خود ڪلاميءَ جو پورٽريٽ (مھاڳ)
*شاعري بي ساخته جذبن جي اُٿل جو نانءُ آهي.۽ پهرين اُٿل ۾ ئي شاعري پنهنجي سڀني رنگن ۽ روپن سان نِروار ٿي ايندي آهي.جنهن کان پوءِ ٻي اهم اُٿل جيڪا شعور جي وَهڪ ۾ فن ۽ فڪر جي سنگم سان سلهاڙجي اهڙو ته تخليق جو پيڪر ٿي پوندي آهي،جنهن کي ڏسي، ٻُڌي ۽ محسوس ڪري دل ۽ دماغ سندس سحر ۾ مَنڊجي ويندا آهن.
دراصل شاعري ٻن قسمن جي ٿئي ٿي يا اڃان به ايئن چئجي ته شاعري جا ٻَه زاويا آهن. هڪ آزاد شاعري ۽ ٻي پابند شاعري.
پابند شاعري ۾ غزل،نظم،وائي،بيت،گيت، ترائيل اچي وڃن ٿا. جڏهن ته آزاد شاعريءَ ۾ نثري نظم يا آزاد نظم اچن ٿا. پر غور ڪبو ته نثري نظم اظهار جي آزاد ڪئنواس جو اُهو حسين ۽ نفيس تَصور آهي جيڪو پنهنجي جوهر ۾ ڏاڍو مُشڪل ۽ گھرو پڻ چئي سگهجي ٿو. ڪولرج چواڻي ته “شاعريءَ جو سمورو سحر، سندس سڄو حُسن،اُن جي ساري قوت،اُن فلسفياڻي اصول ۾ آهي جنهن کي اسان ڏانءُ چئون ٿا.”
نثري نظم بظاهر ننڍين وڏين سٽن تي آڌاريل هڪ اهڙو ته زاويو آهي جنهن جي اندروني آهنگ يا نفاست جي نِج نِبار ۽ اعليٰ استعمال کان سواءِ تصور يا خيال جو ڪو مُڪمل پورٽريٽ نه ٿو جُڙي سگهي.نثري نظم پنهنجي اندروني سِٽاءُ ۾ هڪ اهڙو ته شاعريءَ جو اِدراڪ آهي جنهن کان سواءِ نثري نظم صرف اکرن جو آکاڙو بڻجي رهجي وڃي ٿي.مون ته نثري نظم لکندي پنهنجي تصور،خيال، احساس يا فن، فڪر ۽ فهم کي پنهنجي شعور جي شعاعن سان هم آهنگ پئي ڀانيو آهي.روبرٽ فروسٽ لکيو آهي ته “شاعريءَ” جو وجود تڏهن هوندو آهي جڏهن “جذبن” کي “فڪر” ۽ “فڪر” کي “لفظ”ملي ويندا آهن. يا وري ڊاڪٽر علي شريعتي چواڻي ته، “لفظ معنيٰ سان گڏ روح به رکندا آهن. مفهوم سان گڏ احساس به رکندا آهن. دماغ سان گڏ دل به رکندا آهن.”
اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون پابند شاعريءَ کان وٺي نثري شاعريءَ جي سفر تائين شاعريءَ جي نَون نَون ذائقن توڙي ڪيفيتن کي محسوس ڪندي هڪ عجيب قسم جو سَنتوش پئي پاتو آهي. نثري نظم منهنجي نظر ۾ هڪ پابند شاعري ڪندڙ شاعر لاءِ وڏو امتحان آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ جتي پابند شاعريءَ جي اهميت آهي اُتي نثري شاعري، شاعر جي اظهار جا لِڪل ۽ ڳُجها پاسا پڻ دريافت ڪري وٺي ٿي.لفظن جي رواني، تصور جي تُرهي تي ڪويتا جي سمنڊ ۾ تَرڻ جو لُطف ۽ احساس ڏاڍو نِرالو ڀاسي ٿو.
“خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ به منهنجي شاعراڻي سفر جا اهڙا سرور بخش ٿَڪ آهن جن کي روح جا پيرَ محسوس ڪري شاعريءَ جي مُسافريءَ جي حُسناڪين کي سارين ٿا.
سچ ته نثري نظم اُها شاعري آهي جيڪا منهنجي دل ۽ دماغ جي گهٽين ۾ ڀَٽڪندي پنهنجي اظهار جا رستا ڳولي رهي هئي. جنهن نيٺ اُهي گُم ٿي ويل پيچرا ڳولي منهنجي شاعراڻي جهان کي وڌيڪ نِکاري ڇڏيو آهي.اچو ته”لکڻ کان رهجي ويل نظم“ پڙهي،پنهنجي اندر ۾ ڀٽڪندڙ پنهنجو پاڻ کي نئين انداز سان دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.ڇو ته پنهنجي پاڻ کي اندر ۾ دريافت ڪرڻ ئي نثري نظم جي روشني ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو.
