شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

پبلشر نوٽ

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو. خاص ڪري ننڍي کنڊ جا انقلاب ۽ آزادي جا متوالا، ترقي پسند طبقا ۽ انسان دوست حلقا جيڪو احترام ۽ عقيدت مولانا سنڌيءَ سان رکن ٿا سو قابل رشڪ آهي. پر ساڳي وقت قدامت پرستيءَ سرمائيداريت ۽ سامراج جا ڪجهه دلال طبقا، هُن سان جيڪو بغض ۽ دشمني رکن ٿا سا به بيحد ڪرڀائتي ۽ سخت بدبودار آهي.
مولانا سنڌيءَ سان انهيءَ دشمنيءَ جو آغاز دارالعلوم ديوبند کان ٿيو، جتي هو پنهنجي استاد شيخ الهند مولانا محمودالحسن وٽ پڙهيو. دارالعلوم ديوبند جو بنياد مولانا محمد قاسم نانوتوي رکيو هو ۽ پنهنجو پهريون شاگرد مولانا محمود الحسن کي بڻايائين. هن اداري جو مقصد قرآن حڪيم جي ٻڌايل انقلابي بنيادن تي هڪ جماعت تيار ڪري ننڍي کنڊ مان سامراجي اقتدار جو خاتمو آڻڻ هو ته جيئن امام شاهه ولي الله جي جماعت جي تسلسل ۾ سرمائيداريت مخالف اسلامي اقتدار کي مضبوط تعليمي بنياد فراهم ٿي سگهن. انهيءَ ڪري ان وقت برصغير ۾ رائج فقهي بنيادن تي استوار درس نظامي جي بجاءِ قرآن و حديث جي بنيادن تي استوار ڪورس جي تشڪيل سان ان جو آغاز ڪيو ويو.
بدقسمتيءَ سان وڏين اسلامي ملڪن ۾ نسب پرستيءَ جي داخل ٿيڻ سان اتي اسلامي تحريڪن جي روح جي جيئن پائمالي ٿي آهي، تيئن هتي به ساڳي وارتا پيش آئي ۽ مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ مولانا محمد احمد ان جو مهتمم بڻيو. جنهن انگريز دوست روين جي ڪري انهن کان شمس العلماءِ جو خطاب به حاصل ڪري ورتو. ان صاحب نه صرف دارالعلوم جي قيام جي مقصدن کان انحراف ڪيو بلڪ اتي انگريز عملدارن کي استقباليه به ڏنا. مولانا عبيدالله سنڌي جي سامراج دشمني پڌري هئي، انهيءَ ڪري مولانا عبيدالله سنڌي کي اتي مؤثر استاد ۽ حضرت شيخ الهند جي دست راست جي طور تي قبول ڪرڻ ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري مولانا سنڌي تي اسلام مخالف نظرين جا الزام هڻي ان لاءِ ديوبند جي ڌرتيءَ کي تپائي ٽامو بڻايو ويو. آخرڪار حضرت شيخ الهند حضرت سنڌيءَ جي خداداد علمي صلاحيتن جو فائدو برصغير جي عالمن ۽ فاضلن کي پهچائڻ جي لاءِ کيس نظارة المعارف جي نالي سان ادارو قائم ڪري ڏنو، جتي هُن هندستان جا ذهين عالم ۽ قائد پيدا ڪري ڏيکاريا. جنهن ڏينهن مولانا سنڌي دارالعلوم ڇڏيو ان ڏينهن کان دارالعلوم ديوبند جو ولي اللّهي انقلابي جماعت جي مرڪز هئڻ جو اهومقام کسجي چڪو هو، جيڪو ان جماعت جا ماڻهو بعد ۾ به ڪيترن عشرن تائين محسوس ڪندا ۽ ڀوڳيندا رهيا،تان جو حصرت مولانا حسين احمد مدنيءَ جي فرزند مولانا اسعد مدنيءَ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ دارالعلوم ديوبند کي ان قدامت پرست سامراج نواز ٽولي جي قبضي کان خالي ڪرائي،ان جو انتظام ”جماعت شيخ الهند“ جي نمائنده تنظيم جمعيت علماءِ هند کي واپس ڪرايو. پر ان ٽولي پنهنجي اخراج کي دل سان قبول نه ڪيو ۽ دارالعلوم ديوبند جي مقابلي ۾ ان جي سامهون ئي پنهنجو دارالعلوم جوڙي بيهاريو.
