واپسي
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن
جيڪي مون هيل تائين صرف تولئه ئي لکيا آهن؟
ڇا تو اُنهن نظمن ۾ منهنجي اُداس دل جي
اڪيلائي محسوس ڪئي آهي؟
جن ۾ مان تنهنجي اوسيئڙي جي تِکي اُس ۾ تڙپندو آهيان
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن
جيڪي تنهنجي چپن جي رستي
تنهنجي دل تائين پُهچڻ لاءِ مُنتظر آهن
۽ تنهنجن رنگين احساسن سان رنگجڻ لاءِ بيقرار آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جيڪي مون تنهنجي يادن ۽ خوابن جي سمنڊ مان شاعريءَ جي ڪُنڍيءَ سان پَڪڙيا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جيڪي مون تنهنجي وَڃڻ ويل
تنهنجن پيرن جي اُڏندڙ ڌُوڙ مان ڇَنڊي کَنيا هئا
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ منهنجون اوجاڳيل اکيون
جاڳ جي ٽياس تي ٽَنگيل رهن ٿيون
يا وري اُهي نظم
جيڪي مون تخليق جي تصور ۾ صرف تولئه لِڪائي رکيا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ تنهنجي ٽهڪن، مُرڪن، آرسن، ڳالهين
چُوڙين ۽ تنهنجي حسين چھري جي
نفيس رَوين جا رنگ ٽِڙندا رهندا آهن
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟
جن ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ پاڳل شاعر
تنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي
هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين
تنهنجي ڌيان کان پري آوارگي ڪندي پئي ڀٽڪندو آهي
۽ نِراس ڀٽڪندي ڀٽڪندي سُست قدمن سان
خودڪشيءَ جي سَرحد اُڪرڻ کان ٿورڙو پهرين
تنهنجي ديدار جي درشن جي دري کُلي پَوڻ جي آس ۾
تولئه ٻيھر نظم لکڻ جي لاءِ
زندگيءَ ڏانهن واپس موٽي ويندو آهي
ڇا تو منهنجا اُهي نظم پڙهيا آهن؟