ڪِنگ پِرسٽ
توکي پنهنجي وجود يا ڪُلهن تي
اوڍيل ايئن ٿو محسوس ڪريان
جهڙا پرينءَ جا نَرم ۽ گَرم ڀاڪر
ڄڻ ريشمي ۽ رنگين ٻانهن جي پناهن ۾ هُجان
جيئن پکي آکيرن ۾ پنهنجي معصوم ٻچن کي
پنهنجا مُقدس پَر پکيڙي محفوظ رکندا آهن
تنهنجي ڪارونجهر جهڙي اَڏول سُرخ سيني تي ڇُريل
اَڇون، ڪاريون، نيريون، ڳاڙهيون ٽِڙندڙ ڦُلڙيون
منهنجي بنجر وجود تي ٽِڙي، مهڪي پَونديون آهن
تنهنجا سڀئي نِرالا ۽ اَڇوتا نقش
منهنجي سُڃاڻپ جو لازوال حوالو آهن
اُتر جي برفيلي هوا ۾ تون
آسيس ڏيندڙ هڪ گرم احساس آهين
منهنجي بي بقا زندگيءَ تي
تنهنجا رنگ، ڪيڏا نه گھرا ۽ اَڻ مِٽ آهن
تنهنجون ڦَھليل وِشال چارئي ڪُنڊون
ڌرتيءَ جون چار ڏِسائون آهن
جن ۾ تو سموري سِرشٽيءَ کي اُلفت ۽ اَمن سان سَمائي رکيو آهي
تنهنجي عظمت
ڌرتيءَ کان آڪاش تائين
ڦُلڙيون ڦُلڙيون ستارا بڻجي ڦھلجي وئي آهي
تو ۾ ڌرتيءَ جي مُقدس مٽيءَ جي ناياب خوشبو سانڍيل آهي
تون ديس جي سِر تي سدائين
بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ مِثل آهين
تنهنجون کير جهڙيون اَڇيون روشن ڦُلڙيون
اَمن جا ڪبوتر بڻجي اُڏامن ٿيون ته
سموري مُنتشر فضا، الهامي آسيس ماڻي ٿي
تنهنجو احساس ۽ خيال
دنيا جي عظيم تخليق آهي
جنهن کي موهن جي اِسٽوپا تي
نَڪ ڀَڳل “ڪِنگ پِرسٽ” پنهنجي وجود تي ويڙهي
سَمبارا جو رقص ڏٺو هو!