شاعري

ڪاش!

”علي محمد درد سولنگي پراڻن پنڌن جو راهي آهي سندس شاعريءَ جو مجموعو ڪاش خوبصورت احساسن جو اظھار آهي. علي محمد درد سولنگي هڪ ڪھنہ مشق شاعر آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ ميچورٽي سان گڏ زندگيءَ جي حقيقت پڻ نظر اچي ٿي هن تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ پنھنجي جذبن جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ هو زندگيءَ جي پيڙائن جو شاعر آهي. مجموعي طور علي محمد درد سولنگيءَ جو هيءُ ڪتاب ”ڪاش“ هوا جو هڪ تازو ۽ سرهو جهوٽو آهي جنھن ۾ احساسن جا سڀئي رنگ شامل آهن.“

Title Cover of book ڪاش!

اها زندگي آ

ڪڏهن ڏکُ، ڪڏهن سُک، ڪڏهن غمُ، خوشي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.
ڪڏهن ٻاٽ اوندھہ، ڪڏهن روشني آ،
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن موج مھراڻ ڇوليُون ئِي ڇوليون،
ڪڏهنِ مورَ جي ٽورَ ڪويل جون ٻوليون،
ڪڏهنِ باغُ بلبل، ڪڏهن سُڃَ رڳي آ،
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڏِسي تابُ سج جو جُدا ٿئي ٿو پاڇو،
ڪڏهن منُ آ مڪلي، ڪڏهن ٿرُ ۽ ڪاڇو،
ڪڏهن آهي ڪينجهر، ڪڏهن ڇپ ڳري آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ وئشيا وانگي وِڪي نوٽ تي ئي،
ڪڏهنِ سسئي وانگي چڙهي چوٽَ تي ٿي،
ڪڏهن سھڻي وانگي تري آ ٻڏي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن سانجهہ سُرهي، ڪڏهن راِت ڪاري،
ڪڏهنِ سالُ ساعت، ڪڏهن پلُ بہ ڀاري،
ڪڏهن پھر سُڏڪي ڪندو خودڪشي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ وقتُ ويري، ڪڏهن مھربان آ،
ڪڏهن تنگ ڌرتي، ڪڏهنِ آسمان آ،
ڪڏهن دوستي آ، ڪڏهن دشمني آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهنِ ٽوھہ، ڪڏهين مِٺي کنڊُ جھڙي،
ڪڏهنِ چوڏهين جي چٽي چَنڊ جھڙي،
ڪڏهن راڻو، مومل ڪڏهن ڪاڪ جي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.

ڪڏهن پريت جھڙي، ڪڏهن درد جھڙي،
ڪڏهنِ آھہ اجڙيل، ڦُرِيل فرد جھڙي،
ڪڏهن پرھہ جھڙي، ڪڏهن ڌرتَتِي آ.
اها زندگي آ، اها زندگي آ.