ڪاش
او ڌوٻي!
ڪاش تون
ڪپڙن سان گڏ
ماڻهوءَ جي اندر جو
مَيرُ به ڌوئي سگهين ها!
بخشل باغي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنھن جي تخليقي اڏام روايتي پيچرن کان هٽي ڪري هڪ منفرد ۽ الڳ ٿلڳ رستي طرف گامزن نظر اچي ٿي. سندس نظم توڙي نثر نہ فقط ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي سونھن جا تِجلا پسائي ٿو، پر پاڻ عملي طور بہ سچ ۽ سونھن جو ساٿاري بڻجي هميشہ متحرڪ نظر اچي ٿي. بخشل باغيءَ جي پابند شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري نظم ۽ آزاد نظم پڻ معاشرتي ڀڃ ڊاھہ ۽ محبتي مايا جو اهڙو آئينو آهن جنھن ۾ پڙهندڙ کي پنھنجا عڪس جا بجا نظر ايندا. ”خودڪلاميءَ جو پورٽريٽ” ۾ شاعر جي شاعراڻي سفر جا اهڙا سرور بخش ٿَڪ آهن جن کي روح جا پيرَ محسوس ڪري شاعريءَ جي مُسافريءَ جي حُسناڪين کي سارين ٿا.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو