26. باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي ٻوڙ جي ساراهه ۾ آيون آهن.
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي ٻوڙ جي ساراهه
۾ آيون آهن.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ ، قَالَ عَبْدُ اللهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، فِي حَدِيثِهِ : نِعْمَ الإِدَامُ أَوِ الأُدْمُ الْخَلُّ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ فرمايو ته ٻوڙن ۾ سٺو ٻوڙ سِرڪو آهي.عبدالله پٽ عبدالرحمان پنهنجي روايت ۾ چيو ته سٺو ٻوڙ سرڪو آهي.
عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ ، يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئِتُمْ ، لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صلى الله عليه وسلم ، وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ مَا يَمْلأُ بَطْنَهُ
ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب چيو ته نعمان پٽ بشير کان چوندي ٻڌم ته ڇا توهان وٽ اهو کاڌو پيتو آهي جو دل گهريوَ. پڪ توهان جي نبي ﷺ کي ڏٺم ته پيٽ ڀرڻ جيتريون سڪل کارڪون به موجود نه هيون.
عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : نِعْمَ الإِدَامُ الأُدْمُ : الْخَلُّ
ترجمو: حضرت جابر کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته سٺو ٻوڙ سِرڪو آهي.
عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، فَأُتِيَ بِلَحْمِ دَجَاجٍ فَتَنَحَّى رَجُلٌ مِنَ الْقَوْمِ ، فَقَالَ : مَا لَكَ ، فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهَا تَأْكُلُ شَيْئًا فَحَلَفْتُ أَنْ لا آكُلَهَا قَالَ : ادْنُ ، فَإِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَأْكُلُ لَحْمَ دَجَاجٍ
ترجمو: حضرت زهدم جرمي کان روايت آهي ته اسين ابو موسيٰ وٽ هواسون ته ڪڪڙ جو ٻوڙ آندو ويو تنهن تي هڪ مڙس پاسو ڪرڻ لڳو ابو موسيٰ چيو توکي ڇا ٿيو؟ چيائين ته ڪنيون شيون کائندي ڏٺومانس پوءِ قسم کنيم ته نه کائندومانس. پوءِ ابو موسيٰ چيس ته اڳي ٿيءُ. مون حضور جن ﷺ کي ڪڪڙ کائندو ڏٺو آهي.
عَنِ إِبْرَاهِيمَ بْنِ عُمَرَ بْنِ سَفِينَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : أَكَلْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَحْمَ حُبَارَى
ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ عمرپنهنجي پيءُ عمر کان ۽ ان پنهنجي سفينة کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ سان گڏجي تلور جو گوشت کاڌم.
عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، قَالَ : فَقَدَّمَ طَعَامَهُ وَقَدَّمَ فِي طَعَامِهِ لَحْمَ دَجَاجٍ وَفِي الْقَوْمِ رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَيْمِ اللهِ أَحْمَرُ كَأَنَّهُ مَوْلًى ، قَالَ : فَلَمْ يَدْنُ فَقَالَ لَهُ أَبُو مُوسَى : ادْنُ ، فَإِنِّي قَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَكَلَ مِنْهُ ، فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهُ يَأْكُلُ شَيْئًا ، فَقَذِرْتُهُ فَحَلَفْتُ أَنْ لا أَطْعَمَهُ أَبَدًا
ترجمو: حضرت زهدم جرمي چيو ته اسين حضرت ابو موسيٰ وٽ هواسون ته سندس کاڌو آندو ويو ان ۾ ڪڪڙ جو گوشت هو ۽ مجلس ۾ هڪ ماڻهو رنگ جو ڳاڙهو رومي غلامن جهڙو بني تيم الله جي قبيلي مان ويٺو هو. راويءَ چيو ته طعام کي ويجهو نه ٿيو پوءِ ابو موسيٰ چيس ته اڳي ٿيءُ. مون حضرت نبي ڪريم ﷺ کي ڏٺو ته ڪڪڙ جي گوشت مان کاڌائون چيائين ته مون ڪا شيءِ کائندي ڏٺومانس تنهنڪري مڪروهه ڀانيم ۽ قسم کنيم ته هرگز نه کائندس.
