مهاڳ
حضرت شاهه ولي الله ؓ هڪ اهڙي گهڻ پاسائين شخصيت آهي جو هندستان جون لڳ ڀڳ سڀئي ديني ڌريون کيس پنهنجو فڪري امام ۽ مرشد ڪري مڃينديون آهن. پر انهن سڀني ڌرين مان هڪ ڌر ۽ ٽولي شاهه صاحب جي پيش ڪيل فڪر موجب عملي طور هڪ سٺي سماج جوڙڻ لاءِ وڌيڪ جاکوڙيو آهي، سا ديو بندي جماعت آهي. ظلم ۽ ناانصافي جي خاتمي ۽ عدل ۽ انصاف ڀريي هڪ سٺي سماج قائم ڪرڻ لاءِ اها جماعت پهرين تلوارن ذريعي شاملي واري محاذ تي جهاد ڪري چڪي هئي پر 1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪامي کان پوءِ جي بدليل حالتن کي نظر ۾ رکي هنن پنهنجي طريقه ڪار ۾ حڪمت ۽ مصلحت تحت ٿوري ڦيرگهير ڪري ساڳئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريڪ کي هڪ نئون رخ ڏنو. يعني تلوار بجاءِ علم ۽ قلم وسيلي عوام ۾ شعور، سجاڳي ۽ آزادي جي جذبن کي بيدار ڪري هڪ اهڙو انقلاب آندو وڃي جنهن جي وسيلي بديسي حڪومت ختم ڪري ان جي جاءِ تي شاهه ولي الله صاحب جي ڏنل اصولن مطابق هڪ سٺو، انسان دوست ۽ صحتمند سماجي نظام جي واري حڪومت جوڙي وڃي. دارالعلوم ديوبند کي ان فڪري تحريڪ لاءِ هڪ هيڊڪوارٽر طور قائم ڪيو ويو هو. پر جڏهن سندس بانيڪار بزرگ هڪ هڪ ٿي الله کي پيارا ٿي ويا ته انهن جا ئي ڪجهه نسلي پونئر پنهنجي وڏڙن جي ڪئي ڪمائي تي پاڻي ڦيري اهي ئي انگريزن جا وڃي ساٿاري ٿي بيٺا جن خلاف سندن وڏا شامليءَ جي محاذ تي وڙهي چڪا هئا.
1910ع ڌاري دارالعلوم ديوبند سان لاڳاپيل سمورو ساٿ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. هڪ ڌر وڏڙن جو انقلابي فڪر کڻي حضرت شيخ الهند جي قيادت ۾ پنهنجي مقصد يعني غيرن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي هئي، ته ٻي ڌر دارالعلوم ديوبند جي مک باني حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي ؓ جي فرزند ۽ دارالعلوم جي مهتمم شمس العلماء حافظ محمد احمد صاحب جي هدايتن هيٺ برطانيه پرست بنجي چڪي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت سندن ڪابه سياسي پارٽي نه هئي پر اڳتي هلي هو انگريزن کان سَر جا لقب حاصل ڪندڙ ٻين نوابن ۽ بهادرن وانگر مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويا. ياد رهي ته مسلم ليگ جي مسلم قوم ۽ مسلم مملڪت وارو تصور اقبال کان به اڳ ۾ مسلم قوميت جي باني علامه جمال الدين افغاني ڏنو هو. جيئن هن پنهنجي اخبار ”حبل المتين“ ۾ هندستان کي هندو ۽ مسلم مملڪتن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻئي پاسي جمال الدين افغاني بابت تاريخ ۾ اهڙا حوالا به ملن ٿا ته هو يهودين جي عالمي تنظيم ”فري مسين تحريڪ“ جو ڪارندو ۽ ايجنٽ هو. ان مان اسان کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ ملي ٿي ته ”مسلم قوميت“ جو اصل امڙ ابو ڪير آهن ۽ هنن ان کي ڪهڙي مقصد لاءِ پالي پوسي وڏو ڪيو هو. تنهن ڪري هندستان جي آزادي واري تحريڪ جي پوري سفر ۾ انهيءَ لڏي ان تحريڪ کي صحيح واٽ تي هلڻ نه ڏنو نيٺ ملڪ کي غيرمنطقي طور تي ورهائي عالمي سامراج جي لاءِ ڀاڙيتو ڪردار ادا ڪرڻ جو ايسٽ ايشيائي مرڪز بڻايو، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين هو وڏي بيدرديءَ سان ڀيلي رهيا آهن.
