48ـ باب ماجاء في خلق رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جون عادتون شريف
بيان ٿيل آهن.
عَنْ خَارِجَةَ بْنِ زَيْدِ بْنِ ثَابِتٍ ، قَالَ : دَخَلَ نَفَرٌ عَلَى زَيْدِ بْنِ ثَابِتٍ ، فَقَالُوا لَهُ : حَدِّثْنَا أَحَادِيثَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَاذَا أُحَدِّثُكُمْ ؟ كُنْتُ جَارَهُ فَكَانَ إِذَا نَزَلَ عَلَيْهِ الْوَحْيُ بَعَثَ إِلَيَّ فَكَتَبْتُهُ لَهُ ، فَكُنَّا إِذَا ذَكَرْنَا الدُّنْيَا ذَكَرَهَا مَعَنَا ، وَإِذَا ذَكَرْنَا الآخِرَةَ ذَكَرَهَا مَعَنَا ، وَإِذَا ذَكَرْنَا الطَّعَامَ ذَكَرَهُ مَعَنَا ، فَكُلُّ هَذَا أُحَدِّثُكُمْ عَنِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت خارجة پٽ زيد پٽ ثابت ؓ کان روايت آهي ته منهنجي پيءُ وٽ ماڻهن جو ٽولو آيو چيائونس ته اسان کي رسول خدا ﷺ جون ڳالهيون ٻڌاءِ. چيائين ته ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايانوَ. مان سندن پاڙيچو هوس. پوءِ جڏهن مٿن وحي لهندو هو ته مون ڏي ماڻهو موڪليندا هوا. پوءِ مان کين اهو وحي لهندو هو ته مون ڏي ماڻهو موڪليندا هوا. پوءِ مان کين اهو وحي لکي ڏيندو هوس. جڏهن اسان دنيا جون ڳالهيون ڪندا هواسون ته پاڻ به اهي ڳالهيون ڪندا هوا ۽ جڏهن آخرت جون ڳالهيون ڪندا هواسون ته پاڻ به اهي ڳالهيون ڪندا هوا ۽ جي کاڌي جون ڳالهيون ڪنداهواسون ته پاڻ به اسان سان اهي ڳالهيون ڪندا هوا اهي سڀ ڳالهيون نبي سڳوري جي طرفان ٿو ٻڌايانوَ.
عَنْ عَمْرِو بْنِ الْعَاصِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُقْبِلُ بِوَجْهِهِ وَحَدِيثِهِ عَلَى أَشَرِّ الْقَوْمِ ، يَتَأَلَّفُهُمْ بِذَلِكَ فَكَانَ يُقْبِلُ بِوَجْهِهِ وَحَدِيثِهِ عَلَيَّ ، حَتَّى ظَنَنْتُ أَنِّي خَيْرُ الْقَوْمِ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ أَبُو بَكْرٍ ؟ فَقَالَ : أَبُو بَكْرٍ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ عُمَرُ ؟ فَقَالَ : عُمَرُ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ عُثْمَانُ ؟ فَقَالَ : عُثْمَانُ ، فَلَمَّا سَأَلْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَصَدَقَنِي فَلَوَدِدْتُ أَنِّي لَمْ أَكُنْ سَأَلْتُهُ
ترجمو: حضرتعمرو پٽ عاص کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ شريرن سان به منهن ڏيئي ڳالهائيندا هوا تان جو ڀانئڻ لڳس ته آءٌ ڀلوماڻهو آهيان پوءِ عرض ڪيم ته يا رسول الله! آءٌ چڱو ماڻهو آهيان يا ابوبڪرؓ فرمايائون ته ابوبڪر.وري پڇيم ته مان ڀلو آهيان يا عمرؓ فرمايائون ته عمر فاروقؓ ڀلو آهي. وري پڇيم ته ڀلا مون چڱو يا حضرت عثمانؓ ذوالنورين فرمايائون ته عثمان پوءِ جڏهگن رسول الله ﷺ کان پڇيم ته پاڻ سڳورن مونکي چئي ڏنو. پوءِ هاءِ! هاءِ! جيڪر کانئن نه پڇان ها.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : خَدَمْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَشْرَ سِنِينَ ، فَمَا قَالَ لِي أُفٍّ قَطُّ ، وَمَا قَالَ لِشَيْءٍ صَنَعْتُهُ ، لِمَ صَنَعْتَهُ ، وَلا لِشَيْءٍ تَرَكْتُهُ ، لِمَ تَرَكْتَهُ ؟ وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ أَحْسَنِ النَّاسِ خُلُقًا ، وَلا مَسَسْتُ خَزًّا وَلا حَرِيرًا ، وَلا شَيْئًا كَانَ أَلْيَنَ مِنْ كَفِّ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلا شَمَمْتُ مِسْكًا قَطُّ ، وَلا عِطْرًا كَانَ أَطْيَبَ مِنْ عَرَقِ رسول الله صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي چيائين ته ڏهه سال رسول الله ﷺ جي خذمت ڪيمته ايتري مدت ۾ رڳو اف به نه ڪيائون ۽ نه ڪنهن ڪم تي (جو ڪيم) ڇو ڪيئي فرمايائون. نڪي ڪنهن ڪم تي (جو نه ڪيم) ڇو ڇڏيئي فرمايائون. رسول الله ﷺ خُلق ۽ عادتن ۾ ٻين کان وڌيڪ سهڻا هوا. نه ڪنهن پٽ ۽ ريشم ۽ ٻي شيءِ کي هٿ لاتم جو رسول الله ﷺ جي تريءَ مبارڪ کان وڌيڪ نرم هئي. نه ڪو مشڪ ۽ عطر سنگهيو اٿم جو حضور پر نور حضرت رسول الله ﷺ جي پگهر پاڪ کان وڌيڪ خوشبودار ۽ سڳنڌ هجي.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَنَّهُ كَانَ عِنْدَهُ رَجُلٌ بِهِ أَثَرُ صُفْرَةٍ ، قَالَ : وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لا يكَادُ يُواجِهُ أَحَدًا بِشَيْءٍ يَكْرَهُهُ ، فَلَمَّا قَامَ ، قَالَ لِلْقَوْمِ : لَوْ قُلْتُمْ لَهُ يَدَعُ هَذِهِ الصُّفْرَةَ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ رسول ڪريم ﷺ کان روايت ٿو ڪري ته سندن اڳيان هڪ مرد ويٺو هو جنهن جي ڪپڙن تي ڪجهه ڪيسر جو رنگ هو. راوي چيو ته حضور جن ڪنهن کي مهانيون نه چوندا هوا جو ڪا شيءِ مڪروه لڳين جڏهن اٿي ويو ته پاڻ سڳورن ٻين ماڻهن کي چيو ته جيڪر اوهان چئوس ته اها هيڊاڻ ڇڏي ڏئي.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ لَمْ يَكُنْ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَاحِشًا ، وَلا مُتَفَحِّشًا وَلا صَخَّابًا فِي الأَسْوَاقِ ، وَلا يَجْزِئُ بِالسَّيِّئَةِ السَّيِّئَةَ ، وَلَكِنْ يَعْفُو وَيَصْفَحُ
حضرت عائشه ؓچيو ته رسول خدا ﷺ نه طبعًا گندو ڳالهائيندڙ هوا ۽ نه وري ڪسبًا ئي گندو ڳالهائيندڙ هوا نڪي بازارين ۾ لُڙ ڪندڙ هوا.نه برائي جو بدلو برائي سان ڏيندا هوا بلڪ معافي ڏيندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا ضَرَبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِيَدِهِ شَيْئًا قَطُّ ، إِلا أَنْ يُجَاهِدَ فِي سَبِيلِ اللهِ ، وَلا ضَرَبَ خَادِمًا َوِلا امْرَأَةً
ترجمو: حضرت عائشه ؓکان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ هٿ سان ڪنهن شيءِ کي نه ماريو.مگر خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وقت. ۽ نه خادمن کي ۽ نڪي پنهنجن حرمن کي.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم مُنْتَصِرًا مِنْ مَظْلَمَةٍ ظُلِمَهَا قَطُّ ، مَا لَمْ يُنْتَهَكْ مِنْ مَحَارِمِ اللهِ تَعَالَى شَيْءٌ ، فَإِذَا انْتُهِكَ مِنْ مَحَارِمِ اللهِ شَيْءٌ كَانَ مِنْ أَشَدِّهِمْ فِي ذَلِكَ غَضَبًا ، وَمَا خُيِّرَ بَيْنَ أَمْرَيْنِ ، إِلا اخْتَارَ أَيْسَرَهُمَا ، مَا لَمْ يَكُنْ مَأْثَمًا
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مان ڪڏهن رسول الله ﷺ کي ڪنهن مظلوم جو بدلو وٺندو نه ڏٺو جيسيتائين الله تعاليٰ جي دين جي بيعزتي نه ٿيندي هئي. پوءِ جڏهن الله جي دين جي بيعزتي ٿيندي هئي ته ان تي نهايت ڪاوڙيل هوندا هوا. ۽ جڏهن ڪنهن ڪم ۾ مختار ڇڏبا هوا ته ان ۾ آسان اختيار ڪندا هوا مگر اها آساني گناهه جي درجه نه پهچي.
