مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

25. حضور جن جي ماني جي باري ۾

25 ـ باب ما جاء في صفة خبز رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي ماني جي
باري ۾ آيون آهن.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : مَا شَبِعَ آلُ مُحَمَّدٍ صلى الله عليه وسلم مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جي ڪٽنب جَون جون ماني ٻه ڏينهن لاڳيتا ڍؤ ڪري نه کاڌي تانجو پاڻ سڳورا هن دنيا مان لڏيا ويا.( انا لله و انا اليہ راجعون)
عَنْ سُلَيْمِ بْنِ عَامِرٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا أُمَامَةَ الْبَاهِلِيَّ ، يَقُولُ : مَا كَانَ يَفْضُلُ عَنِ أَهْلِ بَيْتِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم خُبْزُ الشَّعِيرِ
ترجمو: حضرت سُليم پٽ عام کان روايت آهي چيائين ته امامة باهلي کان ٻڌم ته حضور ﷺ کان ٻڌم ته حضور ﷺ جي ڪٽنب کان جَون جي ماني به نه بچندي هئي.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَبِيتُ اللَّيَالِيَ الْمُتَتَابِعَةَ طَاوِيًا هُوَ وَأَهْلُهُ ، لا يَجِدُونُ عِشَاءً وَكَانَ أَكْثَرُ خُبْزِهِمْ ، خُبْزَ الشَّعِيرِ
ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ڪيئي لاڳيتون راتيون بکيا رهندا هوا پاڻ ۽ سندن ڪٽنب رات جي ماني نه ڏسندا هوا. هوڏانهن سندن ماني به گهڻو ڪري جَون جي هوندي هئي.
عَنْ سَهْلِ بْنِ سَعْدٍ ، أَنَّهُ قِيلَ لَهُ : أَكَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم النَّقِيَّ يَعْنِي الْحُوَّارَى فَقَالَ سَهْلٌ : مَا رَأَى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم النَّقِيَّ حَتَّى لَقِيَ اللَّهَ عَزَّ وَجَلَّ تَعَالَى ، فَقِيلَ لَهُ هَلْ كَانَتْ لَكُمْ مَنَاخِلُ عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ،قَالَ : مَا كَانَتْ لَنَا مَنَاخِلُ قِيلَ كَيْفَ كُنْتُمْ تَصْنَعُونَ بِالشَّعِيرِ ،قَالَ : كُنَّا نَنْفُخُهُ فَيَطِيرُ مِنْهُ مَا طَارَ ، ثُمَّ نَعْجِنُهُ
ترجمو: حضرت سهل پٽ سعد کان پڇيو ويو ته حضور ﷺ اڇي ميدي جي ماني کاڌي آهي؟ پوءِچيائين ته حضور ﷺ ميدي جي ماني خدا سان ملڻ تائين نه ڏٺي. پوءِ پڇيو ويو ته ڀلا حضور ﷺ جي وقت ۾ پروڻ هوا؟ چيائين ته نه پوءِ پڇيو ويو ته ڀلا جَون جي اتي کي ڪئن صفا ڪندا هيو؟ چيائين ته ان کي ڦوڪيندا هواسون پوءِ اڏامندو هو جيڪي اڏرندو هو. پوءِ ڳوهيندا هواسون.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ :مَا أَكَلَ نَبِيُّ اللهِ عَلَى خِوَانٍ ، وَلا فِي سُكُرَّجَةٍ ، وَلا خُبِزَ لَهُ مُرَقَّقٌ قَالَ : فَقُلْتُ لِقَتَادَةَ : فَعَلامَ كَانُوا يَأْكُلُونَ ، قَالَ : عَلَى هَذِهِ السُّفَرِ .
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ نه ميز تي رکي کاڌو نڪي پيالن ۽ بسين ۾، نه سندن لاءِ ڊڳريون پچايون ويون. راوي چيو ته حضرت قتاده ﷦ کان پڇيم ته ڀلا ڇا تي رکي کائيندا هوا؟ چيائين ته چمڙي جي سادن دستر خوانن تي.
عَنْ مَسْرُوقٍ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عَائِشَةَ ، فَدَعَتْ لِي بِطَعَامٍ وَقَالَتْ : مَا أَشْبَعُ مِنْ طَعَامٍ فَأَشَاءُ أَنْ أَبْكِيَ إِلا بَكِيتُ قَالَ : قُلْتُ لِمَ ، قَالَتْ : أَذْكُرُ الْحَالَ الَّتِي فَارَقَ عَلَيْهَا رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم الدُّنْيَا ، وَاللَّهِ مَا شَبِعَ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ مَرَّتَيْنِ فِي يَوْمٍ وَاحِدٍ
ترجمو: حضرت مسروق ﷦ کان روايت آهي ته حضرت عائشه وٽ ويس ته منهنجي لاءِ کاڌو گهرايائين چيائين ته جڏهن پيٽ ڀري کائيندي آهيان ته روئندي آهيان پڇيومانس ته ڇو؟ چيائين ته ان حال کي ياد ٿي ڪريان جنهن تي رسول الله ﷺ دنيا کي ڇڏيو. قسم خدا جو ته پاڻ سڳورن هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پيٽ ڀري نه کاڌو مانيءَ سان ۽ گوشت سان.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ :مَا شَبِعَ رَسُولُ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ
ترجمو:حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي حضورﷺ لاڳيتا ٻه ڏينهن جَون جي ماني به دنيا ڇڏڻ تائين ڍؤ ڪري نه کاڌي.
عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : مَا أَكَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَلَى خِوَانٍ ، وَلا أَكَلَ خُبْزًا مُرَقَّقًا حَتَّى مَاتَ
ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ ڪنهن ميز تي نه کاڌو نه ڊڳڙيون کاڌائون جيسيتائين مري ويا.