مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 2. (مُهر نبوت جي باري

باب ما جاء في خاتم النبوة
انهن روايتن ۾ جي مُهر نبوت جي باري ۾ آيون آهن
عَنِ الْجَعْدِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، قَالَ : سَمِعْتُ السَّائِبَ بْنَ يَزِيدَ ، يَقُولُ : ذَهَبَتْ بِي خَالَتِي إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّ ابْنَ أُخْتِي وَجِعٌ فَمَسَحَ رَأْسِي وَدَعَا لِي بِالْبَرَكَةِ ، وَتَوَضَّأَ ، فَشَرِبْتُ مِنْ وَضُوئِهِ ، وَقُمْتُ خَلْفَ ظَهْرِهِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى الْخَاتَمِ بَيْنَ كَتِفَيْهِ ، فَإِذَا هُوَ مِثْلُ زِرِّ الْحَجَلَةِ
ترجمو: حضرت جعد پٽ عبدالرحمان کان روايت آهي چيائين ته حضرت سائب پٽ يزيد کان ٻڌم چوي پيو ته منهنجي ماسيءَ مونکي رسول الله ﷺجي خدمت ۾ نيو. ۽ عرض ڪيائين ته اي رسول الله ﷺ منهنجو ڀاڻيجو بيمار آهي رسول الله ﷺ مان سائب جي مٿي تي هٿ ڦيرايو ۽ مون لاءِ برڪت جي دعا ڪئي پوءِ وضو ڪيائون ۽ مان سندن وضوءَ جي پاڻيءَ مان پيتم. ۽ سندن پٺيان بيٺم.مُهر نبوت سندن ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ هئي. اها ڏوليءَ جي بٽڻ وانگر هئي.
عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ الْخَاتَمَ بَيْنَ كَتِفَيْ رَسُولِ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم ، غُدَّةً حَمْرَاءَ ، مِثْلَ بَيْضَةِ الْحَمَامَةِ
ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته مُهر نبوت رسول الله ﷺ جي ٻن ڪلهن جي وچ ۾ ڏٺم.
عَنْ عَاصِمِ بْنِ عُمَرَ بْنِ قَتَادَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ رُمَيْثَةَ ، قَالَتْ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَوْ أَشَاءُ أَنْ أُقَبِّلَ الْخَاتَمَ الَّذِي بَيْنَ كَتِفَيْهِ مِنْ قُرْبِهِ لَفَعَلْتُ ، يَقُولُ لِسَعْدِ بْنِ مُعَاذٍ يَوْمَ مَاتَ : اهْتَزَّ لَهُ عَرْشُ الرَّحْمَنِ
ترجمو: حضرت عاصم پٽ عمر پٽ فتادة جو پنهنجي ڏاڏيءَ حضرت رميشة کان روايت ٿو ڪري چيائين ته رسول الله ﷺ کان ريجهائي جي حالت ۾ جو جيڪر گهران ها ته سندن مُهر نبوت کي جا ٻن ڪلهن جي وچ ۾ هئي چمي ڏئي سگهان ها ٻڌم جو حضرت سعد پٽ معاذ جي باري ۾ جنهن ڏينهن فوت ٿيو عرش خداوندي ڏڪي ويو.
عَنۡ إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ ، إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَذَكَرَ الْحَدِيثَ بِطُولِهِ ، وَقَالَ : بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ
ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ محمد کان روايت آهي جو حضرت علي پٽ ابو طالب ﷦ جي اولاد مان آهي چيائين ته جڏهن حضرت عليؓ حضور جن جي صفت بيان ڪندو هو ته ڊگهي حديث بيان ڪندي فرمائيندو هو ته سندن ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ مُهر نبوت هئي ۽ پاڻ نبين جا پورا ڪندڙ هوا.کانئن پوءِ ڪو نبي نه ٿيندو.