350ـ حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتِ : اسْتَأْذَنَ رَجُلٌ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا عِنْدَهُ ، فَقَالَ : بِئْسَ ابْنُ الْعَشِيرَةِ أَوْ أَخُو الْعَشِيرَةِ ، ثُمَّ أَذِنَ لَهُ ، فَأَلانَ لَهُ الْقَوْلَ ، فَلَمَّا خَرَجَ ، قُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قُلْتَ مَا قُلْتَ ثُمَّ أَلَنْتَ لَهُ الْقَوْلَ ؟ فَقَالَ : يَا عَائِشَةُ ، إِنَّ مِنْ شَرِّ النَّاسِ مَنْ تَرَكَهُ النَّاسُ أَوْ وَدَعَهُ النَّاسُ اتِّقَاءَ فُحْشِهِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ کان هڪ مرد خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جي اجازت گهري مان وٽن هُيَس. فرمايائون ته هي پنهنجي قبيله بڇڙي اولاد يابڇڙو ڀاءُ آهي پوءِ کيس اچڻ جي موڪل ڏنائون.پوءِ آيو ته نرم ڳالهايائونس. جڏهن ويو ته چيم ته يا رسول الله چَيُوَ سو چَيُوَ پر ڳالهائڻ ۾ ته نرم ٿي ويؤ.فرمايائون ته عائشه! پڪ ڄاڻ ته بڇڙو ماڻهو اهو آهي جنهن کي سندس ڪِني وات کان بچڻ لاءِ ماڻهو ڇڏي وڃن.
عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ : قَالَ الْحُسَيْنُ : سَأَلْتُ أَبي عَنْ سِيرَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فِي جُلَسَائِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَائِمَ الْبِشْرِ ، سَهْلَ الْخُلُقِ ، لَيِّنَ الْجَانِبِ ، لَيْسَ بِفَظٍّ وَلا غَلِيظٍ ، وَلا صَخَّابٍ وَلا فَحَّاشٍ ، وَلا عَيَّابٍ وَلا مُشَاحٍ ، يَتَغَافَلُ عَمَّا لا يَشْتَهِي ، وَلا يُؤْيِسُ مِنْهُ رَاجِيهِ وَلا يُخَيَّبُ فِيهِ ، قَدْ تَرَكَ نَفْسَهُ مِنْ ثَلاثٍ : الْمِرَاءِ ، وَالإِكْثَارِ ، وَمَا لا يَعْنِيهِ ، وَتَرَكَ النَّاسَ مِنْ ثَلاثٍ : كَانَ لا يَذُمُّ أَحَدًا ، وَلا يَعِيبُهُ ، وَلا يَطْلُبُ عَوْرتَهُ ، وَلا يَتَكَلَّمُ إِلا فِيمَا رَجَا ثَوَابَهُ ، وَإِذَا تَكَلَّمَ أَطْرَقَ جُلَسَاؤُهُ ، كَأَنَّمَا عَلَى رُؤُوسِهِمُ الطَّيْرُ ، فَإِذَا سَكَتَ تَكَلَّمُوا لا يَتَنَازَعُونَ عِنْدَهُ الْحَدِيثَ ، وَمَنْ تَكَلَّمَ عِنْدَهُ أَنْصَتُوا لَهُ حَتَّى يَفْرُغَ ، حَدِيثُهُمْ عِنْدَهُ حَدِيثُ أَوَّلِهِمْ ، يَضْحَكُ مِمَّا يَضْحَكُونَ مِنْهُ ، وَيَتَعَجَّبُ مِمَّا يَتَعَجَّبُونَ مِنْهُ ، وَيَصْبِرُ لِلْغَرِيبِ عَلَى الْجَفْوَةِ فِي مَنْطِقِهِ وَمَسْأَلَتِهِ ، حَتَّى إِنْ كَانَ أَصْحَابُهُ ، وَيَقُولُ : إِذَا رَأَيْتُمْ طَالِبَ حَاجَةٍ يِطْلُبُهَا فَأَرْفِدُوهُ ، وَلا يَقْبَلُ الثَّنَاءَ إِلا مِنْ مُكَافِئٍ وَلا يَقْطَعُ عَلَى أَحَدٍ حَدِيثَهُ حَتَّى يَجُوزَ فَيَقْطَعُهُ بِنَهْيٍ أَوْ قِيَامٍ
ترجمو: حضرت امام حسن پٽ حضرت علي کان روايت آهي ته منهنجي ڀاءُ حضرت حسين چيو ته مون پنهنجي پيءُ کان حضور ﷺ جون عادتون پنهنجي سنگت ۾ پڇيم ڇيائين ته حضور ﷺ هميشه کل مک نرم عادت نرم مزاج هوندا هوا. نه بد عادت نه سخت دل ۽ گوڙ ڪندڙ. نه بد زبان نه عيب جوئي ڪندڙ ۽ نه ڪنجوس هوا ۽ جيڪي نه وڻندو هونِ ته ان کان بي توجهي ڪندا هوا ٻئي کي به ان کان مايوس نه ڪندا هوا ان جي دعوت قبول نه ڪندا هوا پڪ ڄاڻ ته توکي ٽن شين جهيڙي وڏائي ۾ بيفائده ڳالهائڻ کان بچايائون ۽ ماڻهن کي به انهن ٽن کان بچايائين نه ڪنهن کي بڇڙو چوندا هوا نه ڪنهن جو عيب ڳوليندا هوا نه ڪنهن کي اگهاڙو ڪرڻ گهرندا هوا. ڳالهه اها ڳالهائيندا هوا. جنهن ۾ ثواب جي اميد هوندي هين ۽ جڏهن ڳالهائيندا هوا ته حاضر مجلس مٿو نِوائي چپ ويهندا هوا. ڄڻ ته سندن مٿن تي پکي ويٺا آهن پاڻ چپ ڪندا هوا ته پوءِ اهي ڳالهائيندا هوا سندن اڳيان ڪنهن به ڳالهه ۾ نه وڙهندا هوا. سندن اڳيان ڪنهن به ڳالهايو ته تو ان لاءِ چپ ٿي ٻڌندا هوا. تانجو پنهنجي ڳالهائڻ کان فارغ ٿئي. سڀني جي گفتگو (ڌيان سان ٻڌڻ ۾) اهڙي هئي جهڙي پهرئين جِي، جي ٻياکلندا هوا ته پاڻ به کلندا هوا. جي ٻيا عجب کائندا هوا ته پاڻ به عجب کائنمدا هوا. پرديسي جي ڳالهائڻ ۾ بي سمجهڻ ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ بي پرواهي تي تحمل ڪندا هوا تانجو سندن اصحاب پرديسين کي وٽن وٺي ايندا هوا ۽ پاڻ فرمائيندا هوا ته ڪنهن حاجتمند کي ڏسو ته ان جي مدد ڪريو پنهنجي تعريف پسند نه ڪندا هوا. احسان جي عوض تعريف ڪندڙ کان سواءِ ڪنهن جي ڳالهه کي نه ڪپيندا هواجيسيتائين حد کان ٽپي وڃي. پوءِ منع ڪرڻ سان اٿي وڃڻ سان ڳالهه ڪپيندا هوا.
عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، قَالَ سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ عَبْدِ اللهِ ، يَقُولُ : مَا سُئِلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْئًا قَطُّ فَقَالَ : لا
ترجمو: حضرت محمد پٽ منڪدرکان روايت آهي چيائين ته حضرت جابر پٽ عبداللهؓ کان چوندي ٻڌم ته جڏهن به حضور ﷺ کان سوال ٿيو ته ”لَا“ يعني نه نه فرمايائون.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَجْوَدَ النَّاسِ بِالْخَيْرِ ، وَكَانَ أَجْوَدَ مَا يَكُونُ فِي شَهْرِ رَمَضَانَ ، حَتَّى يَنْسَلِخَ ، فَيَأْتِيهِ جِبْرِيلُ ، فَيَعْرِضُ عَلَيْهِ الْقُرْآنَ ، فَإِذَا لَقِيَهُ جِبْرِيلُ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَجْوَدَ بِالْخَيْرِ مِنَ الرِّيحِ الْمُرْسَلَةِ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ هر قسم جي چڱائي ڪرڻ ۾ بين ماڻهن کان وڌيڪ سخي هوا. وٽن جبرئيل ايندو هو ته کين اچي ٻڌائيندو هو. پوءِ جڏهن جبرئيل سان ملاقات ٿيندي هين ته رسول الله ﷺ ڇوهي ۽ واچوڙي کان وڌ سخي هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، لا يَدَّخِرُ شَيْئًا لِغَدٍ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي چيائين ته نبيﷺ ڪابه شيءِ ٻئي ڏينهن لاءِ سمر ڪري نه رکندا هوا.
عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، أَنَّ رَجُلا جَاءَ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَسَأَلَهُ أَنْ يُعْطِيَهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : مَا عِنْدِي شَيْءٌ ، وَلَكِنِ ابْتَعْ عَلَيَّ ، فَإِذَا جَاءَنِي شَيْءٌ قَضَيْتُهُ فَقَالَ عُمَرُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قَدْ أَعْطَيْتُهُ فَمَّا كَلَّفَكَ اللَّهُ مَا لا تَقْدِرُ عَلَيْهِ ، فَكَرِهَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم قَوْلَ عُمَرَ ، فَقَالَ رَجُلٌ مِنَ الأَنْصَارِ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنْفِقْ وَلا تَخَفْ مِنْ ذِي الْعَرْشِ إِقْلالا ، فَتَبَسَّمَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَعُرِفَ فِي وَجْهِهِ الْبِشْرَ لِقَوْلِ الأَنْصَارِيِّ ، ثُمَّ قَالَ : بِهَذَا أُمِرْتُ
ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب کان روايت آهي ته هڪ ماڻهو حضورﷺ وٽ اچي ڪجهه گهريو ته ڏيو؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته هينئر مون وٽ ڪابه شيءِ نه آهي. پر منهنجي نالي تي وڃي قرض کڻ. جڏهن مون وٽ ڪجهه آيو ته ادا ڪندس. تنهن تي حضرت عمر ؓ چيو ته يا رسول الله ﷺ هڪ ڀيرو ته هن کي ڏيئي چڪا آهيو پوءِ الله تعاليٰ ان جي تڪليف ته نه ڏني آهي جنهن جي طاقت هجيوَ نبي ڪريمؐ حضرت عمر ؓ جي چوڻ کان ناخوش ٿيو پوءِ هڪ انصاري مرد چيو ته يا رسول الله! خرچِ. ۽ عرش جي مالڪ وٽان کوٽ کان نه ڊڄ پوءِ حضور جن ﷺ مرڪڻ لڳا. ۽ سندن منهن مبارڪ ۾ انصاري جي چوڻ ڪري خوشي ڏسڻ ۾ آئي. پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته انهيءَ جو ئي حڪم ڪيل آهيان.
عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : أَتَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَأَجْرٍ زُغْبٍ ، فَأَعْطَانِي مِلْءَ كَفِّهِ حُلِيًّا وَذَهَبًا
ترجمو: حضرت ربيع ڌيءَ معوذ کان روايت آهي ته مون حضورﷺ جي خذمت ۾ تازين کارڪن ۽ ڪونئرين پاپين جي ٽوڪري آندي ته پاڻ سڳورن ڳهن ۽ سون جي مٺ ڀري ڏني.
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَقْبَلُ الْهَدِيَّةَ ، وَيُثِيبُ عَلَيْهَا
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ سوکڙيون پاکڙيون قبول ڪندا هوا ۽ ان جو عوض ڏيئي ڇڏيندا هوا.