مولانا محمود حسن جي باري ۾ سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي خفيه رپورٽ جيڪا هوم ڊيپارٽمنٽ کي موڪلي ويئي.
(1) ديوبند جي شمس العلماء مولوي محمد احمد ڪالهه هي اطلاع ڏنو آهي ته:
• هيڊماسٽر (شيخ الهند و صدرالمدرسين) جو خط پهتو آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان (مولانا محمود الحسن) مديني ۾ انور پاشا سان ملاقات ڪئي آهي ۽ معاملا طئي ٿيندي ئي هو ديوبند موٽي ايندو. ان جا مقصد هي آهن:
(الف)پنهنجي ايجنٽن وسيلي سرحد تي گڙٻڙ پيدا ڪرڻ
(ب) هندستان ۾ انگريزن خلاف نفرت پکيڙڻ
(2) ان (شمس العلماء) ٻڌايو آهي ته:
• استنبول ۽ هندستان جي غير وفادار مسلمانن ۾ بحر احمر مان ويندڙ بحري جهازن ذريعي ڪافي خط و ڪتابت ٿي چڪي آهي.
• بلغاريه جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۽ غيرمتوقع طور تي سرو يا جي ايترو جلدي ڀاڄ کائڻ سبب غيروفادار ماڻهن جا حوصلا گهڻو وڌي ويا آهن.
(3) هن اهو به ٻڌايو ته ڊاڪٽر انصاري ۽ سندس مائٽ (ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق) پنهنجي سنگت ساٿ ۾ اها ڳالهه پکيڙي رهيو آهي ته:
(الف) هو (شمس العلماء) حڪومت کي اطلاع پڄائي رهيو آهي.
(ب) ليفٽيننٽ گورنر کي هيڊماستر (صدر مدرس مولانا محمود الحسن) جي نظربنديءَ جي سفارش ڪئي هئائين جنهن کي وائسراءِ رد ڪري ڇڏيو.
(4) هيڊماستر (صدر مدرس) ايترو اثر رسوخ ڪيئن حاصل ڪيو آهي؟ ان جي جواب ۾ هن (شمس العلماء) ٻڌايو ته:
(الف) سندس عمر (70 سال) ۽ ان جي پرهيزگاري ۽ بزرگي.
(ب) ان جي ڏاهپ ۽ تقدس
(ج) ۽ هي ته هو شمس العلماء جي پيءُ مولانا محمد قاسم نانوتوي جو مکيه شاگرد آهي. شمس العلماء جو پيءُ به هڪ وڏو مولوي هو جنهن پنجاهه سال اڳ دارالعلوم جو بنياد رکيو هو.
(د) ۽ ان جو دارالعلوم سان گهرو لاڳاپو. (بقول ان جي ته پوري هندستان ۾ هي پنهنجي نموني جو اڪيلو ادارو آهي.)
(5) ان (شمس العلماء) جو بيان آهي ته هي تکيءَ طبيعت وارو ۽ غيرصلح پسند آهي.