ڀٽائيءَ جو کاهوڙي
هُو بظاهر ته هڪڙي صَدي هو
پر هُن ۾ ته ڪئي صديون سَمايل هيون
۽ هاڻ هُو ايندڙ صدين تي به ڇانيل رهندو
ڌرتيءَ مٿان نيرڙي آڪاس وانگر
پنهنجي گيڙوءَ رَتي رنگ ۽ ڍنگ سان
هُن جون اُداس، پُر اُميد جُهونيون اکڙيون
سج، چنڊ ۽ ستارا بڻجي
سنڌ جي مُقدس سينڌ ۾ جَرڪنديون رهنديون
سندس معصوم، پَوتر ۽ لافاني مُرڪ
سمنڊ تي شفق جو ڏيک ڏيندي
سندس وجود جي ڀاڪر جو چيڪي مٽيءَ جهڙو هُڳاءُ
ڌرتيءَ کان ڪڏهن به وِسري نه سگهندو
هُن جي دل هاڻ ديس جي سيني ۾ ڌَڙڪندي رهندي
هُن جا نفيس ۽ ڪومل هٿَ
پيار ۽ پاٻوھ جي اَزلي علامت رهندا
هُو هاڻ عشق، محبت ۽ حُسن جي نَگر ۾ آرامي رهندو
جنهن جي پٿريلي ڌرتيءَ مان
هُو مهڪندڙ گُلن جي رُوپ ۾ نِروار ٿيندو
هُن، جنم کان اَنت تائين
ڌرتيءَ جي روح جو سفر ڪيو
هُو ته ڀٽائيءَ جو کاهوڙي هو
جنهن جي پيرن ۾ پهاڙن جيڏا پٿر ٻَڌل هئا
اکين ۾ صدين جي اوجاڳن جا جَرڪندڙ ڏيئا هئا
۽ اُنهن ڏيئن جي روشنيءَ ۾
فقط سنڌ جي نِماڻي صورت هئي
هُو وطن جو واهرو ۽ ويساهن جو وارث هو
هُن پنهنجي ساهن جي آخري تند ۾ به
ديس جي دُکن کي ٽاڪي ڇڏيو هو
هُن جو سمورو جيون
ڌرتيءَ جي درد ۾ تحليل ٿي ويو هو
هُو ديس جي نيڻن ۾ صبح ٿي اُڀريو هو
۽ وفا جي وچن جي سُرمئي شام بڻجي لهي ويو،
چيڪي مٽيءَ جي ڀِنل مهڪ ۾
جنهن عظيم ۽ اعليٰ مٽيءَ کي هُن پنهنجي ماٿي لاتو هو
۽ گجگوڙ ڪندڙ آواز ۾ بغاوتن جو گيت ڳاتو هو
جيڪو اَزل جي سماعتن ۾ ٻُرندو رهندو
۽ گُهرندو رهندو آزادي
اُڏندو رهندو اَمن جي اَڇي ڪبوتر جيان
هِن ڪائناتي وايو منڊل ۾
اَبد جي ايندڙ هرهڪ پل تائين!
(سائين محمد ابراهيم جويي کي پيار جي ڀيٽا)