عَنْ أَبِي أَسِيدٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : كُلُوا الزَّيْتَ ، وَادَّهِنُوا بِهِ ، فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ
ترجمو: حضرت ابو اسيد کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته زيتون جو تيل کائو ۽ مکيو به ڇو ته اهو برڪت واري وڻ مان ٿو نڪري.
عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : كُلُوا الزَّيْتَ وَادَّهِنُوا بِهِ ، فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ
ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب کان روايت چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته زيتون جو تيل کائو ۽ مکيو ڇو ته اهو سڳوري وڻ مان نڪري ٿو.
عَنْ زَيْدِ بْنِ أَسْلَمَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم نَحْوَهُ ، وَلَمْ يَذْكُرْ فِيهِ عَنْ عُمَرَ
ترجمو: حضرت زيد پٽ اسلم پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ ائين ئي فرمايو پر حضرت عمر کي انهي حديث ۾ ڪونه آندائين.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُعْجِبُهُ الدُّبَّاءُ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، أَوْ دُعِيَ لَهُ فَجَعَلْتُ أَتَتَبَّعُهُ ، فَأَضَعُهُ بَيْنَ يَدَيْهِ لِمَا أَعْلَمُ أَنَّهُ يُحِبُّهُ
حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي ايرائون ڏاڍو وڻندو هو. پوءِ ياد نه آهي ته کاڌو آندو ويو يا کاڌي لاءِ سڏيا ويا پوءِ مان به ساڻن گڏجي ويس پوءِ سندن اڳيان رکيم جنهن ۾ ڪدو پيل هو ڄاتم ته وڻين ٿو.
عَنْ حَكِيمِ بْنِ جَابِرٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَرَأَيْتُ عِنْدَهُ دُبَّاءً يُقَطَّعُ ، فَقُلْتُ : مَا هَذَا ، قَالَ : نُكَثِّرُ بِهِ طَعَامَنَا
حضرت حڪيم پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته حضور جن وٽ ويس وٽن ايرائون ڏٺم ته پيا وڍين.چيم ته هي ڇا لاءِ آهي فرمايائون ته هن سان پنهنجو ٻوڙ وڌائنداسون.
عَنِ عَبْدِ اللهِ بْنِ أَبِي طَلْحَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : إِنَّ خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لِطَعَامٍ صَنَعَهُ ، قَالَ أَنَسٌ : فَذَهَبْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِلَى ذَلِكَ الطَّعَامِ ، فَقَرَّبَ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم خُبْزًا مِنْ شَعِيرٍ ، وَمَرَقًا فِيهِ دُبَّاءٌ وَقَدِيدٌ ، قَالَ أَنَسُ : فَرَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَتَتَبَّعُ الدُّبَّاءَ حَوَالَيِ الْقَصْعَةِ فَلَمْ أَزَلْ أُحِبُّ الدُّبَّاءَ مِنْ يَوْمِئِذٍ
ترجمو: حضرت پٽ ابو طلحہؓ حضرت انس پٽ مالڪؓ جي کي چوندي ٻڌو ته هڪ درزي حضور جن ﷺ کي دعوت ڏيئي گهرايو حضرت انس چيو ته مان به حضور جن ﷺ سان گڏجي ويس. پوءِ درزيءَ حضور جن ﷺ جي اڳيان جَون جي ماني ۽ ٻوڙ جنهن ۾ ايرائون ۽ سڪل گوشت پيل هو آڻي رکيو حضرت انس چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته پيالي ۾ پيل ايرائون چوڌاري ڳولي پيا لهن. هاڻي ان کان پوءِ مون به ايرائون کي پيارو گهرندو آهيان.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّ الْحَلْوَاءَ وَالْعَسَلَ
ترجمو: حضرت عائشه کان روايت آهي ته حضور عليه اسلام مٺاڻ ۽ ماکيءَ کي پيارو گهرندا هوا.
