شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي  ۽ سندس ڪجهه همعصر

مظلوم مُصلح ۽ انقلابي شخصيت

مظلوم مُصلح ۽ انقلابي شخصيت

مختلف قومن، قبيلن ۽ زمين جي جدا جدا خطن ۾ رسول ۽ پيغمبر ته ايندا رهيا آهن جن سختيون ۽ ڏک برداشت ڪري، نهايت ثابت قدمي سان، خدا جي پيغام کي انسانن تائين پهچايو ۽ ماڻهن کي سٺن گڻن سان پئي سنواريو ۽ سينگاريو. مگر هن پوئين امت ۾ ختم نبوت جي ڪري نون پيغمبرن جو اچڻ ته بند ٿي ويو آهي مگر ”سنت الله“ مطابق مجدد، مصلح، قومن کي جاڳائيندڙ رهبر، قرآن جي پيغام کي جياريندڙ، هلاڪت جي نتيجن کان آگاه ڪندڙ مفڪر ۽ قرآن جي فلسفي ۽ فڪر مطابق جهاد، آزادي ۽ استحصالي طبقن کي للڪاريندڙ اڳواڻ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن صاحب عظمت انسانن کي اهڙي سعادت ۽ خوش بختي سان نوازيو ويندو آهي. انهن جي چونڊ ”مالڪ الملڪ“ پاڻ ڪندو آهي. انهن لاءِ وسيلا مهيا ڪندو آهي ۽ انهن ۾ جذبا، حوصلا ۽ غير معمولي ذهني، فڪري ۽ عملي گڻ وديعت ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب اهڙا انسان ڌرتي تي حيرت انگيز ڪارناما سر انجام ڏيندا آهن. اهي شخص لومة لائم (ملامت ڪندڙ جي ملامت) کان خوفزده نه ٿيندا آهن. اهي مخالفن جي طعنن تنڪن، چٿرن ۽ ڪوڙن الزامن کي هڪڙي اڏامندڙ ڪک جي حيثيت به نه ڏيندا آهن. اهي ڪم عقلن جي فتوى بازين، مڪارين ۽ بد ڪرداريءَ کي سندن منهن تي ماريندا آهن. هنن کي مقصد سان عشق ۽ لگن هوندي آهي. هو مثبت ڪارنامن لاءِ سڀني کي نظر انداز ڪري اڳتي ۽ هميشه اڳتي وڌندا رهندا آهن. اهي ماڻهو هر وقت متحرڪ رهندا آهن. ڌرتي تي پيغمبري مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ تبديلي جي مشن هنن جو هدف هوندو آهي. اهڙا ماڻهو سڌا سنوان، صاف سٿرا، عجز ۽ انڪساري جا مجسما، دنيا ۽ دنيا پرستن کان پري ۽ گھڻو پري گذاريندا آهن. هنن جي ياري ۽ سنگت غريبن، مسڪينن ۽ نظرياتي دوستن سان هوندي آهي. اهي پنهنجي سنگت ۾ ويهندي پاڻ کي خوش قسمت سمجھندا آهن. دولت پرستن سان ڪنهن وقت به آمنو سامنو ٿيندو اٿن ته هو ان کي ٻوجھه محسوس ڪندا آهن. سون چانديءَ جون ڏيٽيون ۽ مٽيءَ جون ٺڪريون هنن لاءِ هڪ جهڙي حيثيت رکنديون آهن. اهي ڄائي ڄمندي سليم فطرت جا مالڪ هوندا آهن. انهن تي ”حظيرة القدس“ جو پاڇو جلوه گر هوندو آهي. اهڙيون مقدس شخصيتون هن امت ۾ پيدا ٿينديون رهيون آهن. انهن تي پيغمبر اسلام ﷺ جو عڪس جمال ۽ جلال ڇانيل هوندو آهي.
قرآن مجيد ۾ اهڙن انسانن کي چئن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي:
وَمَنْ يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسُولَ فَأُولَٰئِكَ مَعَ الَّذِينَ أَنْعَمَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ مِنَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاءِ وَالصَّالِحِينَ وَحَسُنَ أُولَٰئِكَ رَفِيقًا ﴿النساء: ٦٩﴾
ترجمو: ۽ جيڪي الله ۽ رسول جي تابعداري ڪندا سي انهن سان گڏ ٿيندا جن تي الله نعمت ڪئي آهي، (جيڪي) نبي، صديق، شهيد ۽ صالح (آهن) ۽ اهي چڱا رفيق آهن.
نبين ۽ صديقن جو دؤر گذري چڪو باقي پويان ٻه گروه هن امت ۾ ڪثرت سان پيدا ٿيا ۽ اهي ئي هن ڌرتي جو سينگار رهيا آهن. اسان هن مضمون ۾ پوئين گروه ”صالحين“ مان جنهن روشن شخصيت جي پرچار ڪرڻ چاهيون ٿا اها آهي اسان جي ممدوح شخصيت ؛ ”مظلوم مصلح، انقلابي رهبر، مفڪر اسلام، قرآني علوم ۾ غوطه زن، متحرڪ انسان، مجاهد في سبيل الله ۽ مهاجر الي الله مولانا عبيدالله سنڌي ؓ“
هيءَ اها شخصيت آهي جنهن کي الله تعالى، امت مسلمه جي زوال جي دور ۾ چونڊيو. الله جي ذات، اسلامي انقلاب، حريت ۽ تبديليءَ جي چڻنگ کي ڀنڀٽ بنائڻ جي لاءِ هڪ ٻي قوم ۾ جنم و‎ٺندڙ ٻار کي خصوصي صلاحيتن سان نوازي، امت کي پنهنجي احسان سان نوازي ڇڏيو.

