مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

47ـ باب ماجاء في تواضع رسول الله صلى الله عليه وسلم

47ـ باب ماجاء في تواضع رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي نوڙت
بابت آيون آهن.
عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لا تُطْرُونِي كَمَا أَطْرَتِ النَّصَارَى ابْنَ مَرْيَمَ ، إِنَّمَا أَنَا عَبْدٌ ، فَقُولُوا : عَبْدُ اللهِ وَرَسُولُهُ
ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مونکي حد کان نه وڌايو.جئن نصارن حضرت عيسيٰ پٽ مريم کي وڌايو مان رڳو الله جو ٻانهو آهيان توهان مونکي الله جو ٻانهو ۽ سندس رسول چئو.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ امْرَأَةً جَاءَتْ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ لَهُ : إِنَّ لِي إِلَيْكَ حَاجَةً ، فَقَالَ : اجْلِسِي فِي أَيِّ طَرِيقِ الْمَدِينَةِ شِئْتِ ، أَجْلِسْ إِلَيْكِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته هڪ عورت حضور ﷺ وٽ آئي ته مان توهان کي اڪيلائي ۾ ڪجهه چونديس تنهن تي پاڻ فريائون ته مدينه جي جنهن به گهٽي ۾ گهرين هلي ويهه ته مان به تو وٽ اچي ويهان ٿو.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَعُودُ الْمَرِيضَ ، وَيَشْهَدُ الْجَنَائِزَ ، وَيَرْكَبُ الْحِمَارَ ، وَيُجِيبُ دَعْوَةَ الْعَبْدِ ، وَكَانَ يَوْمَ بَنِي قُرَيْظَةَ عَلَى حِمَارٍ مَخْطُومٍ بَحَبْلٍ مِنْ لِيفٍ ، وَعَلَيْهِ إِكَافٌ مِنْ لِيفٍ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ بيمار کان پڇندا هوا جنازه ۾ شريڪ ٿيندا هوا ۽ گڏهه جي سواري ڪندا هوا. ٻانهي جي مهماني قبول ڪندا هوا ۽ پاڻ بني قريظه جي لڙائي ۾ گڏهه تي سوار هوا. ان جي واڳ ۽ پلاڻ کاٻر جا هوا.
وَ عَنۡہُ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يُدْعَى إِلَى خُبْزِ الشَّعِيرِ ، وَالإِهَالَةِ السَّنِخَةِ ، فَيُجِيبُ وَلَقَدْ كَانَ لَهُ دِرْعٌ عِنْدَ يَهُودِيٍّ ، فَمَا وَجَدَ مَا يَفُكُّهَا حَتَّى مَاتَ
ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي ته رسول الله ﷺ جَوَن جي ماني ۽ سڪي ماني جي مهماني به قبول ڪندا هوا سندن زرهه هڪ يهوديءَ وٽ ڳهه پئي هئي ان جي ڇڏائڻ جي شيءِ نه لڌائون جو ڇڏائڻ تانجو رحلت ڪري ويا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : حَجَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ ، وَعَلَيْهِ قَطِيفَةٌ ، لا تُسَاوِي أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ ، فَقَالَ : اللَّهُمَّ اجْعَلْهُ حَجًّا ، لا رِيَاءَ فِيهِ ، وَلا سُمْعَةَ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺپراڻي پاکڙي تي حج ڪيو مٿس اهڙو کٿو هو جو چئن درهمن جو به نه هو پوءِ دعا گهريائون ته اي الله! تون هن حج کي اهڙو ڪر جنهن ۾ ڏيکاءُ ۽ شهرت نه هجي.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ شَخْصٌ أَحَبَّ إِلَيْهِمْ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : وَكَانُوا إِذَا رَأَوْهُ لَمْ يَقُومُوا ، لِمَا يَعْلَمُونَ مِنْ كَرَاهَتِهِ لِذَلِكَ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي چيائين ته صحابن کي رسول الله ﷺ کان وڌيڪ پيارو ڪونه هو چيائين ته حضور جن جي آمدني ڏسندا هوا ته نه اٿندا هوا. جو ڄاڻندا هوا ته پاڻ ان کي پسند نه ڪندا آهن.
عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا عَنْ حِلْيَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، : قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَخْرَجِهِ كَيْفَ يَصْنَعُ فِيهِ ؟ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَخْرِنُ لِسَانُهُ إِلا فِيمَا يَعْنِيهِ ، وَيُؤَلِّفُهُمْ وَلا يُنَفِّرُهُمْ ، وَيُكْرِمُ كَرَيمَ كُلِّ قَوْمٍ وَيُوَلِّيهِ عَلَيْهِمْ ، وَيُحَذِّرُ النَّاسَ وَيَحْتَرِسُ مِنْهُمْ مِنْ غَيْرِ أَنْ يَطْوِيَ عَنْ أَحَدٍ مِنْهُمْ بِشْرَهُ وَخُلُقَهُ ، وَيَتَفَقَّدُ أَصْحَابَهُ ، وَيَسْأَلُ النَّاسَ عَمَّا فِي النَّاسِ ، وَيُحَسِّنُ الْحَسَنَ وَيُقَوِّيهِ ، وَيُقَبِّحُ الْقَبِيحَ وَيُوَهِّيهِ ، مُعْتَدِلُ الأَمْرِ غَيْرُ مُخْتَلِفٍ ، لا يَغْفُلُ مَخَافَةَ أَنْ يَغْفُلُوا أَوْ يَمِيلُوا ، لِكُلِّ حَالٍ عِنْدَهُ عَتَادٌ ، لا يُقَصِّرُ عَنِ الْحَقِّ وَلا يُجَاوِزُهُ الَّذِينَ يَلُونَهُ مِنَ النَّاسِ خِيَارُهُمْ ، أَفْضَلُهُمْ عِنْدَهُ أَعَمُّهُمْ نَصِيحَةً ، وَأَعْظَمُهُمْ عِنْدَهُ مَنْزِلَةً أَحْسَنُهُمْ مُوَاسَاةً وَمُؤَازَرَةً قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَجْلِسِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لا يَقُومُ وَلا يَجَلِسُ ، إِلا عَلَى ذِكْرٍ ، وَإِذَا انْتَهَى إِلَى قَوْمٍ ، جَلَسَ حَيْثُ يَنْتَهِي بِهِ الْمَجْلِسُ ، وَيَأْمُرُ بِذَلِكَ ، يُعْطِي كُلَّ جُلَسَائِهِ بِنَصِيبِهِ ، لا يَحْسَبُ جَلِيسُهُ أَنَّ أَحَدًا أَكْرَمُ عَلَيْهِ مِنْهُ ، مَنْ جَالَسَهُ أَوْ فَاوَضَهُ فِي حَاجَةٍ ، صَابَرَهُ حَتَّى يَكُونَ هُوَ الْمُنْصَرِفُ عَنْهُ ، وَمَنْ سَأَلَهُ حَاجَةً لَمْ يَرُدَّهُ إِلا بِهَا ، أَوْ بِمَيْسُورٍ مِنَ الْقَوْلِ ، قَدْ وَسِعَ النَّاسَ بَسْطُهُ وَخُلُقُهُ ، فَصَارَ لَهُمْ أَبًا وَصَارُوا عِنْدَهُ فِي الْحَقِّ سَوَاءً ، مَجْلِسُهُ مَجْلِسُ عِلْمٍ وَحِلْمٍ وَحَيَاءٍ وَأَمَانَةٍ وَصَبْرٍ ، لا تُرْفَعُ فِيهِ الأَصْوَاتُ ، وَلا تُؤْبَنُ فِيهِ الْحُرَمُ ، وَلا تُثَنَّى فَلَتَاتُهُ ، مُتَعَادِلِينَ ، بَلْ كَانُوا يَتَفَاضَلُونَ فِيهِ بِالتَّقْوَى ، مُتَوَاضِعِينَ يُوقِّرُونَ فِيهِ الْكَبِيرَ ، وَيَرْحَمُونَ فِيهِ الصَّغِيرَ ، وَيُؤْثِرُونَ ذَا الْحَاجَةِ ، وَيَحْفَظُونَ الْغَرِيبَ