عَنۡ أُمَّ سَلَمَةَ أَخْبَرَتْهُ ، أَنَّهَا قَرَّبَتْ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، جَنْبًا مَشْوِيًّا ، فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى الصَّلاةِ ، وَمَا تَوَضَّأَ
ترجمو: حضرت ام سلمة کان روايت آهي ته ان حضور ﷺ جي اڳيان ڀُڳل پاسو آڻي رکيو، پوءِ ان مان ڪجهه کائي نماز لاءِ اٿيا ۽ وضو ڪونه ڪيائون.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ ، قَالَ : أَكَلْنَا مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم شِوَاءً فِي الْمَسْجِدِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ حارث کان روايت آهي چيائين ته اسان رسول الله ﷺ سان گڏجي مسجد ۾ ڀُڳل گوشت کاڌو.
عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، قَالَ : ضِفْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ لَيْلَةٍ ، فَأُتِيَ بِجَنْبٍ مَشْوِيٍّ ، ثُمَّ أَخَذَ الشَّفْرَةَ فَجَعَلَ يَحُزُّ ، فَحَزَّ لِي بِهَا مِنْهُ ، قَالَ : فَجَاءَ بِلالٌ يُؤْذِنُهُ بِالصَّلاةِ فَأَلْقَى الشَّفْرَةَ ، فَقَالَ : مَا لَهُ تَرِبَتْ يَدَاهُ ، قَالَ : وَكَانَ شَارِبُهُ قَدْ وَفَى ، فَقَالَ لَهُ : أَقُصُّهُ لَكَ عَلَى سِوَاكٍ أَوْ قُصُّهُ عَلَى سِوَاكٍ
ترجمو: حضرت مغيرة پٽ شعبة کان روايت آهي چيائين ته هڪ رات حضور ﷺ سان گڏ مهمان ٿيس. پوءِ ڀڳل پاسو آندو ويو. پاڻ سڳورا ڇري کڻي ان پاسي مان منهنجي لاءِ وڍڻ لڳا راوي چيو ته ايتري ۾ حضرت بلال اچي بانگ چئي. تنهن تي پاڻ سڳورن ڇري ڦٽي ڪري فرمايو ته ڇا ٿيس هٿ مٽي هاب ٿينس راوي چيو ته سندن مڇون وڌيل هيون. پاڻ سڳورن فرمايس ته ڇا ڏندڻ رکي ڪتري ڪڍانِ يا پاڻ ڏندڻ رکي ڪتريندين.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : أُتِيَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِلَحْمٍ ، فَرُفِعَ إِلَيْهِ الذِّرَاعُ ، وَكَانَتْ تُعْجِبُهُ ، فَنَهَسَ مِنْهَا
ترجمو: حضرت ابو هريرة چيو ته حضور جن وٽ گوشت آندو ويو سندن اڳيان ڦڻو رکيو ويو جو کين ڏاڍو وڻندو هو پوءِ ان مان چڪن سان پئي پٽيائون.
عَنِ ابْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ ، قَالَ : وَسُمَّ فِي الذِّرَاعِ ، وَكَانَ يَرَى أَنَّ الْيَهُودَ سَمُّوهُ
ترجمو: حضرت ابن مسعود کان روايت آهي ته حضور جن کي هنجهي وڻندي هئي راوي چيو ته زهر به هنجهي جي گوشت ۾ ڏٺو ويو هو. حضرت ابن مسعود گمان ڪندو هو ته حضور عليه السلام کي زهر يهودين ڏنو هو.