شخصيت جو ننڍپڻ
سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڊسڪا شهر جي ڀرسان هڪ ڳوٺ چيانوالي ۾، 7 مارچ سنه 1872ع ۾ هڪ سعيد روح ظاهر ٿيو. پيدا ٿيڻ وقت اها صورتحال هئي جو سندس پيءُ ”رام سنگهه“ سک مذهب سان تعلق رکندو هو. ٻار جو نالو بوٽا سنگهه رکيو ويو. ٻار جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس پيءُ وفات ڪري چڪو هو. ڏاڏو پرورش ڪندو رهيو، جيڪو ٻن سالن کان پوءِ هو به ٻي جهان ڏانهن راهي ٿيو. ڏاڏاڻ ۾ ڪوبه سنڀاليندڙ نه رهيو ته هن يتيم ٻار، بيوه ماءُ ۽ سندس هڪ وڏي ڀيڻ جنهن جو نالو جيوڻي هيو، انهن جي سنڀال ۽ شفقت جو هٿ سندن ناني جو رهيو. پر اهوسهارو به وڌيڪ جٽادار نه ٿي سگھيو. ڇهن سالن جي عمر ۾ نانو به الوداع ڪري ويو. هاڻي سندس ٻه ماما باقي بچيا جن محبت سان هن کي سيني سان لڳايو. ناناڻ راجن پور ضلعي جي شهر ڄام پور ۾ رهندا هئا. ڇهن سالن جي عمر ۾ بوٽا سنگهه، ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ داخل ٿيو. ست جماعتون انهيءَ اسڪول ۾ پوريون ٿيون. هاڻي هو ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ وڃڻ وارو ئي هيو ته قضا ۽ قدر جو فيصلو ظاهر ٿيڻ جو وقت اچي ويجھو ٿيو. اسلام جي صداقت ۽ توحيد جو پيغام هن جي دل تي دستڪ ڏيڻ لاءِ پهچڻ وارو هيو.
سليم فطرت ٻارُ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ هن طرح بيان ٿو ڪري:
”1884ع (12 سالن جي عمر) ۾ مون کي اسڪول جي هڪ ساٿي جيڪو آريه سماجي هيو ان هڪ ڪتاب ”تحفة الهند“ پڙهڻ لاءِ ڏنو. ڪتاب جو مطالعو غور ۽ فڪر سان ڪيم ۽ مضمونن کي دل ۾ هنڊائيندو ويس تان ته پوري ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ منهنجي دل ۾ اسلام جي سچائي تي يقين ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ئي ڪجھه هندو دوست جيڪي تحفة الهند پڙهي چڪا هئا، انهن جي ذريعي مولانا محمد اسماعيل شهيد رح جو لکيل ڪتاب ”تقوية الايمان“ مليو. انهيءَ ڪتاب جي مطالعي سان توحيد جي حقيقت چٽي طرح سامهون اچي وئي ۽ شرڪ کان پوري طرح نفرت ٿي وئي. پوءِ هڪ ڪتاب ”احوال الآخرة“ جي پڙهڻ سان نماز پوري طرح سکي ويس. پوءِ مان ”تحفة الهند“ جي مصنف جي نالي پٺيان پنهنجو نالو ”عبيد الله“ پاڻ لاءِ تجويز ڪيم.“

پالڻهار جي طرف سفر
ڪتابن جي پڙهڻ کان پوءِ قلب سليم ۾ جذبن جو طوفان شروع ٿي ويو. اهي جذبا ويهڻ نه پيا ڏين. هڪ مسلمان ساٿي عبدالقادر جي ساٿ سان ۽ هڪ مدرسي جي شاگرد جي رفاقت سان هميشه لاءِ پنهنجي گھر کان، والده کان، وڏي ڀيڻ کان جدا ٿي ڪنهن مسلم سوسائٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ٿي ويو. اهو مُبارڪ ڏينهن 15 آگسٽ 1887ع جو هيو. اڄ عيبد الله پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان موڪلائڻ کان سواءِ گھر مان وڃي رهيو هو.
ماءُ ۽ ڀيڻ ستل هيون. انهن تي ننڍ جي حالت ۾ ئي آخري نظر وجھندي، گھر جي ديوارن تي نگاه وجھندي، مگر نهايت باوقار انداز سان ڪنهن ڏک، غم يا افسوس جي ڪيفيت کان سواءِ هڪ نئين سفر لاءِ راهي ٿيو.
عبيدالله مشرڪانه ماحول ۾ رهي نه ٿي سگھيو. هن کي پنهنجي حقيقي محبوب جو وصال تڙپائي رهيو هو. هو آزادانه ان جي عبادت ڪرڻ لاءِ بي تاب هو. هو جنهن محبوب لاءِ قرباني ڏئي رهيو هو، اها محبت ۽ چاهت هنن رشتن ۽ حسب نسب کان گھڻو بلند ۽ عظيم هئي. هو سفر الي الله لاءِ هاڻي هڪ لمحي جي تاخير به نه پيو ڪري سگھي. جلوه جمال جي پسڻ کان پوءِ عبيد الله سفر عشق لاءِ دنيا جي ظاهري چاهتن کي ڇڏڻ ۾ پاڻ کي ” إِنِّي مُهَاجِرٌ إِلَىٰ رَبِّي “ جي بلند مقام تي محسوس پيو ڪري. چنانچه پنهنجن جن ساٿين سان گڏجي عشق جي پهرين منزل ضلع مظفر ڳڙهه جي ڳوٺ ڪوٽله رحم شاھ پهتو. 29 آگسٽ 1887ع ”سنت طُهر“ جي ادائگي ٿي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ معلوم ٿيو ته مائٽ تلاش ۾ آهن ته پوءِ اهو قافلو سنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو. اهڙي طرح سفر عشق جي ٻي منزل ڀرچونڊي شريف ۾ ٿي. ڀرچونڊي (ڏهرڪي) ۾ ان وقت هڪ عظيم روحاني شخصيت سيد العارفين، حافظ الملت والدين حضرت حافظ محمد صديق ؓ جي شخصيت جلوه افروز هئي جيڪا مرجع علماء ۽ عوام هئي. عبيد الله جيڪو عشق الاهي ۾ پچي پختو ٿي چڪو هو. اهڙي باڪمال ۽ مثالي شخصيت جي فيوضات جي پالوٽ ۾ روحاني مدارج جلد ئي ڪاميابي سان پار ڪيا. ٽن چئن مهينن جي صحبت ۾ اسلامي معاشره جي ماحول ۾ رهڻ سان هو اخلاق حسنه جو مجسمو بڻجي ويو. عجز انڪسار، سادگي، شرافت، ديانت ۽ معرفت رباني سان سندس قلب معمور ٿي ويو.
هڪ دفعي مجلس ۾ ماڻهن جي سامهون حضرت سيد العارفين رحمة الله عليه اظهار فرمايو ته:
”عبيدالله فقط الله تعالى جي رضامندي خاطر اخلاص ۽ سچائي سان پنهنجو گھر، پنهنجا مائٽ تان ته ماءُ ۽ ڀيڻ کي به ڇڏي هت اسان وٽ پهتو آهي ۽ اسان کي پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ بڻايو آهي. هاڻي اسان ئي هن جا پيءُ ۽ ماءُ آهيون.“
عبيدالله تي انهن لفظن جو ايترو ته گهرو اثر ٿيو جو هو جنهن سموري دنيا وطن ۽ حسب نسب کي ڇڏي هت پهتو هو ته هڪدم چئي ڏنائين ته حضرت سيد العارفين واقعي منهنجو ديني پيءُ آهي ۽ مان هاڻي سنڌ کي پنهنجو وطن قرار ڏيان ٿو ۽ پاڻ کي ”عبيد الله سنڌي“ چوائڻ ۾ اعزاز سمجھان ٿو.