ترجمو: حضرت امام حسن پٽ علي ﷦ کان روايت آهي ته مون پنهنجي مامي هندپٽ ابو هاله کان جو سندن حليه مبارڪ جو نهايت واقف ڪار هو منهنجو خيال ٿيو ته رسول الله ﷺ وڏي سان ۽ عزت وارا هوا. سندن منهن مبارڪ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندو هو پوءِ ڊگهي حديث بيان ڪيائين حضرت حسن ﷦ ڇيو ته مون ان حديث کي گهڻو وقت پنهنجي ڀاءُ حسين﷦ کان ڇپايو.پوءِ ان کي بيان ڪيم جنهن مان معلوم ٿيو ته منهنجي مامي هند کان تحقيات ڪري چڪا آهن. جا ڳالهه مون انهن کان پڇي هئي ۽ مونکي هئي ۽ هيءُ به معلوم ٿيو ته اسان جي پيءُ کان به تحقيق ڪري چڪا آهن جو پنهنجي گهر اچڻ ۽ گهر کان نڪرڻ۽ ان جو نمونو تنهن مان ڪجهه به نه ڇڏيو هوائين. حضرت حسين﷦ چيو ته حضور ﷺ جي گهر وڃڻ بابت مون پنهنجي پيءُ حضرت علي﷦ کان پڇيو جنهن تي چيائين ته جڏهن پنهنجي گهر ويندا هوا ته گهر رهڻ جي وقت کي ٽي ڀاڱا ڪندا هوا. هڪ حصه خدا جي عبادت لاءِ ٻيو گهر وارن جي حقن لاءِ ٽيون پنهنجي ڪاروبار لاءِ هوندو هو. پوءِ پنهنجي حصه کي وري ذاتي ڪمن ۽ عام جي فائده لاءِ ورهائيندا هوا ۽ ڪا شيءِ صحابن کان نه جهليندا هوا ۽ سندن عادت هئي جو علم ۽ فضيلت وارن کي سندن قدر موافق عزت ڏيندا هوا. جو انهن مان ڪي هڪ ڪم وارا ڪي ٻن ڪمن وارا ۽ ڪي گهڻن ڪمن وارا هوندا هوا پوءِ پاڻ انهن جي ڪمن ۾ مشغول ٿيندا هوا ۽ انهن کي اهڙن ڪمن ۾ رجهائي ڇڏيندا هوا جن ۾ سندن ۽ ٻين مسلمانن جو فائدو هوندو هو يعني پنهنجي سڌاري جو حضور جن کان سوال ڪرڻ ۽ حضور جن جو کين مناسب ڪمن کان واقف ڪرڻ ۽ فرمائيندا هوا ته اوهان مان جي حاضر آهن سي غير حاضرن کي واقف ڪن ۽ جي شرعي ضرورتون مون وٽ پهچائي نٿا سگهن سي پهچائي بيان ڪندا ڪريو ڇو ته جيڪو ماڻهو ڪنهن حاڪم وٽ پهچ وارو آهي سو ڪنهن اڻ پهچ واري مسڪين جو احتياج پهچائيندو ته خدا ان جا قدم پصراط تي ثابت رکندو ۽ وٽن اهڙن ڪمن کان سواءِ ذڪر نه ٿيندو هو ۽ نه ان جي برخلاف پاڻ ڪو ڪم قبول فرمائيندا هوا وٽن طالب علم ايندا هوا. ۽ جهل کان سواءِ نه وساريندا هوا خير ۽ نيڪيءَ جا هادي ٿي نڪرندا هوا حضرت حسينؓ چيو ته مون پنهنجي پيءُ حضرت عليؓ کان حضور جن جي حليه بابت پڇيم چيائين ته حضور جن بي فائده ڳالهائڻ کان زبان بند رکندا هوا رڳو ديني ڳالهيون بيان فرمائيندا هوا صحابن پاڻ ۾ دوستي ڪندا هوا جدائي نه ڪندا هواقوم جي معزز ماڻهن جي عزت ڪندا هوا. کين انهن تي حاڪم ڪندا هوا، ماڻهن کي خدا کان ڊيڄاريندا هوا ان ۾ سندن خوش روئي ۽ خوش خلقي ڪنهن کان روڪيل نه هئي پنهنجي سنگت جو احوال پڇندا هوا عام ماڻهن جي معاملات جي به پڇا ڪندا هواچڱي کي چڱو سمجهندا هواان جي تائيد ڪندا هوا بڇڙي کي بڇڙو ۽ ان جي توهين ڪندا هوا ان کي ڪمزور ڪندا هوا درميانه روش هلندا هوا هڪ نمونو ان جي حال کان عافل نه هوا جو متان اهي غافل تنگدل ۽ سست ٿي وڃن. ڪر حالت ۾ حضور جن وٽ سامان پورو تيار هوندو هو حق ۾ قصور نه ڪندا هوا نه حد کان ٻاهر ويندا هوا سندن سنگت وارا نهايت ڀلارا هوا ماڻهن مان گهڻي نصيحت ڪندڙ کين پيارو هو. وٽن وڏي مرتبه وارو جنهن احسان ماڻهن سان ۽ چڱي روش هوندي هئي امام حسين چيو ته مان پنهنجي پيءُ کان حضور جن جي اٿڻ ويهڻ بابت پڇيوچيائين ته حضور جن اُٿي ويٺي خدا جو ذڪر ڪندا هوا. جڏهن ڪنهن قوم ۾ پهچندا هوا ۽ جتي مجلس پوري ٿيندي هئي اتي ويهي رهندا هوا. اهڙو حڪم پنهنجي امت ۽ هر هڪ صحبتي کي ڪندا هوا. هر هڪ صحبتي کي سندس حق ڏيندا هوا. سندس گڏ ويهندڙ سمجهندو هو ته مون کان وڌيڪ پيارو ان کي ڪونهي. وٽن ڪو اچي ويهندو هو يا پنهنجي ضرورت جي ڳالهه ڪندو هو ته آرام سان ٻڌندا هوا تان جو هو پاڻ موٽي وڃي. وٽن ڪو ڪم ايندو هو ته پورو ڪندا هوا. يا نرمي سان جواب ڏيندا هوا. سندن شفقت ۽ خُلق ماڻهن تي عام هو ڄڻ ته سندن پيءُ هوا حقن ۾ سڀ وٽن برابر هوا سندن مجلس علم حياء صبر ۽ امانت جي مجلس هئي ان ۾ وڏو آواز نه هوندو هو نه ان ۾ ڪنهن جي عزت تي عيب ورتو ويندو هو نه ڪنهن مجلس جي غلطي ۽ لغزش مشهور ڪئي ويندي هئي. مجلس وارا پاڻ ۾ برابر هوندا هوا. فخر نه ڪندا هوا. هڪ ٻئي تي جا فضيلت هئي سا رڳو پرهيزگاريءَ ۾، مجلس ۾ وڏن جي تعظيم نوڙت سان ڪندا هوا ننڍن تي رحم ڪندا هوا. گهرج وارن جي گهرج پوري ڪندا هوامسافرن جي حقن جي نگاهه رکندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لوْ أُهْدِيَ إِلَيَّ كُرَاعٌ لَقَبِلتُ ، وَلوْ دُعِيتُ عَلَيْهِ لأَجَبْتُ
ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جي مونکي ٻڪريءَ جا پاوا ڏنا وڃن ته به قبول ڪريان. ۽ جي انهن سان منهنجي مهماني ڪجي ته به قبول ڪريان
عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : جَاءَنِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَيْسَ برَاكِبِ بَغْلٍ وَلا بِرْذَوْنٍ
ترجمو: حضرت جابر﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ مون وٽ تشريف آندي نه خچر تي سوار هوا نه ترڪي گهوڙي تي (بلڪ پا پيادا هوا).
