائون ته منهنجي مٿي کي هن پٽيءَ سان ڇڪي ٻنڌ. مون ائين ڪيو پوءِ پاڻ اٿي ويٺا. پوءِ پنهنجي هٿ مبارڪ کي منهنجي ڪلهي تي رکي اٿيا ۽ مسجد شريف ۾ آيا. حديث ۾ اهو قصو آهي