سنڌ سان وفاداري
عبيدالله سنڌي جي زندگي جو اهو پهلو به عام انسانن لاءِ هڪ بصيرت ۽ سبق جي حيثيت رکي ٿو ته هو هت چند مهينا گذارڻ کان پوءِ علم جي تلاش ۾ سنڌ کي ڇڏي ديوبند، ڪانپور، دهلي، گنگوه ۽ وچ هندستان هليو ويو.
هن جڏهن پنهنجو وطن ڇڏيو ته هاڻي هو ڪٿي به وڃي ٿي سگھيو. هو ڪنهن به جڳهه رهي ٿي سگھيو. پنهنجي علم ۽ فضل جي سرمايي سان جنهن طرف به هو نڪري وڃي ها ته هن جو بهترين استقبال ٿئي ها. هو هر جڳهه پنهنجا مداح ۽ معتقد پيدا ڪري، ان علائقي کي پنهنجو وطن قرار ڏئي ٿي سگھيو. مگر آفرين آهي ”عبيدالله سنڌي“ کي جيڪو وفا شعار نڪتو. هڪ دفعي جيڪو هٿ هن پنهنجي مربي ۽ محسن کي ڏنو ته وري ان جي ڇڏائڻ جو تصور به نه ڪيائين.
جنهن جي شفقت ۽ محبت جي پاڇي ۾ هُن چند مهينا گذاريا ته وري ان چوکٽ تان پير پوئتي نه ڪيائين. هو سموري عمر ان دروازي کي ياد رکندو آيو. ان درگاھ سان، ان جي اولاد سان، ان جي جانشينن سان، ان جي ڳوٺ سان، ان جي شهر سان، ان جي صوبي سان محبت جو رشتو قائم رهيو. سنڌي هجڻ تي فخر محسوس ڪندو رهيو. سنڌي زبان سکيائين، سنڌي ڪلچر اختيار ڪيائين. هتان جو وضع قطع ۽ لباس کي پاڻ لاءِ لازم ڪيائين. سنڌي معاشرت ۾ پاڻ کي رنڱي ڇڏيائين. تعليم پوري ڪري سڌو پنهنجي اختيار ڪيل وطن ڏانهن وريو. انهيءَ پنهنجي ديني پيءُ جي دولت ڪده تي حاضري ڏنائين. ڄڻ ته هو پنهنجي گھر موٽي آيو آهي. هن پوءِ سنڌ کي تعليم ۽ تدريس جو مرڪز بڻايو. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر وقت سوچيندو رهيو. سنڌ جي مزاج ، تهذيب ۽ معاشرت جو هميشه نمائندو رهيو. سنڌ ۾ تعليم کي فروغ ڏنائين. سنڌ کي پنهنجي انقلابي فڪر ۽ اسلامي فلسفي سان مالا مال ڪري ڇڏيائين. سنڌ ۾ علم جي تحقيق جا مرڪز قائم ڪيائين. سندس هميشه خواهش رهي ته سنڌ سندس سياسي مرڪز رهي ۽ ان جي فڪر ۽ فلسفي جي آماجگاه بڻجي وڃي. هن جا سمورا تجربا سنڌ ۾ ٿيندا رهن. هن جا گھرا دوست،سڄڻ، ساٿي، همدرد ۽ مٿس جان فدا ڪندڙ فداڪار به سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ جن پوري عمر ساڻس نڀاھ ڪيو. پر حضرت سنڌي ؓ وفا شعار جو اهڙو عظيم ڪردار پيش ڪيو جو ڪوبه انسان هن کي ”بي وفائي“ جو طعنو نٿو ڏئي سگھي تان ته عبيد الله سنڌي کي سنڌ سان اهڙي محبت هئي جهڙي هن جي لازوال محبت اسلام سان هئي. اسلام ۽ سنڌ سان محبت ۽ انهن ٻنهي شين سان نسبت ۾ هن کي ڪوبه تضاد نظر ۾ نه ايندو هو.

علم جي تلاش ۾
متحرڪ شخصيت هڪ جڳهه پڙاءُ نه ڪندي آهي. هن جي سامهون نيون راهون ۽ نيون منزلون هونديون آهن. هاڻي عبيد الله سنڌي ؓ جي سامهون ”الراسخ في العلم“ بنجڻ جي منزل هئي. حضرت سيد العارفين ؓ هن نئين منزل جي راهي کي الوداع ڪرڻ وقت اها دعا ڪئي هئي ته ”الله تعالى عبيدالله سنڌي کي ڪنهن راسخ عالمِ دين سان واسطو پيدا ڪري“ . دعا قبول ٿي وئي . عبيدالله سنڌي ؓ، هندستان جي صف اول جي هڪ عظيم استاد، تجربي ڪار ماهر علوم اسلاميه حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ؓ جي خدمت ۾ پهتو.
آڪٽوبر1888ع ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ داخلا ملي ويو. ابتدائي ڪتاب مختلف استادن کان پڙهيائون. ڪجھه وقت لاءِ ڪانپور ۾ مولانا احمد حسن ڪانپوري وٽان فيض ورتائون. رام پور ۾ مدرسه عاليه ۾ مولانا ناظر الدين کان به ڪجھه ڪتاب پڙهيائون. 1888ع ۾ ٻيهر ديوبند ۾ آيا. حضرت شيخ الهند ؓ کان حديث جا ڪتاب پڙهيائون. سنن ابودائود، مولانا رشيد احمد گنگوهي ؓ کان پڙهيائون. ان کان علاوه دهلي ۾ استاد الڪل مولانا نذير حسين محدث دهلوي کان بخاري ۽ ترمذي جا سبق ورتائون. 1890ع ۾ سڀني علمن جي فراغت سندن بي پناه ذهانت، محنت، لگن ۽ عشق سان گڏ سندن ڪرامت پڻ هئي.

سنڌ ڏانهن واپسي
جنوري 1891ع ۾ ديوبند کان سڌو ڀرچونڊي شريف واپس موٽيا. هت پهچڻ کان بعد کين هڪ المناڪ الميي سان واسطو پيو، جو سندن روحاني پيءُ، عظيم محسن ۽ مربي، حضرت حافظ محمد صديق رحمت الله عليه جن فقط ڏھ ڏينهن اڳ رحلت فرمائي چڪا هئا.