عَنۡ يُوسُفَ بْنَ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَلامٍ ، قَالَ : سَمَّانِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُوسُفَ ، وَأَقْعَدَنِي فِي حِجْرِهِ ، وَمَسَحَ عَلَى رَأْسِي
ترجمو: حضرت يوسف پٽ عبدالله پٽ سلامؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ منهنجو نالو يوسف رکيو ۽ مونکي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريو ۽ منهنجي مٿي تي هٿ گهمايو.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَجَّ عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ وَقَطِيفَةٍ ، كُنَّا نَرَى ثَمَنَهَا أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ ، فَلَمَّا اسْتَوَتْ بِهِ رَاحِلَتُهُ ، قَالَ : لَبَّيْكَ بِحَجَّةٍ لا سُمْعَةَ فِيهَا وَلا رِيَاءَ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ حج ڪيو هڪ پراڻي پاکڙي ۽ کٿيءَ تي. اسان ان جي بها چار درهم خيال ڪندا هواسون جڏهن سندن ڏاچي اٿي بيٺي ته پاڻ فرمايائون ته اي ڌڻي! مان اهڙي حج لاءِ حاضر ٿيو آهيان جنهن ۾ نه شهرت آهي نه رياءُ.
وَ عَنۡہُ أَنَّ رَجُلا خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَرَّبَ مِنْهُ ثَرِيدًا عَلَيْهِ دُبَّاءُ ، قَالَ : فَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَأْخُذُ الدُّبَّاءَ ، وَكَانَ يُحِبُّ الدُّبَّاءَ ، قَالَ ثَابِتٌ : فَسَمِعْتُ أَنَسًا ، يَقُولُ : فَمَا صُنِعَ لِي طَعَامٌ ، أَقْدَرُ عَلَى أَنْ يُصْنَعَ فِيهِ دُبَّاءُ ، إِلا صُنِعَ
ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي ته هڪ درزي مڙس رسول الله ﷺ جي دعوت ڪئي پوءِ سندن لاءِ شوربي سان ڄهيل ڪُٽي کڻي آيو جنهن تي ايرائون جا ڳترا رکيل هوا. پوءِ رسول الله ﷺ ايرائون کاڌو. جو ايرائون کي پسند ڪندا هوا. ثابت راوي چيو ته حضرت انس کان چوندي ٻڌم ته ان ڏينهن کانپوءِ اهڙو طعام نه ٺهيو جنهن ۾ وس پڄندي ايرائون پيل نه هجي.
عَنْ عَمْرَةَ ، قَالَتْ : قِيلَ لِعَائِشَةَ : مَاذَا كَانَ يَعْمَلُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي بَيْتِهِ ؟ قَالَتْ كَانَ بَشَرًا مِنَ الْبَشَرِ ، يَفْلِي ثَوْبَهُ ، وَيَحْلُبُ شَاتَهُ ، وَيَخْدُمُ نَفْسَهُ
ترجمو: حضرت عمرة ؓ سائڻ کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ (اندر) پنهنجي گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪندا هوا. چيائين ته پاڻ سڳورا ته ماڻهن مان ماڻهو هوا. پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻ جوئون ڏسندا هوا. پنهنجي ٻڪري ڏهندا هوا پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هوا.