مدرسن کي قائم ڪرڻ جي همه گير تحريڪ
دارالعلوم ديوبند، ملت جي چند خيرخواهن جن مقصدن لاءِ قائم ڪيو هو، سي مقصد سهارنپور جي هڪ گم نام ڳوٺ ۾ رڳو هڪڙي مدرسي قائم ڪرڻ سان پورا ٿي نٿي سگهيا. تنهن ڪري ضرورت هن ڳالهه جي هئي ته ان جذبي کي عام ڪيو وڃي ۽ پوري ملڪ ۾ ديني مدرسن جو هڪ ڄار وڇايو وڃي. سو دارالعلوم جي بانيڪارن ديني تعليم جو هڪ اهڙو جذبو پيدا ڪيو جو ان زماني ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئين مدرسا کوليا ويا. 1296هه (1879ع) ۾ مدرسه قاسميه مراد آباد جو پايو پيو، جيڪو عام طور ”مدرسه شاهي مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي. ان جو بنياد حضرت قاسم العلوم حجة الاسلام مولانا محمد قاسم نانوتوي، خود پنهنجي هٿن سان پاڻ رکيو هو. ٻن ٽن سالن کانپوءِ حضرت قاسم العلوم جي چوڻ تي ئي جامعه عربيه اسلاميه جي نالي سان امروهه ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ويو. نگينه (يو- پي) ۾ 1292هه کان ئي هڪ مڪتب قائم هو. حضرت حجة الاسلام جي مشوري سان ان کي ترقي ڏ يئي اسلامي علوم جو هڪ بهترين درسگاهه بنايو ويو ۽ حضرت جن جي نالي پٺيان ان جو نالو ”مدرسه عربيه قاسميه“ رکيو ويو. ”مظاهر العلوم“ سهارنپور جو پايو 1896ع ۾ پيو. ان جي شروعات ۽ بنياد ۾ به دارالعلوم جي بانيڪارن جي دوستن ۽ پونئيرن جو هٿ هو ۽ ان جا مقصد به ساڳيا دارالعلوم ديوبند وارا قرار ڏنا ويا. دارالعلوم ديوبند جي بانيڪارن جي دوستن ۽ شاهه محمد اسحاق، حضرت مولانا عبدالحي ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي شاگردن مان ئي مولانا سخاوت علي جونپوري، جونپور ۾ گذريل صدي جي آخر ڌاري مدرسه قرآنيه قائم ڪيو. مدرسن کولڻ جو هي سلسلو دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويو، پوري ملڪ ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ٿي ويا. پر ان وقت اهو عمل باغ لڳائڻ وارو عمل هو، ميوي جي حاصلات وارو وقت اڃان پرڀرو هو جنهن جي شروعات حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي واري وقت ۾ ٿئي ٿي. حضرت جن جي زماني ۾ سندن شاگردن جي ڪوشش سان براعظم، هند و پاڪ جو چپو چپو ديني علمن جي سوجهري سان ٻهڪي پيو. قومي تحريڪن ۽ آزادي جي هلچل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو. سندن ڪوششن سان ملت جي ٿڪل ٽٽل فردن ۾ هڪ نئين سگهه سامائجڻ لڳي ۽ منجهن خاص نموني جو نظم ضبط قائم ٿي ويو. ايئن دارالعلوم جو فيض ڏينهون ڏينهن عام ٿيندو ويو. 1895ع ۾ حضرت رشيد احمد گنگوهي ؓ جي خليفي حافظ محمد صالح، مولانا فضل احمد منشي رحمة الله ۽ ٻين ساٿين رائيپور ضلع جالندهر ۾ ”مدرسه رشيديه“ جي نالي سان هڪ مدرسو کوليو ۽ 1905ع ۾ ”مدرسه نعمانيه“ جي نالي سان امرتسر ۾ ان ئي سلسلي جو هڪ مدرسو قائم ڪيو. دهلي جو مشهور ديني درسگاهه ”مدرسه امينيه“ به حضرت شيخ الهند جي شاگرد مولانا امين الدين قائم ڪيو هئو ۽ سندن ٻئي ناليواري شاگرد حضرت مفتي ڪفايت الله صاحب جي محنتن ان کي ايشيا جي چند مشهور ديني ادارن جي صف ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ حضرت شيخ الهند جي نامور شاگرد مولانا عبيدالله سنڌي ؓ پير جهنڊي (ضلع حيدرآباد) ۾ ”دارالارشاد“ جي نالي سان 1901ع ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ پوءِ 1912ع ۾ وري ساڳئي نالي سان نواب شاهه سنڌ ۾ به هڪ مدرسو کوليو. ان کان گهڻو اڳ 1884ع مولوي عبدالله صاحب ڪراچي جي کڏي محلي ۾ هڪ مدرسو کوليو هو، ان جو نيڪ فرزند مولانا محمد صادق صاحب جن، جيڪو پڻ حضرت شيخ الهند جي مک شاگردن مان هو ۽ جنهن سنڌ ۾ اسلامي علمن جي واڌ ويجهه، تبليغ اسلام، بدعت ۽ گمراهين کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، تنهن جي محنت ۾ مدرسه مظهرالعلوم