مولانا سنڌي ؓ جن ڪجھه ڏينهن هت ترسڻ بعد حضرت سيد العارفين ؓ جي خليفه مجاز مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي ؓ جن جي دعوت ۽ اصرار تي امروٽ شريف روانا ٿيا. حضرت امروٽي رح جن به پنهنجي مرشد جي مطابق مولانا سنڌي ؓ تي محبت ۽ شفقت جو هٿ رکيو. نهايت عزت ۽ احترام سان نوازيائين.
مولانا سنڌي ؓ جي شادي سکر جي هڪ معزز خاندان ۾ محمد عظيم خان يوسفزئي جي ڌيءَ سان ڪرائي وئي. هڪ دارالعلوم قائم ٿيو، جنهن ۾ مولانا سنڌي ؓ تدريس جو ڪم جاري رکيو. سندس والده جيڪا اڃا به پنهنجي پراڻي مذهب تي قائم هئي، ان کي ڄامپور مان گھرائي امروٽ شريف ۾ مستقل طرح رهائش ڏني وئي. ان کان علاوه هڪ شاندار لائبريري به قائم ڪئي وئي ۽ هڪ رسالو ”هدايت الاخوان“ به جاري ڪيو ويو ۽ پريس به لڳائي وئي. اهڙي طرح مولانا سنڌي ؓ کي آزدي سان ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿيا.

مدرسه دار الرشاد
راشدي خاندان جي هڪ شاخ ”صاحب العلم“ (جھنڊي وارا) سعيد آباد سنڌ جي ويجھو هڪ ڳوٺ پير جھنڊي ۾ آباد هئا. ان وقت سيد ابوتراب پير رشد الله صاحبِ علم الرابع ؓ جن مولانا سنڌي ؓ کي دعوت ڏنائون ته هو هت اچي هڪ وڏو دارالعلوم قائم ڪن ۽ آزاد خود مختيار ٿي ڪم کي هلائين. مالي معاونت جو فريضو اسان سنڀاليندا رهنداسون. مولانا سنڌي ؓ معاونت جي اهڙي مخلصانه دعوت کي قبول ڪري پير جھنڊي کي پنهنجي علم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻايو. آڪٽوبر 1901ع ۾ مولانا سنڌي ؓ جي سرپرستي ۽ اهتمام هيٺ دارالعلوم پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي هي دارالعلوم علم ۽ تحقيق جو مرجع ٿي ويو. جيد علماء دين هن علمي مرڪز ۾ رکيا ويا. هن دارالعلوم جي خصوصي ڳالهه هڪ عظيم الشان لائبريري هئي جنهن مان سنڌ ۽ هنڌ جا مستند علماءِ دين استفادو ڪندا هئا.
هن مرڪز ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ؓ، حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله دهلوي ؓ، مولانا سيد حسين احمد مدني ؓ، مولانا اعزاز علي ؓ، مولانا قاري محمد طيب ؓ، مولانا اشرف علي ٿانوي ؓ، ۽ امام سنڌ مولانا تاج محمود امروٽي ؓ تشريف فرما ٿيا آهن.
مدرسه دارالرشاد جي قيام سان سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻري وئي، جنهن جي روشني سڀني کي منور ڪري ڇڏيو. هتان جا فارغ ٿيندڙ علم ۽ فضيلت جا امام بڻجي ويا. تان ته هن مدرسي کي ”ام المدارس“ چيو ويو.
هتان جيڪي علم جي زيور سان سينگارجي ويا انهن ۾ خاص طرح مشهور مفسر قرآن مولانا احمد علي لاهوري ؓ، مولانا اميد علي جيڪب آبادي ؓ، پير سيد احسان الله شاھ راشدي ؓ، پير سيد ضياء الدين ؓ، صاحب العلم مولانا سيد عبدالله سربازي ؓ، مولانا عبدالله لغاري ؓ، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ؓ، مولانا عزيز الله قاضي ؓ ، مولانا محمد اڪرم هالائي ؓ، مولانا مفتي عبدالقادر سنڌي ؓ، ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ؓ، مولانا حڪيم محمد معاذ نواب شاهي ؓ، مولانا غلام مصطفى قاسمي ؓ، مولانا محمد صادق کڏي وارا ؓ، مولانا دين محمد وفائي ؓ، مولانا عبدالحق رباني ؓ، مولانا نور محمد سجاولي ؓ وغيره شامل آهن.
جمعيت الانصار
دارالعلوم ديوبند جو قيام، 1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هڪ نئين جدوجهد، هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪاوش ۽ آزادي هند جي انقلابي تحريڪ لاءِ هڪ هدف ۽ افراد سازي جي پروگرام لاءِ هڪ تحريڪ جي قيام جو نصب العين آهي.
دارالعلوم جي قائم ڪندڙ حضرت نانوتوي ؓ، حضرت رشيد احمد گنگوهي ؓ ۽ ٻين شخصيتن جو فقط اهوئي هدف هو ته انبياءِ ۽ مرسلين (عليهم السلام) جي نقش قدم تي هلندي طاغوتي قوتن جي مزاحمت ڪندي، انهن جي خلاف جهاد جا مرحلا طئي ڪندي، هندستاني باشندن کي غلامي مان نجات ڏياري وڃي. دارالعلوم جي قيم جو هدف آزادي وطن لاءِ هڪ مرڪز جو قيام هو. ان لاءِ جيڪا شخصيت دارالعلوم جي قائم ڪندڙ حضرات پيدا ڪئي ۽ ان عظيم مقصد جي مڪمل ڪرڻ لاءِ جنهن جي قيادت هموار ڪئي وئي ۽ جنهن جي خاص سکيا ۽ رهنمائي ڪئي وئي اها هئي حضرت شيخ الهند حضرت مولانا محمود حسن ؓ جي شخصيت !
حضرت شيخ ؓ هر وقت فرمائيندا هئا ته هي دارالعلوم فقط تعليم ۽ تدريس لاءِ ناهي بلڪ جهاد جو مرڪز آهي. هتي انقلابي شخصيتون پيدا ٿيڻ گھرجن، جيڪي پنهنجي وطن ۽ عالمِ اسلام ۾ جهاد لاءِ قيادت فراهم ڪن. حضرت شيخ الهند ؓ کي ان دوران جيڪي طلبه مليا، حاصل ٿيا ۽ جن جي تربيت ڪيائون انهن ۾ سندن حياتي ۾ جيڪو سڀني کان منفرد ۽ نمايان شخص ان عظيم مقصد لاءِ ميسر ٿيو ۽ جنهن تي سندن ڪامل اعتماد هو اهو شخص هو امام انقلاب حضرت مولانا عبيد الله سنڌي ؓ. هن شخص پنهنجي ذهانت، علم، تحقيق، تجربي ۽ دور انديش گھري سوچ ۽ فڪر سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هر ميدان ۾ اهل ۽ لائق آهي. سنڌ ۾ علم فلسفي ۽ تحقيق جو جيڪو مرڪز مولانا سنڌي ؓ قائم ڪيو، ان کي ڏسندي حضرت شيخ الهند ؓ کي يقين ٿي ويو ته جهاد ۽ انقلاب لاءِ جيڪا مطلوب شخصيت منهنجي آرزو ۾ آهي، اها فقط مولانا سنڌي ؓ آهن. ان ڪري حضرت شيخ الهند ؓ، مولانا سنڌي ؓ کي حڪم ڏنو ته هو ديوبند اچن ۽ جمعيت انصار جي نظم کي سنڀالين. چنانچه لاڳيتو چار سال کن ان تحريڪ جا منتظم رهيا ۽ دارالعلوم جي سابقين کي ان جي نصب العين جي طرف رهنمائي ڪندا رهيا.