عَنْ أَبِي عُبَيْدَةَ ، قَالَ طَبَخْتُ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قِدْرًا ، وَقَدْ كَانَ يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ ، فَنَاوَلْتُهُ الذِّرَاعَ ، ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ ، فَنَاوَلْتُهُ ، ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ ، فَقُلْتُ: يَا رَسُولَ اللهِ ، وَكَمْ لِلشَّاةِ مِنْ ذِرَاعٍ ، فَقَالَ وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَوْ سَكَتَّ لَنَاوَلْتَنِي الذِّرَاعَ مَا دَعَوْتُ
ترجمو: حضرت ابو عبيد کان روايت آهي ته حضور جن لاءِ ڪُني رڌم ۽ کين هنجهي جو گوشت وڻندو هو پوءِ هڪ هنجهي ڏني مانِ وري چيائون ڏيم هنجهي. وري ڏٺي مانِ. وري فرمايائون ته ڏيم هنجهي. پوءِ چيو مانِ ته يا رسول الله! ٻڪريءَ کي گهڻيون هنجهيون ٿينديون آهن فرمايائون ته انهيءَ ذات پاڪ جو قسم آهي جنهن جي قدرت جي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي جي چُپ ڪري پيو ڏئينم ها ته ضرور هنجهيون پيو ڏئين ها جيسيتائين پيو گهران ها.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَتِ الذِّرَاعُ أَحَبَّ اللَّحْمِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَكِنَّهُ كَانَ لا يَجِدُ اللَّحْمَ إِلا غِبًّا ، وَكَانَ يَعْجَلُ إِلَيْهَا ، لأَنَّهَا أَعْجَلُهَا نُضْجًا
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي هنجهيءَ جو گوشت پيارو ڪونه هو پر گوشت دير سان هٿ ايندو هونِ تنهنڪري پاڻ اڳي وڃي هنجهيءَ جو گوشت وٺندا هوا. ڇو ته اهو جلد ڳري پوندو آهي.
عَنۡ عَبْدَ اللهِ بْنَ جَعْفَرٍ ، يَقُولُ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ ﷺ ، يَقُولُ : إِنَّ أَطْيَبَ اللَّحْمِ لَحْمُ الظَّهْرِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفرکان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ کان ٻڌم ته گوشت ۾ گوشت سٺو ڪندِ جو گوشت آهي
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ فرمايو ته سرڪو سٺو ٻوڙ آهي.
عَنْ أُمِّ هَانِئِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : أَعِنْدَكِ شَيْءٌ ، فَقُلْتُ : لا ، إِلا خُبْزٌ يَابِسٌ ، وَخَلٌّ فَقَالَ : هَاتِي ، مَا أَقْفَرَ بَيْتٌ مِنْ أُدُمٍ فِيهِ خَلُّ
ترجمو: حضرت ام هانيؓ کان روايت آهي نبي عليه السلام مون وٽ آيا فرمايائون ته کائڻ لاءِ ڪجهه اٿئي چيم ته نه. مگر سڪل ماني ۽ سرڪو آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته کڻي آءُ. جنهن گهر ۾ سرڪو آهي اهو گهر ٻوڙ کان خالي نه آهي.
عَنْ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ ﷺ ، قَالَ فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ
ترجمو: حضرت ابو موسيٰ اشعريؓ حضور ﷺ کان روايت ٿو ڪري ته حضرت عائشه صديقهؓ (پنهنجي وقت جي زالن کان) ايترو وڌيڪ آهي جيترو ڪُٽي ٻين کاڌن کان. معلوم ٿيو ته ڪُٽي سٺو کاڌو آهي.
عَنۡ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو ته حضرت عائشهؓ زالن کان فضيلت ۾ ايترو وڌيڪ آهي جيترو ڪُٽي( شورو ۽ ماني گڏيل) ٻين طعامن کان.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّهُ رَأَى رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، تَوَضَّأَ مِنْ أَكْلِ ثَوْرِ أَقِطٍ ، ثُمَّ رَآهُ أَكَلَ مِنْ كَتِفِ شَاةٍ ، ثُمَّ صَلَّى ، وَلَمْ يَتَوَضَّأْ
ترجمو: حضرت ابو هريره چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته پنير جو سڪل لسي ٽڪر کائي وضو ڪيائون وري ڏٺومانِ ته ٻڪريءَ جي هنجهي کاڌائون ۽ وضو نه ڪيائون.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : أَوْلَمَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَلَى صَفِيَّةَ بِتَمْرٍ وَسَوِيقٍ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ چيو ته حضورﷺ حضرت صفيهؓ سان شادي ڪرڻ تي کارڪون ۽ ستون ورهائي وليمه (ڪاج) ڪيو.
