بليئڪ هول
توکي وسارڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي
مان زندگي گُذارڻ به وساري ويٺو آهيان
مون کان منهنجي گهر جي گهٽي به وسري وئي آهي
سڀ چهرا اجنبي ٿي پيا آهن
سُڃاڻپ جي ڳولا ۾ مان پنهنجي شناخت وڃائي ويٺو آهيان
ذهن جي سُئي تنهنجي تصور ۾ اَٽڪي پئي آهي
مون رات جي رستن تي ننڊ کي وڃائي ڇڏيو آهي
هاڻي ننڊ جون گوريون مون تان کلنديون آهن
مان احساس جي تِکي اُس ۾ ٽِچڪي رهيو آهيان
اڪيلاين جو ٻرندڙ سج دل تي لهي آيو آهي
مان وجود جي ويرانين ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان
تنهنجي تمنا جي تنوار من ۾ تڙپي رهي آهي
تو مون کي بي ڌيانيءَ جي“بليئڪ هول” ۾
ڌِڪي ڇڏيو آهي
گهڻي ڳولا کان پوءِ به مان پاڻ کي نٿو لَڀان
تون ئي اچي مون کي ڳولي ڏي
تون ئي اچي ڪا منهنجي ڳڻتين جي ڳُجهارت ڀَڃ
توئي ته منهنجي پريم کي
پروليءَ ۾ تبديل ڪيو هو
تون ئي اچي منهنجي ساهن جي سورن کي سَل
مان صحرا جي سانت ۾ سُڏڪي رهيو آهيان
مون هوا جي هٿن تي تنهنجو نالو لکيو آهي
تو اُُهو ته ضرور پڙهيو هوندو
تنهنجي نانءُ ۾ ئي ته منهنجو ڏَس پَتو آهي
تون پنهنجي نالي جي نُقطن ۾ غور سان نِهار
توکي منهنجي ديوانگي نظر ايندي