لِکڻ کان رهجي وَيل نظم
رستي جي اُڏندڙ ڌُوڙ ۾
هر روز ايندي يا ويندي
الائي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن
هُوءَ منهنجي تَحت الشعور ۾ هلي آئي
لاشعور ۾ پُھچڻ تائين مان لاشعوري طور تي ڏانهس ڇِڪبو رهيس
هُن جو عجيب پُرڪشش چهرو
منهنجي شعور ۾ ايئن ته روشن ٿيو
جيئن ڪنهن ڊگهي ڪاريءَ رات کان پوءِ اُجرو ڳاڙهو کُنڀو سج پِرھ جا پيغام کڻي
اُڀرندو آهي
هُن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي طِلسماتي ڇِڪ آهي
جيڪا منهنجين رولاڪ نيڻن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي نينڍ ڏيندي آهي
مان نه چاهيندي به سندس چهري جي مسيحي مُرڪ ۾ وڃائجي ويندو آهيان۔
سچ ته هوءَ ڏاڍي مُنفرد آهي
هن جو قد، ڪنهن گهايل هرڻيءَ جي ڇال جيترو آهي
بدن جي بيهڪ ۾ هُوءَ
ڪنهن عظيم سنگتراش جي تراشيل ڪا مورتي لڳندي آهي
جنهن تي سادا ۽ ميرا ڪپڙا فخر محسوس ڪندا آهن
نِٽھڻ اُس ۾ گهاٽن بادلن جي ڇانوَ جهڙي ڇوڪريءَ کي مان پنهنجي اصلي اُجري روپ ۾ ڪڏهن ڏسي سگهندُس؟
جڏهن هُوءَ آرسيءَ جي اکين ۾ ڪو خُماريل خواب بڻجي لهندي
مون ته سندس ڍنڍ جهڙو شفاف چھرو
هميشه رستي جي اُڏندڙ مٽيءَ ۾ ڌُنڌلو ئي ڏٺو آهي
جهڙو ماڪ ۾ ويڙهيل ۽ ڀِنل باک ڦٽيءَ جو ٽڙندڙ گلاب
وقت ۽ سماج ڪيڏا نه بي رحم آهن
جو هُو شين کي پنهنجي جائز مَقام کان محروم رکن ٿا
مان ڪيڏين نه پيار ڀَرين نظرن سان کيس نهاريندو آهيان
اِن آس سان ته هُوءَ به پنهنجا نماڻا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريندي
پر هُوءَ رستي تي ٻُھاري ڏيندي، اُڏندڙ مٽيءَ ۾ الائي ڪٿي گُم هوندي آهي
مان کيس ايندي توڙي ويندي ڏسندو رهندو آهيان
۽ هر روز هُن جو اکين ۾ پيهي ويندڙ چهرو هوريان هوريان اُڏندڙ مٽيءَ ۾ ڌُنڌلائجي منهنجي تصور ۾ چِٽو ٿي پوندو آهي۔۔۔!!!