مولانا سنڌي ؓ جمعيت انصار جي ذريعي انقلابي روح بيدار ڪيو. دارالعلوم جي بنيادي هدف کي اجاگر ڪيو. انقلابي درس، پيغام ۽ مضمونن جي ذريعي، هڪ هلچل شروع ٿي وئي، جيڪا دارالعلوم جي انتظاميه کي پسند نه هئي. اختلاف جو دور اتان شروع ٿي وڃي ٿو. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي معلومات لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي، اهو ڪتاب دارالعلوم ديوبند جي انهن اڻ وڻندڙ واقعات جي تاريخ تان پردو کڻي ٿو ۽ اوهان کي ٻڌائي ٿو ته سامراجي دور ۾ ڪهڙي طرح ارباب اهتمام سامراج پرست بڻجي ويا هئا. سامراج سان چند ٽڪن تي ياري رکي ڪجھه عهدا، ڪجھه القاب ۽ ڪجھه رعايتون حاصل ڪري دارالعلوم جي مقصد قيام سان غداري ڪيائون ۽ دارالعلوم جي اصل رهبر ۽ قائد حضرت شيخ الهند ؓ سان بي وفائي ڪيائون ۽ سامراج سان ٺاھ ڪري، انهن سامراجي مقصدن کي پوري ڪرڻ خاطر، دارالعلوم جي هڪ عظيم محسن ۽ مربي حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي دارالعلوم ديوبند کان دربدر ڪري ڇڏيائون. اهڙي طرح جمعيت انصار چار سالن تائين انقلابي ڪاوشون ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي. حضرت شيخ الهند ؓ، مولانا سنڌي ؓ کي حڪم ڏنو ته هنن ڪم عقلن ۽ اڻ ڄاڻ مولوين سان الجھڻ نه گھرجي اوهان ديوبند ڇڏي دهلي منتقل ٿي وڃو اتي هڪ ادارو ”نظارة المعارف القرآنيه“ جي نالي سان قائم ڪري انقلابي ڪم جو آغاز ڪريو.
ان دوران جڏهن مولانا سنڌي ؓ کي ديوبند مان اخراج جو شنيع عمل ٿي رهيو هو ته مٿس ڪفر ۽ ضلالت جون فتوائون به مڙهيون ويون.
مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي دارالعلوم ديوبند مان ڪڍي ڇڏڻ، جمعيت انصار مان زوري هٽائڻ ۽ پوءِ مٿس فتوائون مڙهڻ جو بنيادي سبب ته اهو هو ته هو انگريز سامراج سان ٽڪراءُ چاهي ٿو. ان سامراج سان لڙڻ ۽ جھيڙو ڪرڻ گھري ٿو ۽ ملڪ جي عوام کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيڻ هن جو هدف آهي. جنهن جي تائيد ۽ نصرت لاءِ هندستان جو ان وقت جو استاذ العلماء ۽ آزادي جو رهبر حضرت مولانا محمود حسن ؓ به ساڻس گڏ هو. پر افسوسناڪ صورتحال اها هئي ته سلف صالحين پٺيان ڪي خَلف اهڙا پيدا ٿيندا آهن جيڪي اڳين بزرگن جي ڪارنامن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. ٿيو ائين ته دارالعلوم جي اهتمام تي حضرت مولانا قاسم العلوم و الخيرات محمد قاسم نانوتوي ؓ جو فرزند مولانا محمد احمد صاحب مقرر ٿيو. ان انگريز سامراج سان چند دنوي مراعات تي لڪل معاهدا ڪيا ۽ دارالعلوم کي انگريز دشمني کان پري رکڻ لاءِ اقدامات ڪيا. ان جي جواب ۾ انگريز سامراج کيس ڪئي رعايتون ڏنيون جن ۾ ”شمس العلماء“ جو خطاب ڏيڻ پڻ هو. ان کان پوءِ انگريز سرڪار جو اهم نمائندو يوپي جو گورنر سر جيمس مسٽن کي دعوت ڏئي دارالعلوم ۾ گھرايو ويو، ان کي سندس احسانن تي سپاس نامون پيش ڪيو ويو. ان جي اهڙي عزت ۽ آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ڄڻ ته ڪا عالم اسلام جي شخصيت دارالعلوم ۾ آيل هجي. واپسي ۾ دارالعلوم جو مهتمم ۽ حضرت نانوتوي ؓ جو فرزند، سامراجي نمائندي کي رخصت ڪرڻ لاءِ ديوبند کان دهلي تائين گڏ آيو ۽ اسٽيشن تي صاحب بهادر کي سوار ڪري هٿ لوڏي رخصت ڪيائين. ان سموري ڪارگذاري ۾ حضرت شيخ الهند ؓ جن ديوبند ۾ هجڻ باوجود ڪنهن به مجلس ۾ شريڪ نه ٿيا. سندن بائيڪاٽ جاري رهيو !
اهو هيو اصل سبب جنهن ڪري مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي سامراج دشمني سبب سامراجي گماشتين دارالعلوم ۽ جمعيت انصار کان بي دخل ڪري ڇڏيو.
سندن ان عمل تي ديوبند جي انتظاميه کي انگريز سامراج شاباشي به ڏني ته هنن تخريبڪارن کي دارالعلوم کان الڳ ڪيو آهي. جيئن ان جو تفصيل اوهان کي انگريزن جي دستاويزن ۾ هن ڪتاب ۾ اوهان کي ملندو.
