27. باب انهن حديثن ۾ جي حضورﷺ جي کائڻ جي موقعي تي وضو ڪرڻ ۾ آيون آهن.
باب انهن حديثن ۾ جي حضورﷺ جي کائڻ جي موقعي تي وضو ڪرڻ
۾ آيون آهن.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم خَرَجَ مِنَ الْخَلاءِ ، فَقُرِّبَ إِلَيْهِ الطَّعَامُ ، فَقَالُوا : أَلا نَأْتِيكَ بِوَضُوءٍ ؟ قَالَ : إِنَّمَا أُمِرْتُ بِالْوُضُوءِ ، إِذَا قُمْتُ إِلَى الصَّلاةِ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته حضور جن پاخانه مان نڪتا ته سندن اڳيان کاڌو آندو ويو صحابن عرض ڪيو ته وضوءَ جو پاڻي ڻه آڻيون ڇا؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته وضوءَ جو حڪم تڌهن ڪيل اٿم جڏهن نماز لاءِ اٿان.
وَ عَنۡہُ قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنَ الْغَائِطِ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، فَقِيلَ لَهُ : أَلا تَتَوَضَّأُ ؟ فَقَالَ : أَأُصَلِّي ، فَأَتَوَضَّأُ
ترجمو:۽ ان کان روايت آهي ته حضور ﷺ پاخانه مان نڪتا ته کاڌو آندو ويوکين ويو ته وضو نه ڪندؤ ڇا؟ فرمايائون ته نماز ٿو پڙهان ڇاجو وضو ڪريان؟
عَنْ سَلْمَانَ ، قَالَ : قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ ، أَنَّ بَرَكَةَ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ بَعْدَهُ ، فَذَكَرْتُ ذَلِكَ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، وَأَخْبَرْتُهُ بِمَا قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : بَرَكَةُ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ قَبْلَهُ ، وَالْوُضُوءُ بَعْدَهُ
ترجمو: حضرت سلمان کان روايت آهي ته مان توريت م پڙهيو ته کاڌي کائڻ پٺيان وضو ڪرڻ برڪت آهي پوءِ اهو حضور ﷺ وٽ ياد ڪيم ۽ جيڪي توريت ۾ پڙهيو هو سو ٻڌايومانِ تنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو ته کاڌي جي اڳيان ۽ پويان وضو ڪرڻ برڪت آهي.