شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

ضميمو پنجون

ضميمو پنجون

سرجيمس مسٽن جي تقرير

(جيڪو جناب سرجيمس اسڪار جي مسٽن صاحب بهادر ڪي، سي، ايس، آئي، ليفٽيننٽ گورنر گڏيل صوبا (يو پي) بمقام مدرسه ديوبند بتاريخ پهرئين مارچ 1915ع ارشاد فرمايو)

مدرسه ديوبند جا متولي، مولوي، علماءَ حضرات!
ڪيترن سالن کان منهنجي اها سڌ ۽ تمنا هئي ته آءٌ هتي اچي ڪري پنهنجي اکين سان هن مدرسي کي ڏسان تانته ان جي علم وارن استادن سان ڏيٺ ويٺ ۽ ڪچهريءَ جو مون کي موقعو ملي منهنجي ان آرزو ۽ سڌ جا ڪيترائي سبب آهن.
پهريون ته اهڙا عالم سڳورا جيڪي ڪنهن دنيوي لوڀ لالچ کان سواءِ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ رڌل رهندا آهن تن جي عزت ۽ احترام هر لکيي پڙهيي ماڻهو جي دل ۾ ويٺل هوندي آهي. ٻيو ته هنن صوبن جي رهاڪن جو اهو فخر ۽ لئه، جيڪو کين هن مدرسي جي ڪري حاصل آهي جنهن جي مشهوري پوري ايشيا ۽ اسلامي يورپ ۾ پکڙيل آهي ۽ هڪ ٻيو وڏو سبب جنهن لاءِ آءٌ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ۽ ان کي آئون قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو سو اهو ته اوهين انتهائي مضبوطيءَ ۽ ثابت قدمي سان رڳو ۽ رڳو درس تدريس ۾ رڌل رهندا آهيو ۽ سياسي بکيڙن يعني ملڪي انتظام بابت ڪنهن به اهڙي ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثي يا اهڙن ڌنڌن کان بلڪل پاسو ڪندا آهيو جن سان ملڪ جي حاڪمن لاءِ مونجهارن پيدا ٿيڻ جو ڊپ هجي.
پوءِ جڏهن مون کي منهنجي مان واري دوست نواب بهادر عبدالصمد خان وسيلي توهان جي ان خواهش جي خبر ملي ته آءٌ مدرسي اچان ته مون کي ڏاڍي دلي خوشي ٿي ۽ اها خوشي ان آجياڻي واري تقرير ۾ آيل عقل واريون ڳالهيون ٻڌي ڪري ويتر وڌي ويئي جيڪا اوهان منهنجي خدمت ۾ پيش ڪئي آهي. آءٌ صدق دل سان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان اهڙي محبت ۽ پنهنجائپ وارو ورتاءُ ڪيو ۽ پنهنجو مشهور معروف مدرسو مونکي ڏيکاريو ۽ اوهان پنهنجي ڪم ڪار ۽ ان جي اصلي مقصدن معلوم ڪرڻ جو به مونکي موقعو ڏنو.
اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن جو لاڙو گهڻو ڪري ٽن گهٽيا ڳالهين ڏانهن آهي. پهرئين هي ته ماڻهو آخرت واري دائمي آرام ۽ راحت جي يادگيري ڪرڻ کان سواءِ رات ڏينهن ڌن دنيا ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ پنهنجي خالق اڪبر پاران بهتر ۽ وڏن مقصدن لاءِ مليل عقل ۽ سمجهه رڳو ان هلڪڙي ڪم تي کپائي ٿا ڇڏين. ٻي ڳالهه ته ماڻهو رڳو ظاهري سونهن سينگار ۽ ٺٺ ٺانگر جا ڪوڏيا ٿي پيا آهن. روحاني ترقي ۽ برڪت جيڪا اصل موڙي آهي تنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪونه