سونھن جي شھزادي
جنت جِي چوان حُورَ، پَرِي يا تہ چَوان ڇا؟
رُخسار مثل ڏاڙهُون، ٻئي نيڻَ شرابِي،
ڏند موتين جا داڻا، لب لال گُلابِي.
انب ڦار اٿئي نڪُ، تُنھنجو چھرو ڪتابِي،
ٿي مور مُنڊي تُنھنجي هي ٽورَ نوابِي.
اڀرو ٿا لڳنِ ائن، ڪا تلوُارَ هُجي ڄڻُ،
گفتار مِٺي، ماکي جي لارَ هُجي ڄڻُ.
سُبحان ﷲ سُھڻي ڇا تُنھنجي ڳچي آ؟
بخمل آ بدنُ تُنھنجو ۽ واھہ وَهيِ آ؟
ڪائناتِ پوي مھڪي، ڏئِي ٽھڪ کِلين جي،
جُهومي ۽ نچي جهانجهر، وک وک ٿي کڻين جي.
هٿَ پشم، پدم پيرَ، ٻانھن کي سڏيان ڇا؟
تو سُونھن جي شھزادي جي ساراھہ ڪيان ڇا؟
جي وارَ ڇنڊين آلا، برسات وسي پئي،
جي زلف ڇڏين کولي، ٿي راتِ تہ ٿي پئي،
تون وارَ جڏهن ويڙهين، ٿي باک ڦُٽي پئي،
ٿي سينڌِ ڪڍين جنھن دم، انڊلٺِ ٿي ٺھي پئي.
تُون گهوري ڏِسين جنھن ڏي، وِڄ تنھن تي ڪرِي پئي،
آتابُ تُکو تُنھنجو، ڏسِي جو بہ سڙي پئي.
هر انگ اَٿئي دنگ، هر اندازُ ڪُھي ٿو،
سينگارُ ڪُھي ٿو، تُنھنجو نازُ ڪھي ٿو.
تُون منھنجي ڀاڳن ۾ آهين يا نہ الائي،
ربّ پاڪُ توسان منھنجو شلَ ميلو ڪرائي.
جي مون کي ملين تون تہ ٻيو رب کان گهُران ڇا؟
تو سُونھن جي شھزاديءَ جي ساراهَ ڪَيان ڇا؟
شيرين هُجي يا ڪا سُھڻي يا زُليخا،
ڇا پُڄنديون نوري سورٺ، وينس مونا ليزا.
ڪا ڪونج هُجي، يا تہ هُجي مصر جي ملڪا،
هِن هيچ اڳيان تُنھنجي سسئي، هير ۽ ليليٰ.
تون آهين سَڄي ساري ئي سونُ سراسر،
مومل بہ تُنھنجي پَيرن جي خاڪ برابر.
ڌرتي کي ڪيان ڪاغذ جي منھنجو پُڄي وَسُ،
وڻ سارا قلم ڪريان، سمونڊ ڪيان مسُ.
سو سال لکان ويھي تعريف مان تُنھنجي،
تہ بہ ڪِين لِکي سگهندُس هِڪ وصف مان تُنھنجي.
هِي مُنھنجي زبان تُنھنجو ڪندي شانُ بيان ڇا؟
تو سُونھن جي شھزادي جي ساراھہ ڪيان ڇا؟