ماڻهوءَ جي اندر جي تنهائي توڙي اڪيلائي کي اظهارڻ يا اُن جو پورٽريٽ جوڙڻ لاءِ اسان کي نثري نظم ۾ لفظن وسيلي اندر لهڻو پوندو ۽ نثري نظم جي اندر ۾ لهڻ کان پوءِ ئي سڀ لِڪل راز عيان ٿي توهان سان توهان جي سُڃاڻپ ڪرائيندا.هُون به ڊاڪٽر ناصر عباس نير جي لفظن ۾ ته،”ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ نثري نظم جو خَمير اُنهيءَ تنهائيءَ مان اُٿيو آهي جيڪا صَنعتي ۽ سرمائيداراڻي تهذيب جو ڏيبُ آهي معنيٰ ته جنهن ۾ فرد ۽ سماج جي وچ ۾ اوپرائپ ۽ هڪڙي کَڏَ يا وِٿي اچي وئي آهي.انهيءَ صورت حال ۾ انسان پنهنجو اظهار خودڪلامي جي صورت ۾ ڪندو آهي.خودڪلامي کي نثري نظم جي بڻياد (POETICS) جو اهم اصول به ڄاتو ويو آهي،اِها ڳالهه هڪ حد تائين سچي آهي ڇو ته خودڪلامي رڳو نثري نظم تائين محدود ناهي پر ٻين جديد شعري ۽ نثري صنفن ۾ به موجود آهي ۽ اُنهيءَ جو هڪڙو ڪارڻ اِنفراديت پسندي ۽ تجربو پسندي به آهي.روايت سان ڳُوڙهي لاڳاپي،مڪالمي کي جڏهن ته روايت شڪني جي رَوش،خود ڪلامي کي واڌ ويجهه بخشيندي آهي.۽ اڪيلائي هڪ اهڙو انساني مسئلو آهي جيڪو ڪنهن مخصوص دور سان لاڳاپيل ناهي.انسان جڏهن به پاڻ سُڃاڻڻ ۽ پنهنجي معرفت جي سفر تي نڪرندو آهي تڏهن اڪيلائي سندس تجربو ضرور بڻبي آهي.اِهو صحيح آهي ته هاڻوڪي دور ۾ اڪيلائي جا سماجي ۽ نفسياتي اولڙا وڌيڪ شدت ۽ ڪثرت سان اڳيان آيا آهن ۽ ظاهر آهي ته اُن جو ڪارڻ سياسي،سماجي نظام ۽ سَرمائي پرستاڻي ثقافت آهي،تنهن کان سواءِ اڪيلائي جو تَعلق محبت جي واردات سان به آهي.“
ڏٺو وڃي ته ماڻهوءَ جي من جا مڙئي مِلول يا مُحبتن جا ٽُٽي پيل خواب شاعريءَ جي وجود کي نئين سِر تخليق ڪرڻ جي ڏانءُ ۾ ئي لِڪل آهن.شاعري لکڻ يا پڙھڻ توڙي جو ٻَه الڳ الڳ حالتون آهن پر اُهي ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪ ٻئي سان هم آهنگ ۽ هڪ ٻئي ۾ اهڙيءَ ريت پيوست ٿيل آهن جو اُنهن کي جدا ڪرڻ مُشڪل ٿي پوي ٿو.اُن ڪري شاعر،جڏهن شاعريءَ ۾ ڪُجهه به اظهاري ٿو ته پڙهندڙ وري اُن کي گهرائيءَ سان پڙهي پنهنجي روح جي تلخين کي نئين انداز سان پنهنجي وجود ۾ دريافت ڪري وٺي ٿو.
ايئن اُهي ٻئي تعلق هڪ ٻئي سان درد جي ڌارا ۾ گڏ گڏ وهندا هڪ ئي لهر ۾ سمائجي شاعريءَ کي نيون معنائون ۽ مَفهوم بخشيندا آهن.