سامراجي مقصدن کي پوري ڪرڻ خاطر مولانا سنڌي ؓ تي جيڪي فتوائون لڳايون ويون ۽ جن تي اڪابر ديوبندي حضرات دستخط ڪيا، جن ۾ شيخ الحديث مولانا سيد انور شاھ ڪشميري ؓ، مفسر قرآن مولانا شبير احمد عثماني ؓ، مولانا محمد احمد (مهتمم دارالعلوم) مولانا حبيب الرحمان عثماني (نائب مهتمم) به شامل آهن. انهن مسئلن جي حيثيت ڪهڙي هئي، ڇا اهي مسئلا اهڙا هئا جن تي فتوى بازي جو طوفان برپا ڪري ٿو سگھجي يا فتوى بازي تقوى جي بجاءِ ذاتي مفادن جي خاطر لڳائي وئي تان ته هڪ عظيم مصلح ۽ متحرڪ انسان کان ڪنهن به طرح جان ڇڏائي وڃي. اهو المناڪ لمحو مولانا سنڌي ؓ تي ڪيئن گذريو هوندو جڏهن هڪ شخص، جنهن وطن، مذهب ۽ مٽ مائٽ، توحيد الاهي جي عشق ۾ ڇڏي ”سفر الي الله“ اختيار ڪيو، جنهن هڪ عظيم مادر علمي ۾ اسلام کي پرايو ۽ سمجھيو ۽ اڄ اتي هو جهاد في سبيل الله ۾ مشغول آهي. ان انقلابي شخصيت کي اتان جبري طرح ڏيهه نيڪالي ڏني پئي وڃي. ” فَاعْتَبِرُوا يَا أُولِي الْأَبْصَارِ“ (دل جون اکيون رکندڙ انسانو ! تاريخ جي واقعن مان سبق حاصل ڪريو.)

پهريون الزام
مولانا سنڌي ؓ دارالعلوم ديوبند ۾ هڪ مجلس ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪفار ۽ مشرڪين خلود في النار جي عذاب جا ان وقت مستحق ٿيندا جڏهن انهن تي خدائي حجت پوري ٿي وڃي. امت مسلمه تي ”شهداء عليٰ الناس“ جي ذميواري جيڪا وڌي وئي آهي، ان”شهادت حق“ جو جيستائين حق ادا نٿو ڪيو وڃي ته الله تعالى ڪهڙي طرح ڪنهن قوم کي ”عذابِ اليم“ ۾ هميشه لاءِ داخل ڪندو.
ان سوال جو جواب تحقيق سان ڏنو وڃي. دليلن سان سمجھايو وڃي يا فتوى بازي جو توپون کوليون وڃن ۽ مولانا سنڌي ؓ کي قرآن جو منڪر چيو وڃي ۽ کيس ڪفر جهڙي قبيح الزام سان داغدار ڪيو وڃي. سامراجي عالمن کي ته تحقيق سان ڪهڙو واسطو؟ هنن کي ته سامراجي خدمت سر انجام ڏيئي مولانا سنڌي کي نيڪالي ڏيڻي هئي !
قرآن مجيد اهڙن نا خلف اولاد لاءِ هن طرح آگاه فرمايو آهي ته:
فَخَلَفَ مِنْ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ وَرِثُوا الْكِتَابَ يَأْخُذُونَ عَرَضَ هَٰذَا الْأَدْنَىٰ وَيَقُولُونَ سَيُغْفَرُ لَنَا وَإِنْ يَأْتِهِمْ عَرَضٌ مِثْلُهُ يَأْخُذُوهُ أَلَمْ يُؤْخَذْ عَلَيْهِمْ مِيثَاقُ الْكِتَابِ أَنْ لَا يَقُولُوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الْحَقَّ وَدَرَسُوا مَا فِيهِ وَالدَّارُ الْآخِرَةُ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ﴿الأعراف: ١٦٩﴾
ترجمو: پوءِ نيڪو ڪارن جي جاءِ تي نا اهل جانشين ٿيا. اهي ئي ڪتاب جا وارث بڻيا. انهن دين کي وڪڻي حقير دنيا جي سامان کي پاڻ لاءِ پسند ڪيائون. چوڻ لڳا ته ان دين فروشي جي اسان کي معافي ملي ويندي. هنن کي اڃان به وڌيڪ دنيا جو متاع ملي وڃي ته ان کي وٺڻ ۾ دير نه ڪندا. ڇا انهن کان خدا جي ڪتاب ۾ اهو پڪو واعدو نه ورتو ويو هو ته هو الله تعالى جي معاملي ۾ حق ۽ سچ کانسوءِ ڪابه ڳالهه نه ڪندا. ڇا انهن ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو سبق نه پڙهيو هو. جيڪي متقي آهن انهن لاءِ ته آخرت جو گھر فاني دنيا جي خواهشن کان وڌيڪ بهتر آهي. ڇا ايتري ڳالهه به انهن کي سمجھه ۾ نٿي اچي.
هڪ ٻي آيت ڪريمه ۾ هن طرح آهي:
فَخَلَفَ مِنْ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ أَضَاعُوا الصَّلَاةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوَاتِ فَسَوْفَ يَلْقَوْنَ غَيًّا ﴿مريم: ٥٩﴾
ترجمو: نيڪو ڪارن کان پوءِ اهڙا جانشين مقرر ٿيا جن عبادت جي نظام کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ نفس جي سڌن پٺيان پئجي ويا. جلد ئي انهن جي سرڪشي انهن جي آڏو اچي ويندي.

مولانا سنڌي ؓ تي الزامن بابت قرآن جون گواهيون:
”حجت الٰهي جي پوري ٿيڻ کان اڳ عذاب نٿو ٿي سگھي“
1. وَلَوْ أَنَّا أَهْلَكْنَاهُمْ بِعَذَابٍ مِنْ قَبْلِهِ لَقَالُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ مِنْ قَبْلِ أَنْ نَذِلَّ وَنَخْزَىٰ ﴿طه: ١٣٤﴾
ترجمو: جيڪڏهن حجت الٰهي پوري ٿيڻ کان اڳ اسان ڪنهن قوم کي عذاب ذريعي هلاڪ ڪري ڇڏيون ته اها قوم ضرور ائين چئي سگھي ٿي ته يا الله ! ان کان اڳ جو اسان عذاب ذريعي ذليل ۽ خوار ٿيون تون اسان ڏي پيغمبر ڇو نه موڪليو؟ پوءِ اسان ان پيغمبر جي چوڻ تي هلون ها ۽ عذاب کان بچي وڃون ها.
2. وَلَوْلَا أَنْ تُصِيبَهُمْ مُصِيبَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ فَيَقُولُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ وَنَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ ﴿القصص: ٤٧﴾
ترجمو: جيڪڏهن رسول جي طرفان حجت پوري ڪرڻ کان اڳ انهن جي عدم ايمان يا ڪڌن ڪرتوتن سبب ڪا مصيبت موڪليون ها ته اهي ضرور چون ها ته اي اسان جا رب ڇو توهان اسان ڏي رسول نه موڪليو ته اسان ان جو اتباع ڪيون ها ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارن مان ٿي وڃون ها.
3. وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ رَسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ﴿ابراهيم: ٤﴾
ترجمو: اسان جي هدايت پهچائڻ جو دستور اهو رهيو آهي ته جنهن قوم ڏانهن جيڪو رسول موڪليندا آهيون ته اهو ان قوم جي زبان ڳالهائيندڙن منجھان هوندو آهي. اهو ان ڪري ته اهو رسول نهايت چٽي طرح خدا جو پيغام انهن تائين پهچائي.
”رسول جي ذميواري اها براه راست هئي ۽ هن امت ۾ اها ذميواري امت مسلمه تي لاڳو ٿيل آهي ته دنيا جي سمورن قومن کي سندن ٻولين ۾ قرآن مجيد جي پيغام کي چٽي طرح پهچائين تان ته شهادت حق مڪمل ٿي وڃي ۽ قيامت ڏينهن اهي قومون قرآن مجيد جي پيغام نه پهچڻ جو خدا وٽ ڪوبه عذر ڪري نه سگھن.“
4. وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ رَسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ فَيُضِلُّ اللَّهُ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ ﴿ابراهيم: ٤﴾
ترجمو: اسان دنيا جي مختلف قومن ڏانهن رسولن کي ان ڪري موڪليندا رهيا آهيون ته اهي انسانن کي خدا جي نعمتن کان آگاه ڪن ۽ عذاب جهنم کان خبردار ڪندا رهن. انهن کي ان ڪري موڪليو ويو ته انهن جي هدايت پهچائڻ بعد انهن قومن وٽ ڪا به حجت باقي نه رهي جيڪا خدا تعالى جي آڏو پيش ڪري سگھن. يعني هو اها ڳالهه چئي نه سگھن ته اسان کي حق جي واٽ ڪنهن به نه ڏيکاري هئي. خدا تعالى جي سڀني فيصلن ۾ قوت ۽ ڏاهپ رکيل آهي.
5. ذَٰلِكَ أَنْ لَمْ يَكُنْ رَبُّكَ مُهْلِكَ الْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا غَافِلُونَ ﴿الأنعام: ١٣١﴾
ترجمو: پيغمبرن جو قومن ڏانهن اچڻ ۽ توحيد جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته الله تعالى جو اهو طريقو ناهي ته هو ناانصافي سان ڳوٺن، علائقن ۽ قومن کي هلاڪ ڪندو رهي، اهڙي حالت ۾ جو اهي انسان حق واري واٽ کان بالڪل بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ هجن.
6. إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ () عَلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ () تَنْزِيلَ الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ () لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَا أُنْذِرَ آبَاؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُونَ () ﴿يس: ٣تا ۶﴾
ترجمو: اي پيغمبر ! اوهان سچن رسولن مان آهيو. اوهان سڌي واٽ تي قائم آهيو. هي ڪتاب هڪ غالب هستي ۽ رحم ڪندڙ ذات جي طرفان اوهان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي تان ته ان ڪتاب جي ذريعي توهان اهڙي قوم کي خدا جي عذاب کا خبردار ڪريو جنهن قوم جي ابن ڏاڏن کي ڪنهن پيغمبر ذريعي عذاب الٰهي کان واقف نه ڪيو ويو هو ان ڪري اهي انسان بي خبر رهجي ويا.
ڄڻ ته الله تعالى انهن جي بي خبري کي تسليم ڪري ٿو ۽ انهن کي اڻ ڄاڻ قرار ڏئي ٿو. ان ڪري ئي اهي ڪنهن عذاب جو مستحق نه ٿيندا. حضرت سيدنا محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جا والدين سڳور به انهن ”غافلون“ ۾ شامل هئا. ان ڪري قيامت ڏينهن عذاب جا حقدار نه ٿيندا. ته پوءِ اهڙيون قومون جن تي حجت الٰهي پوري نه ٿي آهي ۽ شهادت حق انهن تائين نه پهتي آهي ته اهڙين قومن کي ”خلود في النار“ جي مسئلي تي ويچار ڪري سگھجي ٿو ۽ ان تي توقف ڪرڻ مناسب آهي. حضرت مولانا سنڌي ؓ جي ان موقف تي دارالعلوم ديوبند ۾ ڇو هيجان برپا ڪيوويو ۽ عظيم مصلح سان اهڙو رويو ۽ برتاءُ ڇو ٿيو. هڪ طرف اصل سبب ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي پر معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد جي اهڙين وضاحتن ۽ چٽين حقيقتن جي طرف انهن جي نگاه ئي نه وئي هئي ۽ اهي رجوع الي القرآن جي فڪر ۽ فلسفي کان ڄڻ بي ڄاڻ هئا.
ٻيو هڪ الزام اهو به عائد ڪيو ويو ته مولانا سنڌي ؓ ٻين قومن جي طرز رهائش کي اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ چيائون ته: ”مَنۡ تَشَبّهَ بِقَوۡمٍ فَهُوَ مِنۡهُمۡ“ مولانا سنڌي ؓ فرمائيندو هو ته اڄ جي دؤر ۾ پنهنجن جي علائقي جي ٻولين کان سواءِ ٻيون بين الاقوامي ٻوليون سکيون وڃن ۽ خاص طرح انگريزي ٻولي سکڻ لازمي آهي. ان ڪري مدرسن جي درس ۾ انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ان طرح پردي ۽ تصوير جي مسئلن تي اجايو زور نه ڏنو وڃي. هڪ دور مان ڏسي رهيو آهيان ته عورتون ۽ مرد هڪ سواري ۾ گڏ سفر ڪندا ۽ هڪ عمارت ۾ جدا جدا ڪمرن ۾ گڏ رهندا.
حضرت مولانا سنڌي ؓ پنهنجي بصيرت سان ڏسي رهيو هو ته هڪ جهاز ۾، هڪ ڪوچ ۾، هڪ ٽرين ۾، هڪ موٽر ۾ عورتون ۽ مرد گڏ سفر ڪندا. هڪ عمارت جي مختلف فليٽن ۾ مختلف مرد ۽ عورتون هڪ ئي ڏاڪڻ ۽ هڪ ئي لفٽ ۾ گڏ ايندا ويندا.
