صحرا ۽ سمنڊ
سمنڊ ،صحرا کي نٿو سمجھي سگھي
سمنڊ پنهنجو پاڻ کان ٻاهر نهاري ئي نٿو
روز ساحل کي ڇُهي موٽي وڃي ٿو پاڻ ڏي
اُڃ مان صحرا سَڏي ٿو سمنڊ کي
سمنڊ گُهوريندو رهي ٿو چنڊ کي
سڏ ساگر ٻيو ڪَنائي ئي نٿو
بادلن جو رُوپ ڌاري اُڀ تي
ڀِٽَ صحرا جي ڀِڃائي ئي نٿو
سُڃ صحرا ۾ صدين کان ٿي وسي
ٿَڪ جا ٿوهر ڦُٽن هر ٿاڪ تي
لُک ۾ واري رُڌاليءَ وانگيان
اوڇنگارون ٿي ڏئي،ڇوڙي ڇَتا
آسمانن جي ڪفن ۾ ويڙهيل
ٽهڪندڙ هُن سج جي اَرٿي مٿان
سمنڊ لاتعلق اُنهيءَ احساس کان
دور آهي درد جي بَنواس کان
روز صحرا ٿو سَڙي واريءَ مٿان
روز ٿي هرڻي مَري ماريءَ هٿان
سمنڊ تي هر روز ٽِڙندي آ شفق
سڀ پکي ٽُوليون ڪري هِن ٽهلندا
ڇا ته رنگينيون رهن ٿيون سانجهه جون
ڪيتريون ٻيڙيون مَٿس هِن ٻاجھ جون
سِڙھ جن تي هِن سفيديءَ جو سَمان
تن تي فيروزي آ ڦهليل آسمان
سمنڊ جي آهن اکين ۾ رنگ ڪئي
پير پايل سان هَلن ٿا سنگ ڪئي
جن کي لهرون ٿيون چُمن ساحل مٿان
سج سانجھيءَ جي ٻَکن ۾ ٿو لهي
سمنڊ تي هڪ ڏيک وڻندڙ ٿو ٺهي
ها مگر صحرا صدين کان هيڪلو
جھُور ٿي ويو آ اکين کان هيڪلو
وقت جي هٿ ۾ کڻي لَٺ ٿو هَلي
درد هُو تپندڙ اَڪن سان ٿو سَلي
ڪوبه ٻاٻيهو نٿو ٻولي مَنجھس
ڪونج ڪرلائي نٿي اُڏري مَٿس
ڪوبه روهيڙو رتيلو ڪونه آ
هاءِ!صحرا جي سُڪي ويل روح ۾
اُڃ ئي اُڃ آ سندس هر کوھ ۾
سانت ڄڻ سگريٽ وانگر ٿي دُکي
هر ستاري کي سَناٽو ٿو چُڳي
اُڀ ۾ ڪَتين بڻايو ڪوٽ آ
چنڊ جي چانڊاڻ گِهري چوٽ آ
سُور ۾ صحرا ننڊون ڪهڙيون ڪَري
جاڳ واريءَ جي ذرن ۾ ٿي ٻَري
ريت تي ڪنهن جو به پيرو ڪونه آ
ڀِٽَ تي ڪنهن جو بسيرو ڪونه آ
ڪوبه ڀُلجي ڪين ٿو بادل اچي
گُهٽ ۾ بڻجي گهٽا آنچل اچي
رِڻ ڌرتيءَ جو مُسافر آ ٿَڪل
راس جنهن کي ڪين آيو آهي جَل
سُرمئي صحرا سمورو سُور آ
ڏيک صحرا جو ڪا گھايل گُهور آ
منهنجي اندر جي عڪاسي ٿو ڪري
منهنجي خوابن ۾ اُداسي ٿو ڪري
رَڙَ ٿي رِڻ جي سَناٽن ۾ رُلي
سمنڊ ٿو اَڻ ڄاڻ صحرا کان ڇُلي