عَنۡ عَمْرُو بْنُ أَخْطَبَ الأَنْصَارِيُّ ، قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : يَا أَبَا زَيْدٍ ، ادْنُ مِنِّي فَامْسَحْ ظَهْرِي ، فَمَسَحْتُ ظَهْرَهُ ، فَوَقَعَتْ أَصَابِعِي عَلَى الْخَاتَمِ قُلْتُ وَمَا الْخَاتَمُ ، قَالَ شَعَرَاتٌ مُجْتَمِعَاتٌ
ترجمو: حضرت عمر پٽ اخطب انصاري ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ مونکي فرمايو ته اي ابو زيد منهنجي ويجهو ٿيءُ پوءِ منهنجي پٺي ٺپيائون مان به سندن پٺيءَ تي هٿ گهمايا منهنجون آڱريون مهر نبوت کي لڳيون عمر جي شاگرد پڇيس ته مهر ڇا هئي؟ چيائين ته اڀريل وارن جي ڇڳي هئي.
عَنۡ عَبْدُ اللهِ بْنُ بُرَيْدَةَ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبِي بُرَيْدَةَ ، يَقُولُ : جَاءَ سَلْمَانُ الْفَارِسِيُّ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حِينَ قَدِمَ الْمَدِينَةَ بِمَائِدَةٍ عَلَيْهَا رُطَبٌ ، فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : يَا سَلْمَانُ مَا هَذَا ؟ فَقَالَ : صَدَقَةٌ عَلَيْكَ ، وَعَلَى أَصْحَابِكَ ، فَقَالَ : ارْفَعْهَا ، فَإِنَّا لا نَأْكُلُ الصَّدَقَةَ ، قَالَ : فَرَفَعَهَا ، فَجَاءَ الْغَدَ بِمِثْلِهِ ، فَوَضَعَهُ بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : مَا هَذَا يَا سَلْمَانُ فَقَالَ : هَدِيَّةٌ لَكَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لأَصْحَابِهِ : ابْسُطُوا ثُمَّ نَظَرَ إِلَى الْخَاتَمِ عَلَى ظَهْرِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَآمَنَ بِهِ ، وَكَانَ لِلْيَهُودِ فَاشْتَرَاهُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِكَذَا وَكَذَا دِرْهَمًا عَلَى أَنْ يَغْرِسَ لَهُمْ نَخْلا ، فَيَعْمَلَ سَلْمَانُ فِيهِ ، حَتَّى تُطْعِمَ ، فَغَرَسَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، النَّخلَ إِلا نَخْلَةً وَاحِدَةً ، غَرَسَهَا عُمَرُ فَحَمَلَتِ النَّخْلُ مِنْ عَامِهَا ، وَلَمْ تَحْمِلْ نَخْلَةٌ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَا شَأْنُ هَذِهِ النَّخْلَةِ فَقَالَ عُمَرُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا غَرَسْتُهَا ، فَنَزَعَهَا رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَغَرَسَهَا فَحَمَلَتْ مِنْ عَامِهَا
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ بريدة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان پنهنجي پيءُ بريدة کان ٻڌم چوي پيو ته حضرت سلمان فارسي جڏهن رسول الله ﷺ جي مدينه تشريف فرما ٿيا ته هڪ خونچه جنهن تي تازيون کارڪون به رکيل هيون. سندن اڳيان رکيون جنهن تي حضور جن فرمايو ته سلمان هي ڇا آهي؟ عرض ڪيائين ته هي توهان لاءِ ۽ توهان جي اصحابن لاءِ صدقو آهي. حضور جن فرمايو ته اهو کڻ. جو اسان صدقه نه کائندا آهيون پوءِ حضرت سلمان اهو خونچو کڻي ويو. وري ٻئي صبح جوساڳي طرح خونچو آندائين جنهن تي حضور جن فرمايو ته سلمان هي ڇا آهي؟ عرض ڪيائين ته هي حضور جن لاءِ سوکڙي آهي. پوءِ رسول الله ﷺ اصحابن کي فرمايو ته اڳي ٿي هٿ ڊگهو ڪريو. حضرت سلمان حضور جن جي پٺيءَ تي مهر نبوت ڏٺي ايمان آندائين ۽ ان وقت يهودين جو ٻانهو هو. پوءِ رسول الله ﷺ ان کي ڪجهه درهم ڏيئي هن لاءِ خريد ڪيو ته اسان جون کجيون پوکي پوءِ حضرت سلمان کجين جي سنڀار ۽ سڌار ڪندو رهيو جيسيتائين ڦر ڪرڻ لڳيون پوءِ پاڻ حضور جن سموريون کجيون پوکيون مگر هڪ کجي حضرت عمر ﷦ پوکي پوءِ سڀني کجين انهي سال ڦر ڪيو مگر کجي نه ڦَري حضور جن فرمايو ته هن کجيءَ ڦر ڇو نه ڪيو آهي حضرت عمر ﷦ عرض ڪيو ته اها کجي مون پوکي آهي. پوءِ حضور جن عليه السلام ان کي پٽي وري پوکيو ته انهي کجيءَ انهيءَ سال ۾ ئي ڦر ڪيو.