ڪميونزم جي نظريي لاءِ سندن چوڻ هو ته انهيءَ غير فطري ۽ مذهب دشمن نظريي جي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسلامي معيشيت، خود ڪفالت ۽ غريبن، مسڪينن جي برتري، اجرت کي حصي داري ڏيڻ، زمين جي انفرادي ملڪيت کي ٻنجو ڏيڻ لازمي ڪم آهن. جيڪڏهن توهان اسلام جي آزادي ۽ انسان پروري جو انتظام نه ڪندا ، اسلام کي عوام دوست ۽ خير خواهي واري دين جي حيثيت سان پيش نه ڪندا ته پوءِ دنيا ۾ لادينيت جو مقابلو فقط لفظي جنگ سان نٿا ڪري سگھون.
مولانا سنڌي ؓ جي انهن نظرين، عالمن ۽ گھٽ پڙهيل دانشورن کي پريشان ڪري ڇڏيو. ان وقت سندس زندگي ۾ ئي انهن ڪم بخت ماڻهن ڪجھه نه گھٽايو ۽ پوءِ هاڻي تائين به اهڙا اٻوجھه ۽ جاهل ماڻهو مولانا سنڌي ؓ جو تعاقب جاري رکيو اچن ۽ بي تڪي تنقيدي تيرن جو وسڪارو ڪندا پيا رهن. مولانا سنڌي ؓ ان وقت به اهڙن نقادن ۽ ڪوڙن الزامن ڏيندڙن کي ڪابه اهميت نه ڏني ۽ هاڻي به انهن کي اهميت ملڻ نه گھرجي.
اڄ جي ضرورت آهي ته مولانا سنڌي ؓ جي قرآني فڪر ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ ان مثبت ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي. مولانا سنڌي ؓ، دهلي ۾ معارف واري اداري ۾ به وڌيڪ ٽڪي نه سگھيو ۽ جلد ئي حضرت شيخ الهند ؓ جي مشوري سان بين الاقوامي سياسي مشن جي تڪميل لاءِ هندستان کان ڪابل روانو ٿي ويو. ها‎ڻي عالم اسلام ۽ دنيا جي قومن ۽ نظرين جو مطالعو، انهن جو تجزيو ۽ پنهنجن جي لاءِ راهون تلاش ڪرڻ جو مرحلو سامهون هيو. ان سان گڏ هندستان جي رهاڪن کي آزادي جهڙي نعمت سان پڻ همڪنار ڪرڻ جو جذبو ۽ جدوجهد مقصدن ۾ شامل هئي.
ان دؤر ۾ ڪابل، روس، ترڪي ۾ ڪجھه وقت گذارڻ کان پوءِ مولانا سنڌي ؓ سعودي عرب کي مستقل مرڪز بڻايو. اهو دور سندس فڪر ۽ فلسفي جي معراج جو دؤر هو. دنيا جي عالمن، محدثن، فقيهن، دانشورن، سياسي ليڊرن ۽ حڪومتن جي سربراهن سان سندس ملاقاتون ۽ مسئلن جا تجزيا پيش نظر رهيا. نيٺ اهو وقت وري موٽي آيو ته مولانا سنڌي ؓ پنهنجي پياري وطن سنڌ جي سر زمين تي قدم رکي ۽ سنڌ ۾ پنهنجي مشن جي منصوبه بندي ڪري. چنانچه 1939ع ۾ الله بخش سومري جي وزارت جي دؤر ۾ ڪياماڙي (ڪراچي) ۾ سامونڊي جهاز ذريعي سندن مبارڪ قدم سنڌ جي ڌرتي تي پيا.
هت اچڻ بعد حياتي جي پوين پنجن ڇهن سالن ۾ مولانا سنڌي ؓ وڏي جاکوڙ ڪئي. سموري هندستان جو دورو ڪيو. اجلاسن، ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ عام جلسن کي خطاب ڪيو. ڪئي خطبا ڏنائون، ڪيتريون تحريرون ۽ مقالا لکيائون. سندن مقصد انسانن کي سجاڳ ڪرڻ، انهن کي انقلابي جذبن ۽ راهن کان واقف ڪرڻ، انهن کي اسلام جي ايندڙ غلبي لاءِ ”حزب الله“ جي قيام جي دعوت ڏيڻ ۽ انسان ذات کي قرآن جي فڪر ڏانهن رجوع ڪرڻ هدف رهيو. هن ڪيئي ادارا ٺاهيا، ڪيترا مرڪز وجود ۾ آندا. ڪيترن قديم ۽ جديد ماڻهن جي تربيت ڪيائون، انهن کي ايندڙ انقلاب لاءِ تيار ڪيائون. هيءَ انقلابي شخصيت، متحرڪ انسان ۽ مظلوم مصلح، 21 آگسٽ 1944ع تي عالمِ اسلام، عالم انسانيت ۽ سنڌ ڌرتي کي وڇوڙي جو داغ ڏئي هميشه لاءِ حظيرة القدس جي سفر ڏانهن روانو ٿي ويو.
اِنَّا لِلهِ وَ اِنَّا اِلَيۡهِ رَاجِعُوۡنِ ط
يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ () ارْجِعِي إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَرْضِيَّةً () فَادْخُلِي فِي عِبَادِي () وَادْخُلِي جَنَّتِي()

استدراڪ
دارالعلوم ديوبند ۾ ڪي اهڙا ماڻهو جيڪي اهم عهدن تي فائز ٿي، دارالعلوم جي مقصدن کان انحراف ڪيو ته اها نه دارالعلوم جي تعليم جي گھٽتائي هئي نه ئي ان مسلڪ تي ڪو اعتراض ڪري سگھجي ٿو. ان دارالعلوم ۽ ان مسلڪ سوين مجاهد، جرئتمند رهبر ۽ ڪفر جي مزاحمت ڪندڙ مجاهد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به ميدان ڪار زار ۾ حقيقي اسلام جا نمائندا بڻجي جدوجهد ۾ مصروف آهن. ڪي ٿورا غلط ڪار ماڻهو هر جڳهه تي ظاهر ٿيندا آهن. انهن جو فيصلو خدا وٽ آهي. حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي ؓ جن جا هاڻوڪا جانشين ڪهڙو ڪردار پيا نڀاهين؟ حضرت سوئي شريف ؓ جا مجاور ڪهڙي حد تائين پهتل آهن؟ جنيد وقت، سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي ؓ جا نمائندا ڪهڙي فڪر تي هلي رهيا آهن؟ حضرت شاھ ڪريم بلڙي وارا ؓ، حضرت مخدوم لنواري وارا ؓ ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؓ جا سجاده نشين ڪهڙي علم ۽ فڪر تي موجود آهن؟ هر اداري ۽ هر شخصيت جي خلف ۾ اهو انحراف هلندو پيو اچي.

مولانا سليمان طاهر انڍڙ