نثري نظم جي حوالي سان شيخ اياز پنهنجي ڪتاب”سَر لوهيڙا ڳڀيا“جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، “اُڀرندڙ جديديت جو مُکيه اُونو اهو هو ته جديديت کي تجرباتي ۽ وجودي جماليات مان نِجات ڏياري وڃي.رستا ڳوليا ويا ته آرٽ جي هڪ شهپاري کي حقيقت جو اُتارو نه بڻايو وڃي ۽ نه اُن کي حقيقت جو نعم البدل بڻايو وڃي،پر اُن سان حقيقت ۾ شدت پيدا ڪئي وڃي.باقاعدي بحر و وزن جي پابند شاعري ته گهڻو ڪري حقيقت کي اضطراب ٿِي ڏئي يا اُن جو گلو گهٽي ٿي ڇڏي.شاعر جا لفظ قافيي ۽ رديف جي چڪر ۾ اچي ٿا وڃن.جن جو استعمال اڳي ئي فرض ڪيو ٿو وڃي.” (صفحو.39،40)
“اهڙي طرح يورپ ۾ به اڻويهين صديءَ ۽ ويهين صدي جي شروعات ۾ منظوم شاعريءَ ۾ شاعرن ائفرو ڊائٽي،وينس،پيني لوپي، اپالو،زيوس،ائگميمنان،هر ڪليز ۽ ٻين يوناني ديوين ۽ ديوتائن جو فطري نظارن ۾ يا علامتي طور تي ايترو ذڪر ڪيو جو شاعريءَ جا شائق بيزار ٿي پيا. هُنن پابند شاعريءَ مان جان ڇڏائي، Vers Libre اختيار ڪيو، نثر ۽ نظم جي وچ ۾ آمد رفت وڌي.نثر تي ڌيان اُن سبب ويو جو اُن کي ڪبڪ رفتاري پنهنجي آهي،اُن کي وڻي ته بيهي، وڻي ته چوڳو چوڳي، اڳتي وڌي يا هڪ ۽ اُڏار ۾ سفر طئي ڪري وڃي.
نثر زندگيءَ جون جامع حيثيتون چِٽي سگهي ٿو، اُن جا ورائتا پيچرا ٻوليءَ ۾ آڻي سگهي ٿو، اُن ۾ نظم وانگر دُهراءُ وَرلي آهي، تواتر سان مُناسبتون گهٽ ٿيون ملن. نثر، نظم وانگر معنيٰ کي سُڪوڙي سمائي نٿو سگهي.”
(صفحو.42)
“آزاد نظم،نثري نظم لاءِ هڪ تحريڪ جو حصو آهي. فرانس ۾ نثر،نظم کان ايترو ڌار ٿي ويو،جو نثري نظم هڪ رابطو ٿي پيو. فيني لان، Fenelon(1651ع کان 1715ع تائين-ڪلاسيڪل فرينچ ليکڪ) کان شاطو بريان (1768ع کان 1848ع تائين-فرينچ اديب) جي شاعريءَ تائين، ۽ انجيل جي نثر ۽ وديشي نظمن جي ترجمي جو ذريعو ٿي پيو.”
“دراصل بينادي طور تي نثري نظم جي مُکيه خاصيت اُن جو اُوچو سَڀاءُ ۽ اَروڪ نَواڻ آهي.وَرلي ڪوئي نثري نظم چِٽو ۽ سَنڌائتو آهي نه ته گهڻو ڪري اُن ۾ عجيب ۽ انوکي پڻو آهي ۽ ايئن ٿو لڳي ته يا ته ڦير ڦار کان پوءِ، ٻي فارم کي گهڻو ڪري آزاد نظم کي اُتساهيندو يا نقش بر آب ثابت ٿيندو.”
(صفحو.43،44)
“جڏهن نثري نظم جي باري ۾ لکيو ويو آهي ته ان جي نثريت جو آخري تاثر“نفاست” آهي، تڏهن نثري نظم جي وصف ۽ معنيٰ واضح طور بيان نه ڪئي وئي آهي. نثر ۾ سُر جو لاھ چاڙھ ڪو نه آهي، اُن ڳالهه جو مَدار اُنهيءَ آواز تي آهي جيڪو اُهي محاورا ٺاهي ۽ فقرا بيهاري ٿو،جي ڊيگهه ۾ هڪ جيترا نه آهن ۽ جن جي اهميت به ساڳي نه آهي.”
(صفحو.44)
“انجيل جي نثر کي شاعراڻو لاھ چاڙھ آهي.آسڪر وائيلڊ جي نثري نظمن ۾ هڪ بيانيه آلاپجي رهيو آهي، عبراني تاريخ کي جنهن ريت پڙهيو ويندو آهي ته اُها اِلاهي فرمان لڳندي آهي. نثر ۾ اُها سڀ ٽيڪنيڪ به آهي.ايئن آهي ته نثري نظم جي “نظميت” اُن اِختصار ۾ آهي.”