دارالعلوم ديوبند ۾ انهن جيڪو غيرن جي دلالي وارو ڌنڌو شروع ڪيو ويو هو، ان جو ان تحريڪ سان بالواسطه يا بلاواسطه تعلق ضرور هو. انگريزن پنهنجي طويل الميعاد پاليسيءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ديوبند جي غدارن وسيلي پهرئين ته دارالعلوم ديوبند کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضرت شيخ الهند جي قيادت ۽ شخصيت سبب جڏهن کين ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي تڏهن دارالعلوم ديوبند کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڊاڀيل ۾ هڪ ٻيو ادارو قائم ڪرايو ۽ جمعيت علماء هند جي مقابلي ۾ 1945ع ڌاري جمعيت علماءِ اسلام جي نالي سان هڪ سياسي جماعت قائم ڪرائي، جنهن جو مقصد قائداعظم جي تقسيم واري منصوبي کي سگهه عطا ڪرڻ هو. مولانا شبير احمد عثماني ان وقت نواب حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي جي اسلاميه شعبي جو چيئرمين هو، حيدرآباد دکن مولانا عثمانيءَ جي بانهن قائد اعظم حوالي ڪئي هئي ۽ ان ئي جميعت علماءِ اسلام جي قيادت سنڀالي هئي. افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت، ديوبند ۾ مولانا محمد علي جوهر جي آجيان ۽ عزت افزائي کي ته اسلام دشمني ۽ ڪفر ڪوٺي حضرت سنڌيءَ تي فتوائون جاري پئي ڪيون پر پاڻ جڏهن مولانا جوهر کان دينداريءَ توڙي ڪردار ۾ هزارين درجا هيٺ جناح ۽ آغا خان جهڙن ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي انهن لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا تڏهن نه ته اسلام جي ڍانچي کي ڪا ٺوڪر لڳي نه ئي سندن ديندار پيشانين ۾ ڪي گهنج پيا.
اڳي اسان کي اهو سوچي عجب ٿيندو هو ته جمعيت علماءِ اسلام هڪڙي پاسي شاهه ولي الله ؓ کي پنهنجو فڪري امام مڃي ٿي ته ٻئي پاسي سندس قيادت جميعت علماءِ هند جي هڪ قومي جوڙجڪ واري جي سياسي نقطئه نظر ۽ اقتصادي برابريءَ جي پروگرام جهڙن مامرن ۾ شاهه ولي الله جي مخالف ڇو آهي. پر ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جي ايندڙ ڪتاب ۽ منجهس پيش ڪيل دستاويزن جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته هيءَ پنهنجي پراڻي تشڪيلي نوعيت ۽ جوڙجڪ سبب ايئن ڪرڻ تي مجبور آهي.
ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ان وقت دينداريءَ جي ٽيڪ ۽ سگهه عالمي سامراج جي ڪارندن جي ان منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي جنهن جو جيئرو جاڳندو نتيجو هي پاڪستان آهي جيڪو پنهنجي پيدائش جي پهرئين ڏينهن کان ئي عالمي سامراج جو آله ڪار ۽ ايجنٽ ٿي رهندو آيو آهي.
ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جي هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو هي مهاڳ لکندي اهو سوال به ستائيندو رهيو آهي ته هنن عالمن سڳورن بابت اهڙي نموني لکندي ڪٿي پنهنجي قيامت نه ڪاري ڪري وجهون. پر وري سوچيان ٿو ته اهي ماڻهو ڪهڙي رعايت يا رک رکاءَ جا حقدار آهن جن پنهنجي بزرگي ۽ تقدس جو ناجائز فائدو وٺندي آزادي جي تحريڪ تي راتاهو هڻي ان جا وچ سفر ۾ تختا ڪڍي ڇڏيا. هي ته بنگال جي مير جعفر ۽ ميسور جي مير صادق کان به وڌيڪ ڏوهاري آهن، جو هنن ته رڳو غداري ڪئي پر هنن ته غداري سان گڏوگڏ خلق خدا سان هڪ وڏي ويساهه گهاتي پڻ ڪئي آهي.