ٿا ڪن. ٽئين ڳالهه هي ته ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ تعصب وارو ورتاءُ ڪندا آهن ۽ پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا وڌائيندا آهن. بجاءِ هن ڳالهه جي ته مذهبي تعليم ۽ نصيحت مان هي سبق پرائين ته الله پاڪ جي نظر ۾ سندس سڀ ٻانها هڪجهڙا ۽ سڀني کي هڪ ٻئي سان ميٺ محبت سان رهڻ گهرجي ۽ هن چوڻي تي عمل ڪرڻ گهرجي.
(شنا سند بیگانہ را ہمچو خویش،
رہ آشتی رابگیرند پیش)
اوهان پنهنجي ايڊريس جي هن جملي ۾ (جيڪو سڀني کان وڌيڪ وزنائتو آهي) لکيو آهي ته اوهين انهن ٽنهي گهٽيا درجي وارن ڪمن کان پرهيز ڪريو ٿا ۽ مون کي پوري پڪ آهي ته اوهين پنهنجي شاگردن کي به اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيندا هوندا جيڪا دنيا ۽ آخرت ٻنهي جهانن ۾ راحت ۽ آرام جو سبب بنبي.
اي منهنجا دوستو! ۽ آءٌ اوهان کي دوست رڳو اخلاقي يا رسمي طور نٿو ڪوٺيان پر سچ پچ ته آءٌ انڊيا جي مسلمانن جو گهڻگهرو ۽ سچو دوست آهيان. هيءَ ڳالهه منهنجي لاءِ تمام خوشيءَ جو سبب بني آهي جو آءٌ اڄ هتي سڀني سان مليو آهيان ۽ اوهان کي ان پڪ ڏيارڻ جو مون کي موقعو مليو آهي ته سرڪار اوهان جي ۽ اوهان جي مدرسي جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. توڙي جو اوهان جي قوم تي تڪليف ۽ مايوسي جو زمانو گذري رهيو آهي. پر اوهان انهيءَ کي سدائين عقل واري نصيحت جي روشني ڏيکاريندا رهندا آهيو ۽ سڄي مذهبي تعليم وسيلي هنن ڏکين گهڙين ۾ کين آٿت ۽ تسلي ڏيندا رهندا آهيو. اهڙي نموني انهن جي پريشانين ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ اوهان جي سرڪار جيڪا سچي دل سان انهن جي خيرخواهه آهي اوهان جي ٿورائتي رهندي. اصل ۾ پنهنجي قوم جي مدد ڪرڻ سان اوهان اسان جي به مدد ڪريو ٿا ۽ اسان سان ساٿ نڀائڻ سبب اوهان اسان جي دل ۾ پنهنجي قوم جو اعتماد ۽ ڀرم قائم ڪريو ٿا.
اي منهنجا دوستو! آءٌ پاڻ ته اهو نٿو چئي سگهان ته آءٌ ڪنهن دنيوي طريقي سان اوهان جي مدد ڪرڻ گهران ٿو جو ٿي سگهي ٿو ته (منهنجو اهو چوڻ) اوهان کي ڏکيو لڳي پر اوهين پاڻ چڱي نموني ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن اوهان پاران ڪڏهن به ڪنهن امداد جي خواهش ڪئي ويئي ته آءٌ مڪمل نموني کليل دل سان ان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندس. اڄ ته آءٌ رڳو ايترو چئي سگهان ٿو ته آءٌ اوهان جي مهمان نوازي لاءِ گهڻو شڪرگذار آهيان ۽ منهنجي دل ۾ اوهان جي ڪم لاءِ تمام گهڻي عظمت ۽ عزت آهي. الله جي حضور ۾ دعاگو آهيان ته شل اوهان کي هر قسم جي ديني توڙي دنيوي معاملن ۾ ترقي نصيب ٿئي. آمين.
(بحواله ماهوار (القاسم) ديوبند بابت جمادي الاول 1333هه ص 6 کان 8)