“ڪيترا نثري نظم انهن مَنظوم نَظمن جو نثري مواد آهن،جي نظمائڻ کان رهجي ويا آهن.اِها ڳالهه ساري”سَر لوهيڙا ڳڀيا” سان لاڳو ٿي سگهي ٿي.اُهي نثري نظم به
“منهنجي تحت الشعور ۾ ايئن اُڀري آيا هئا، جيئن منظوم نظم اُڀري آيا ها.”
(صفحو.45)
“اُن ۾ شڪ نه آهي ته بودليئر آزاد نظم (Free Verse)جو پيشرو هو.نثري نظم ۽ آزاد نظم،فرانس مان انگلنڊ ۽ آمريڪا پهتا،جتي والٽ وٽمئن جي شاعريءَ دنيا کي ڌوڏي وڌو.جرمن شاعريءَ ۾ ترنم وارا شاهڪار ها،جن جا قافيا نهايت سُريلا هيا.”
“شاعر نثري شاعريءَ ۾ وڏيون سِٽون تخليق ڪري،ڪيترو تاثر پيدا ڪري سگهي ٿو، اُهو شاعر تي مَدار آهي. هُن جا جُملا،هُن جون وياڪرڻ جون اِڪائيون، مَحاورا ۽ فِقرا، اَندروني قافيا اِن طرح ڏنا وڃن ٿا ڄڻ وياڪرڻ کي اڳوڻڪائي ڪا نه آهي.هڪ فقرو فقرو نه آهي پر هڪ نظم جي سِٽ آهي، جُملي جي هر حصي کي ڄڻ صرف و نَحو جي غير مَشروط قطعيت آهي،يعني ته نثري نظم کي پنهنجي ترتيب آهي ۽ ڄڻ ته ماٺ ميٺ ۾ گهٽ وڌائي جي موڪل آهي.اِن ريت نثري نظم نَحوي بَناوت کان بي نياز آهي ۽ اُن کي عجيب و غريب مابعدالطبعيات (Metephysical eeriness) آهي.”
(صفحو.48)
يا وري شيخ اياز سنڌ جي سورنهن شاعرن جي ڪتاب”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“جي شاندار ماڳ ۾ صفحي41 تي لکيو آهي ته،
“منهنجو مقصد اِهو آهي ته نثري شاعريءَ جو حق صحيح معنيٰ ۾ اُنهيءَ کي آهي جو بودليئر وانگر سُٺي مَنظوم شاعري ڪندو هُجي ۽ پاڻ پنهنجي مَنظوم شاعريءَ تي نثري شاعريءَ کي ترجيح ڏي.دراصل سُٺي نثري شاعريءَ اُهو ٿو ڪري سگهي،جنهن جو معيار بَرٽالٽ بريخت جو هُجي.شاعريءَ جو مقصد روح کي گرمائڻ آهي ۽ انسان جي گوشت پوست کي روح ۾ بدلائڻ آهي.”
“خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ دراصل منهجي دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سالن کان اَڻ اِظهاريل خيالن، تصورن، اَڪيلاين، دردن ۽ وڇوڙن جا اهڙا ته گونگا آواز هئا جن کي هِنن نثري نظمن جو ريشمي ۽ رنگين آواز ملي ويو. ٻيو ته اِن پس منظر ۾ سنڌي نثري شاعري کان ويندي بين القوامي نثري شاعريءَ جي مُسلسل مُطالعي منهنجي ذهن جي بند گوشين جا تاڪ کولي منهنجي تَحت الشعور ۾ رهجي ويل خوابن کي نَيَن ۽ نَفيس ڏِسائن جا ڏَسُ ڏئي منهنجي شعور جي احساساتي سفر کي نوان پيچرا دريافت ڪري ڏنا.جن تي هلندي تصور جا طلسماتي رنگ منهنجي روح مان سج جي ڪرڻن جيان جَرڪي منهنجي نثري شاعريءَ کي جَرڪائيندا رهيا آهن. نثري نظم جي اِن سموري پَس منظر ۾ ماڻهوءَ جي مَن جي ويڳاڻائپ ۽ دل جون ڳالهيون نه اِظهاري سگهڻ جي جيڪا بيوسي، بيقراري ۽ درد ڇوليون هڻي رهيو آهي، اُهو درد ئي منهنجي زندگيءَ جي ساحل تي لهرون لهرون بڻجي هميشه منهنجن اکين جي ڪنارن کي پئي ڀِڄائيندو رهيو آهي، جنهن احساس جي آلاڻ ئي منهنجي محسوسيات جي موسم کي نثري نظم جو وشال دامن ارپي منهنجي گهايل اظهار کي پنهنجن سورن سَلڻ جو نئون ساهَس بَخشي ڏنو آهي.
بخشل باغي
Mob:03003217411
16-5-2021