هي ڪتاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ان دور وارن همعصرن جي مهربانين ۽ ڪارستانين کي وائکو ڪري ٿو. اسان کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي عالمن ۽ ساڃهه وندن ديني حلقن کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪندو ته ديوبند جماعت شاهه ولي الله جي فڪر ۽ تحريڪ جي تسلسل ۾ ”جماعت شيخ الهند“ ننڍي کنڊ جي جيد عالمن جي تنظيم جمعيت علماءِ هند جي شڪل اختيار هئي ۽ ان جماعت برصغير ۾ اسلامي اقتدار جي قيام لاءِ سرگرم ڪوششون ڪيون ۽ ان جي آزادي لاءِ ريشمي رومال تحريڪ هلائي انگريز اقتدار جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. ان جي مقابلي ۾ انگريزن نه صرف مولانا نانوتويءَ جي پٽ کي استعمال ڪيو پر”جماعت ٿانويءَ“ کي ان جو ساٿاريءَ بڻائي جماعت شيخ الهند جا ترا ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون. ايستائين جو تحريڪ ريشمي رومال جي راز فاش ٿيڻ کان وٺي انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ عالمن ۽ انقلابين جا نالا به جماعت ٿانويءَ جي سرڪردن انگريزن کي ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي برصغير ۾ چونڊي چونڊي عالمن کي ڦاسيون ڏنيون ويون يا وري کين مالٽا ۽ انڊيمان جي جيلن ۾ موڪليو ويو. تحريڪ ريشمي رومال جي نتيجي ۾ جڏهن انگريزن جو هند ۾ اقتدار ڪمزور ٿيو ته انهن هتان ويندي ويندي هند جي مسلمان سرمائيدارن، نوابن “جماعت ٿانوي” جي مولوين ۽ محمد علي جناح جي اشتراڪ سان پنهنجي وفادار فوج کي هي ملڪ پنهنجي ڪالونيءَ جي طور تي امانتو ڪري حوالي ڪيو، جيڪو انهن سڀني ٽولن جي ڳٺ جوڙ سان هينئر به سامراج نوازيءَ جو ساڳيو ڪردار ادا ڪندو پيو اچي.
سنڌ جا مولوي تاريخي طور تي خداپرست انسان دوست فڪر جي پوئواريءَ ۾ ”جماعت شيخ الهند“ جو اهم حصو رهيا ۽ انهن حضرت شيخ الهند سان گڏجي ريشمي رومال تحريڪ جي سنڌ، بلوچستان ۽ مڪران ڪمانڊ سنڀالي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حضرت مولانا تاج محمد امروٽي جي جماعت جي سرواڻ حضرت حمادالله هاليجوي، حضرت محمد شاهه امروٽي، حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جماعت جي سرواڻ شيخ الحديث حافظ محمد اسماعيل، جماعت شيخ الهند جي فڪر ۽ انهن جي انقلابي واٽ سان پنهنجي نسبت قائم رکي. مولانا غلام غوث هزاروي پاڪستان ۾ ”جماعت شيخ الهند“ جي آخري وڏي علامت هو. پاڪستان سطح تي ان کانپوءِ هينئر رڳي جماعت ٿانويت ئي باقي رهي آهي ۽ سنڌ جا هاڻوڪا مولوي اهو احساس ۽ شعور به وڃائي چڪا آهن ته ”جماعت شيخ الهند“ ۽ ”جماعت ٿانوي“ ٻه الڳ جماعتون آهن ۽ آهستي آهستي هو هاڻي جماعت ٿانويءَ جا پوئلڳي طرف سرندا پيا وڃن.
هي ڪتاب ”جماعت شيخ الهند“ سان ”جماعت ٿانوي“ جي ٽڪراءَ ۽ غداري جي هڪ اهم گوشي تي لکيل آهي پر جيڪڏهن جماعت ٿانويءَ جي انهن سڀني غدارين کي منظر عام تي آندو وڃي جيڪي تحريڪ ريشمي رومال جي سي آءِ ڊي رپورٽن جي صورت ۾ انڊيا آفيس لائبرري رڪارڊ لنڊن ۾ محفوظ آهن ته انهيءَ سان حقيقتون اڃان به وڌيڪ پڌريون ٿي سامهون اينديون.

نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي