موت جي ڪُنڍي
چَون ٿا ته اُهو زِلزلو هو
پر الائي ته ڇو؟
ذهن اِن ڳالهه سان آماده نه پيو ٿئي
مون کي ته ايئن محسوس ٿيو
ڄڻ ڌرتيءَ هڪ هنڌ پَئي پَئي
آرس ڀَڃو هُجي
يا وري
هڪ وڏو ٿَڌو ساھ ڀَري سانت ٿي وئي هُجي
پر ڌرتيءَ جي اُها چُرپُر
منهنجي چِت کي مُنتشر ڪري ڇڏيو
اَڻڄاڻ لمحا ۽ حالتون
اوچتو بڻجي پيل بي رنگ ۽ ويران پيچرن تي مون سان مُکا ميل ٿيون
فطرت جي اُن اَلميي
منهنجي جوڀن جا نِڪور ۽ رنگين پَل
بي رنگينيءَ ۾ رائيگان ڪري ڇڏيا
اکين کان ننڊ کسي، رنگين خواب چورائي ڇڏيا
وقت منهنجي دل جي سُڪون تي ڌاڙو هڻي
من جي چين کي اغوا ڪري ڇڏيو
آئون زندگي ۽ موت جي ٻِه واٽي تي
ذهن جي برباد ٿيل دنيا ۾ ڀٽڪندو رهيس
منهنجي کيسي ۾ ڏوڪڙن جو ڏُڪر ڪَر موڙي جاڳي پيو
مهانگين دوائن جون ڪئي پَرچيون
مون تان کِلڻ لڳيون
دوائن جو ڪَڙو ذائقو منهنجي احساسن ۾ تحليل ٿي ويو
گهڙيال جا ڪانٽا رُڪجي ويا
۽ سَمو گهڙيال کان ٻاهر ڦٿڪڻ لڳو
صبح، منجهند، شام ۽ رات
پنهنجا فرق مٽائي ويٺا
هڪ ئي بي رنگائيءَ جو رنگ روح تي ڇانئجي ڇُلڪي پيو
مان پنهنجي چِت ۾
پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جيئن ڦٿڪندو رهيس
زندگيءَ جي ڪَلين ۾ موت جي ڪُنڍي اَٽڪيل ئي رهي!