باب 17. رسول الله ﷺ جي دستار مبارڪ جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جيڪي رسول الله ﷺ جي دستار مبارڪ جي
باري ۾ آيون آهن.
عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : دَخَلَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ ، وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ
ترجمو:حضرت جابر کان روايت آهي ته حضور ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن ڪاري پڳ مبارڪ سان مڪه ۾ گِهڙيا.
عَنْ جَعْفَرِ بْنِ عَمْرِو بْنِ حُرَيْثٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ وَ عَنۡہُ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، خَطَبَ النَّاسَ ، وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ
ترجمو: حضرت جعفر پٽ عمرو پٽ حريث پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ جي مٿي مبارڪ تي ڪاري پڳ مبارڪ ڏٺم. ۽ ان کان روايت آهي ته حضور جن ماڻهن کي خطبه ٻڌايو ۽ سندن مٿان ڪاري پڳ هئي.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا اعْتَمَّ ، سَدَلَ عِمَامَتَهُ بَيْنَ كَتِفَيْهِ . قَالَ نَافِعٌ : وَكَانَ ابْنُ عُمَرَ ، يَفْعَلُ ذَلِكَ .قَالَ عُبَيْدُ اللهِ : وَرَأَيْتُ الْقَاسِمَ بْنَ مُحَمَّدٍ ، وَسَالِمًا يَفْعَلانِ ذَلِكَ
ترجمو: حضرت ابن عمر کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جڏهن پڳ ٻڌندا هوا ته طرو مبارڪ ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ لڙڪائي ڇڏيندا هوا نافع راوي چيو ته حضرت ابن عمر به ائين ڪندو هو ۽ عبيدالله چيو ته قاسم پٽ محمد ۽ سالم کي ڏٺم ته اهي به ائين ڪندا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم خَطَبَ النَّاسَ ، وَعَلَيْهِ عِصَابَةٌ دَسْمَاءُ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته حضور ﷺ ماڻهن کي خطبه ٻڌايو ته سندن مٿي مبارڪ کي تيل سان سڻڀي پڳ مبارڪ هئي.