جنم
تنهنجي لاتعلقيءَ جي تَلوار
منهنجي گهايل روح ۾ کُتي پئي آهي
تو پنهنجي دل جي دري بند ڪري
مون کي ڪائنات جي هِن ننڍڙي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي
اڪيلائي ۽ بيقراريءَ جي گُهٽ ۾
هاڻ منهنجو ساھ ٻُوساٽجڻ لڳو آهي
سج، چنڊ ۽ ستارن جي گُهگهه اُونداهي
مون کي هوريان هوريان ڳِڙڪائي رهي آهي
روشنين جا رنگ
منهنجي دل کي رَهڙي رهيا آهن
مان آوازن جي گهاٽي جهنگ ۾ وِڃائجڻ نٿو چاهيان
تنهنجي ننڊ ۾ مان خاموشيءَ جو خواب ٿيڻ چاهيان ٿو
تون پنهنجي دل جي دري کول ته
مان تنهنجي احساس جي هوا ماڻي
وري تنهنجن مُحبتن مان هڪ نئون جنم وٺان