عَنۡ عُبَيْدُ اللهِ بْنُ عَلِيٍّ ، عَنْ جَدَّتِهِ سَلْمَى ، أَنَّ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ، وَابْنَ عَبَّاسٍ ، وَابْنَ جَعْفَرٍ أَتَوْهَا فَقَالُوا لَهَا : اصْنَعِي لَنَا طَعَامًا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ فَقَالَتْ : يَا بُنَيَّ لا تَشْتَهِيهِ الْيَوْمَ ، قَالَ : بَلَى اصْنَعِيهِ لَنَا قَالَ : فَقَامَتْ فَأَخَذَتْ مِنْ شَعِيرٍ فَطَحَنَتْهُ ، ثُمَّ جَعَلَتْهُ فِي قِدْرٍ ، وَصَبَّتْ عَلَيْهِ شَيْئًا مِنْ زَيْتٍ ، وَدَقَّتِ الْفُلْفُلَ ، وَالتَّوَابِلَ ، فَقَرَّبَتْهُ إِلَيْهِمْ ، فَقَالَتْ : هَذَا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ
ترجمو: حضرت عبيدالله پٽ عليؓ پنهنجي ڏاڏيءَ سلميٰ کان روايت ڪئي ته حضرت امام حسن پٽ عليؓ ۽ ابن عباسؓ ۽ ابن جعفرؓ اچي چيائونس ته اسان لاءِ اهو کاڌو ٺاهه جيڪو حضور ﷺ کي وڻندو هو. ۽ کيس چاهه سان کائندا هوا.تنهن تي چوڻ لڳي ته پٽڙا! اهو توهان اڄ هن زماني ۾ نه کائندو.چيائون ڇو نه کائنداسون اسان لاءِ ضرور تيار ڪر. پوءِ اٿي ڪجهه کڻي پنهنجي ڪُنيءَ ۾ وجهي مٿانس زيتون جو تيل وڌائين ۽ ڪارا مرچ ۽ ٻيا ويڳر ڪُٽي سَٽي ان ۾ وجهي کڻي اڳيان رکيائين. پوءِ چوڻ لڳي ته هي اهو کاڌو آهي جو حضور ﷺ کي ڏاڍو وڻندو هو.
عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : أَتَانَا النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، فِي مَنْزِلِنَا ، فَذَبَحْنَا لَهُ شَاةً ، فَقَالَ : كَأَنَّهُمْ عَلِمُوا أَنَّا نُحِبُّ اللَّحْمَ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله چيو ته حضور ﷺ اسان جي گهر آيا اسان سندن لاءِٻڪري ڪٺي پاڻ سڳورن فرمايو ته ڄڻ هنن سمجهيو ته آءٌ گوشت کي پسند ڪندو آهيان.
عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا مَعَهُ فَدَخَلَ عَلَى امْرَأَةٍ مِنَ الأَنْصَارِ ، فذَبَحَتْ لَهُ شَاةً ، فَأَكَلَ مِنْهَا ، وَأَتَتْهُ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ ، فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ تَوَضَّأَ لِلظُّهْرِ ، وَصَلَّى ، صلى الله عليه وسلم ، ثُمَّ انْصَرَفَ ، فَأَتَتْهُ بِعُلالَةٍ مِنْ عُلالَةِ الشَّاةِ ، فَأَكَلَ ثُمَّ صَلَّى الْعَصْرَ ، وَلَمْ يَتَوَضَّأْ
ترجمو: حضرت جابر کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ ٻاهر نڪتا مان به ساڻن گڏجي هليس. پوءِ انصاري عورت وٽ آيا جنهن سندن لاءِ ٻڪري ڪُٺي پاڻ سڳورن ان مان ڪجهه کاڌو پوءِ کارڪن جي ڇلي کڻي آئي پاڻ ان مان کاڌائون.پوءِ ٻپهريءَ لاءِ وضو ڪيائون نماز پڙهي موٽيا ته بچل گوشت کڻي آئي پوءِ کائي ٽپهري نماز پڙهيائون وضو نه ڪيائون.
عَنْ أُمِّ الْمُنْذِرِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَمَعَهُ عَلِيٌّ ، وَلَنَا دَوَالٍ مُعَلَّقَةٌ ، قَالَتْ : فَجَعَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ وَعَلِيٌّ مَعَهُ يَأْكُلُ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لِعَلِيٍّ : مَهْ يَا عَلِيُّ ، فَإِنَّكَ نَاقَةٌ ، قَالَتْ : فَجَلَسَ عَلِيٌّ ، وَالنَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ ، قَالَتْ : فَجَعَلْتُ لَهُمْ سِلْقًا وَشَعِيرًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم لِعَلِيٍّ : مِنْ هَذَا فَأَصِبْ فَإِنَّ هَذَا أَوْفَقُ لَكَ
ترجمو: حضرت ام منذرکان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ مون وٽ آيا ۽ حضرت عليؓ به ساڻن هو. اسان وٽ کارڪن جا گوشا پئي لڙڪيا پاڻ کائڻ لڳا ته سيدنا علي به کائڻ لڳو. پاڻ فرمايائون ته اي عليتون اڃا هيڻو آهين.حضرت ام منذرؓ چيو ته پوءِ حضرت عليؓ ويهي رهيو ۽ پاڻ سڳورا کائندا رهيا. حضرت ام منذرؓ چيو ته پوءِ سندن لاءِ جَون جو ڀت ٺاهيم. پوءِ حضور ﷺ حضرت عليکي فرمايو ته هن مان کاءُ جو توکي موافق آهي.
عَنْ عَائِشَةَ ، أُمِّ الْمُؤْمِنِينَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْتِينِي فَيَقُولُ : أَعِنْدَكِ غَدَاءٌ ، فَأَقُولُ : لا قَالَتْ : فَيَقُولُ : إِنِّي صَائِمٌ قَالَتْ : فَأَتَانِي يَوْمًا ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّهُ أُهْدِيَتْ لَنَا هَدِيَّةٌ ، قَالَ : وَمَا هِيَ ، قُلْتُ : حَيْسٌ ، قَالَ : أَمَا إِنِّي أَصْبَحْتُ صَائِمًا ، قَالَتْ : ثُمَّ أَكَلَ
ترجمو: حضرت ام المؤمنين عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مون وٽ اچي فرمايو ته ڪجهه کاڌو آهي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائون نه مان روزائت آهيان. حضرت عائشهؓ چيو ته هڪ ڏينهن پاڻ آيا چيم ته يا رسول الله! اسان کي سوکڙي آئي آهي فرمايائون ته ڇا آهي؟ چيم ته ”حيس“(کارڪن جو حلوو) فرمايائون ته مون ساجهر روزه جي نيت ڪئي آهي حضرت عائشهؓ چيو ته پوءِ کاڌائون (نفلي روزه ڀڃڻ جائز آهي پر قضا ڪبو).
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَلامٍ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم أَخَذَ كِسْرَةً مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَوَضَعَ عَلَيْهَا تَمْرَةً وَقَالَ : هَذِهِ إِدَامُ هَذِهِ ، وأكل
ترجمو:حضرت عبدالله بن سلام کان روايت آهي چيائين حضور ﷺ کي ڏٺم ته جَون جي مانيءَ جو ٽڪر کڻي آيا مٿانس کارڪون رکيل هيون فرمايائون ته هي کارڪون هن جَون جي ماني جو ٻوڙ آهي پوءِکاڌائون.
عَنْ أَنَسٍ بِنۡ مَالِکٍۡ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُعْجِبُهُ الثُّفْلُ ، قَالَ عَبْدُ اللهِ : يَعْنِي مَا بَقِيَ مِنَ الطَّعَامِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضرت رسول الله ﷺ کي کُرڙ وڻندي هئي. عبدالله چيو ته جيڪي طعام مان بچي.