بي زُبان ڏُک جي صدا
ذهن خالي ٿي نه سگھيو
مان مگر خالي رهيس
حادثن جي بار هيٺان
دل سدا دَٻيل رهي
کوڙ سيني ۾ صدائون
روز ٿيون مَدفون ٿين
زندگي جي چوواٽي
تي اڪيلو آهيان
ڪو به ناهي وَنجهه جنهن جو
سو بتيلو آهيان
ساٿ جو،سهڪار جو
دل کي ڪنارو ڪين آ
مان سفر جنهن تي ڪيان
اهڙو ڪو چارو ڪين آ
دور تائين ڪوبه ڪٿ
اُتساھ جو نالو نه آ
ڪابه چوڙي چنڊ ناهي
جُهومندڙ والو نه آ
زندگي مانيءَ جيان پنهنجي رُکي
انتظارن ۾ ٺَري ويئي سُڪي
ديد رهجي وئي بُکي
ڪابه تبديلي نه آهي
ٻانهن ۽ ٻيلي نه آهي
مُفلسيءَ جو رنگ ٿو وڌندو وڃي
انتها جو زنگ ٿو وڌندو وڃي
ڪابه ڇاتي ڪو ڪُلهو ناهي رهيو
ڪنڌ لاڙي جنهن مٿان روئي پَوان
هانوَ تي جو بار آ هلڪو ڪيان
ڪوبه پنهنجو ڪين ٿو محسوس ٿئي
دوستيءَ جي دل وئي پٿرائجي
ٿي ڪري ٽُڪرا رُڳو ٽَڪرائجي
آ ڪيو مَصلوب اِن احساس مون کي
ڪو به جيئڻ جو نه آيو
رنگ آهي راس مون کي
موسمون مون لاءِ مَٽجن ئي نٿيون
گُهگُهه اُونڌايون اَڃا گهٽجن نه ٿيون
ڪُجھ به ڪونهي هڪ خلا آ چوطرف
بي زُبان ڏُک جي صدا آ چوطرف!