هندستان جي بابري مسجد شهيد ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان کي انهن نيشنلسٽ عالمن جي مؤقف جي سچائي جي وڌيڪ پڪ ٿي ٿئي، جن مسلم طاقت کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ نٿي گهريو. اڄ کڻي جنهن سان به ڪجهه ڳالهاءِ ته اهو ٺهه پهه چئي ڏيندو آهي ته هندستان جي مسلمانن کي نٿا ڏسو ته ڪيئن نه پيا پادر کائين، پر ايترو سوچڻ جو حوصلو ڪنهن ۾ به ڪونهي ته اها مسلم ليگ ئي هئي جنهن مسلم طاقت کي وچان ترار هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ملڪ متحد هجي ها ته اڄ کان مسلمان مجموعي طور تي وڌيڪ طاقتور هجن ها. سنڌ، پنجاب، سرحد، بنگال ۽ بلوچستان جيڪي مکيه مسلم طاقتون هيون سي سڀيئي مسلم حقوق جي پٺ هجن ها ته هندن کي ايتري جرئت ئي نه ٿئي ها جو هو ايئن ڪري سگهن. پر مسلم ليگ اهو سڄو ڌنڌو ڪري اڄ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.
اهڙي ڀيانڪ ماحول ۾ مسلمانن جا اهي هڙئي نالي ماتر ليڊر ته مسلمانن جو سڀ سرمايو ۽ سڀيئي ملي ادارا دارالعلوم ديوبند، جامعه مليه، علي ڳڙهه يونيورسٽي، عثمانيه ڪاليج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي انجمنون وغيره سڀ اتي ڇڏي ڀڄي آيا، تڏهن اتي حضرت شيخ الهند جا شاگرد ۽ معتقد مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد پارا صاحب عزيمت انسان هئا جن اتي جي رهيل سهيل مسلمانن جي سارسنڀال لڌي ۽ مسلم سرمائي کي سنڀاليو. ان ريت انهن عالمن مسلم، مسلم جي ڍنڍوري پٽڻ بنان ئي مسلمانن جي ايتري خدمت ۽ تحفظ ڪيو جو مسلم مؤمن جي تسبيح پڙهڻ وارا هن ”خدائي مملڪت“ ۾ به اڄ ڏينهن تائين نه ڪري سگهيا آهن. جناح صاحب جو اهو خيال هو ته مضبوط پاڪستان اتي جي مسلمانن جي حفاظت جي ضمانت آهي. پر اها ڳالهه به غلط ثابت ٿي چڪي آهي جو پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ايشيا ۾ جيترو مسلمانن جو قتل عام ٿيو آهي، سو تاريخ جو ڀيانڪ تعداد اهي. ٽيهه لک بنگالين جي قتل کان وٺي پنج لک بلوچن ۽ چاليهن لک پٺاڻن جو قتل عام اهي سڀ هن پياري ملڪ جي حڪمت عملين ۽ پاکيسين جو ئي نتيجو آهن.
سال 1993ع ۾ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر علامه سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن وٽ پڙهڻ دوران ماهوار ”الولي“ 1991ع جا اهي شمارا منهنجي نظر مان گذريا جن ۾ ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جن دارالعلوم ديوبند مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي نيڪالي واري موضوع تي تفصيل سان بحث ڪيو هو. منهنجو ان وقت کان ئي اهو ارادو هو ته انهن تاريخي دستاويزن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريان پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب انهيءَ موضوع تي وڌيڪ شهادتن ۽ واڌارن سان ”مولانا عبیداللھ سندھی اور ان کے چند معاصر“ نالي سان هڪ مڪمل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو. تنهن ڪري ان ڪتاب جو ئي ترجمو ڪرڻ مناسب سمجهيم. طبعي سستي ۽ غيرعلمي ماحول سبب ان ڪم ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو پر نيٺ الله پاڪ جي فضل ۽ مهرباني سان اهو ترجمو مڪمل ڪيم.
ترجمي جي کيتر ۾ منهنجي هيءَ پهرئين ڪاوش آهي. آءٌ ان کي صحيح نموني ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو ته پڙهڻ وارا ۽ اهل علم پروڙي سگهندا، البته ان ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا فني ڪوتاهي ڏسن ته ان جي درستگي ڪري هن عاجز کي اطلاع ڪن ته سندن وڏي مهرباني ٿيندي.
حافظ ابوالاديب سنڌي
فاضل شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد سنڌ