نِڙيءَ ۾ اَٽڪي پيل سُڏڪو
ڇا، هاڻ مان اِهو يقين ڪري ڇڏيان ته
تو، مون کي وساري ڇڏيو آهي؟
ڇا، ڪير ڪنهن کي ايترو جلدي وساري سگهي ٿو؟
جيترو جلدي، ڪو کِنوڻ جو تَجلو
هِڏڪيءَ جو مُختصر لَمحو
ڌَڙڪن جو سَمو
يا وري
وڇوڙي جي گهايل گهٽيءَ جي موڙ تان
نِڙيءَ ۾ سَرد سُڏڪو اَٽڪائي
تَڪڙو گُذري وَڃڻ جيتري وقت ۾
ڪير ڪنهن کي وساري سگهي ٿو؟
ڇا، مان هاڻ اِهو يقين ڪري ڇڏيان ته
جُگنو اُوندھ ۾ ٽِمڪڻ ڇڏي ڏيندا؟
گُل ٽِڙڻ، هوا گُهلڻ، سمنڊ گَجڻ، نديون وَهڻ سِج اُڀرڻ، ڪوئل ڪُوڪڻ، پکي اُڏرڻ،
وقت گُذرڻ،
جي نه ته پوءِ
مان اِهو يقين ڪيئن ڪري ڇڏيان ته
تو مون کي وساري ڇڏيو آهي!