عَنْ أَبِي نَضْرَةَ الْعَوَقِيِّ ، قَالَ : سَأَلْتُ أَبَا سَعِيدٍ الْخُدْرِيَّ ، عَنْ خَاتَمِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَعْنِي خَاتَمَ النُّبُوَّةِ ، فَقَالَ : كَانَ فِي ظَهْرِهِ بَضْعَةٌ نَاشِزَةٌ
ترجمو: حضرت ابو نضرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته ابو سعيد خدري﷦ کان رسول الله ﷺ جي مُهر نبوت جي پڇا ڪيم جنهن چيو ته مهر نبوت هڪ گوشت ٽڪرا ٿيل سندن پنيءَ ۾ هو.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَرْجِسَ ، قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَهُوَ فِي نَاسٍ مِنْ أَصْحَابِهِ ، فَدُرْتُ هَكَذَا مِنْ خَلْفِهِ ، فَعَرَفَ الَّذِي أُرِيدُ ، فَأَلْقَى الرِّدَاءَ عَنْ ظَهْرِهِ ، فَرَأَيْتُ مَوْضِعَ الْخَاتَمِ عَلَى كَتِفَيْهِ ، مِثْلَ الْجُمْعِ حَوْلَهَا خِيلانٌ ، كَأَنَّهَا ثَآلِيلُ ، فَرَجَعْتُ حَتَّى اسْتَقْبَلْتُهُ ، فَقُلْتُ : غَفَرَ اللَّهُ لَكَ يَا رَسُولَ اللهِ ، فَقَالَ : وَلَكَ فَقَالَ الْقَوْمُ : أَسْتَغْفَرَ لَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَقَالَ : نَعَمْ ، وَلَكُمْ ، ثُمَّ تَلا هَذِهِ الآيَةَ ﴿وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ﴾.
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ سرجس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور جن جي خذمت ۾ آيس پاڻ سنگت ۾ رُڌا ويٺا هوا مان سندن پٺيءَ مبارڪ ڏي ڦريس. حضور جن منهنجي ارادي کي سمجهيو ۽ پنهنجي پٺيءَ تان چادر لاٿائون مان مهر نبوت جي جاءِ کي ٻن ڪلهن جي وچ ۾ چڱي طرح ڏٺم جو هٿ جي مُٺ وانگر گوشت اڀريل هو ان جي چوڌاري تر هوا ڄڻ ته هڪ غدود اقيل هو پوءِ مان ڦري سامهون سندن خذمت ۾ ويٺم مان کين دعا ڪئي ته خدا توهان کي معافي ڏي پاڻ فرمايائون ته توکي به معافي ڏئي. سندن سنگت چيوته رسول الله ﷺمعافي گهري مون چيو ته هائو. ۽ توهان لاءِ به معافي گهريائين پوءِ هيءَ آيت پڙهيائين ته تون معافي گهر پنهنجي ڏوهه لاءِ. ۽ ايماندار مردن ۽ عورتن لاءِ.