جي نالي سان مشهور ٿيو. لاهور ۾ حضرت شيخ الهند جي خاص شاگرد مولانا احمد علي لاهوري، جيڪو قرآني علمن جي وڏي ڄاڻ رکڻ سبب شيخ التفسير جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان 1921ع ۾ ”مدرسه قاسم العلوم“ جو بنياد رکيو. 1350هه (1932ع) ۾ ڊاڀيل (سورت) جامعه اسلاميه جي نالي سان مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني جي ڪوششن سان هڪ اسلامي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ ديني ۽ علمي دنيا ۾ پنهنجو پير ڄمايو. حضرت شيخ الهند جي شاگردن مان اهي ٻئي بزرگ ڪنهن تعارف جا محتاج نه آهن. 1327هه (1909ع) ۾ سرائي مير ضلع اعظم ڳڙهه ۾ ملت جا ڪجهه گهڻ گهرا جيڪي اڳ ۾ هڪ انجمنِ اصلاح قائم ڪري چڪا هئا، تن هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو جنهن جو سنگ بنياد حضرت شيخ الهند جي شاگرد مولانا سيد ميان اصغر حسين ديوبندي صاحب جن رکيو. 1924ع ۾ گجرات جي ضلع کيڙ ۾ آنند نالي علائقي ۾ حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله صاحب مدرسه عربيه تعليم الاسلام جي نالي سان هڪ مدرسي جو بنياد وڌو جنهن گجرات جي علائقي ۾ ديني علمن جي اشاعت ۽ تبليغ اسلام ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. 1913ع ۾ حضرت شيخ الهند جي صلاح ۽ مشوري سان مولانا عبيدالله سنڌي دهلي ۾ مدرسه نظارة المعارف القرآنيه جي نالي سان هڪ مدرسو قائم ڪيو. توڙي جو هي هڪ ننڍڙو مدرسو هو جنهن ۾ ٻه ٽي استاد قرآن حديث جو درس ڏيندا هئا ۽ شاگردن جي هڪ خاص جماعت جيڪا علي ڳڙهه جي پڙهيل هئي سا مولانا سنڌيءَ جي نگراني هيٺ هئي، پر انگريزي حڪومت تي ان ننڍڙي اداري جهڙي طرح ڏڪڻي طاري ڪري ڇڏي تنهن جو ڪجهه اندازو ڪتاب ”تحريڪ شيخ الهند“ جي مطالعي مان ٿئي ٿو. 1350هه (1932ع) ۾ غازي پور ۾ دين اسلام جي هڏ ڏوکين هٿان هڪ مدرسو ”مدرسه دينيه اسلاميه“ نالي سان قائم ٿيو. ان جو تعليمي نظام ساڳيو ديوبند وارو هو ۽ سندس پورو تعليمي عمل شروع کان وٺي اڄ تائين ديوبند جي فاضلن جي هٿ ۾ رهيو آهي. غازي پور جو مشهور مدرسو ”مدرسه چشمه رحمت“ 1869ع ۾ قائم ٿيو. توڙي جو انهن جي پايي وجهندڙن جو تعلق علماء فرنگي محلي وارن سان هو پر شروعات کان پوءِ مدرسو سدائين علماء ديوبند جي محنتن ۽ خدمتن جو ٿورائتو رهيو آهي. جونپور جي قصبه صبر حد جي مثالي درسگاهه ”مدرسه فاروقيه“ جو تعليمي ۽ اصلاحي روح اهوئي آهي جيڪو دارالعلوم ديوبند جي تعليمي ۽ تربيتي نظام ۾ جاري ۽ ساري آهي. پٽنه جو مشهور مدرسو ”مدرسه اسلاميه شمس الهديٰ“ جو قيام 1912ع ۾ ٿيو ۽ ان جي به ترقي ۽ واڌويجهه دارالعلوم ديوبند جي فاضلن هٿان ٿي. ان سلسلي ۾ ”جامعه مليه نواڪالي“ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اها به دارالعلوم ديوبند جي ئي هڪڙي شاخ آهي. ان جا امتحان ۽ نگراني سڌوسنئون دارالعلوم ديوبند طرفان ٿيندي آهي. اهو سمورو زمانو حضرت شيخ الهند ۽ سندس شاگردن جو دور آهي.
پر اها تحريڪ ان کان پوءِ ختم ڪانه ٿي آهي، بلڪ گذريل 25-30 سال جي عرصي ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙن ديني مدرسن جو بنياد پيو، جن کي ڳڻڻ کان سواءِ هي مضمون اڌورو رهجي ويندو. انهن مدرسن ۾ ”جامعه اشرفيه“ لاهور (1947ع)، جامعه رشيديه ساهيوال 1947ع، دارالعلوم خيرالمدارس ملتان 1947ع، دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ 1947ع، دارالعلوم اسلاميه ٽنڊو الهه يار 1947ع، دارالعلوم ڪراچي 1950ع، جامعه اشرفيه پشاور 1953ع، جامعه مدينه لاهور 1955ع ۽ مدرسه عربيه اسلاميه بنوري ٽائون ڪراچي 1955ع خاص طور ڳڻڻ جوڳا آهن. پر ان سوني زنجير جون هي آخري ڪڙيون نه آهن. انهن مدرسن کان پوءِ به ڪئين مدرسا پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ۽ هندستان ۽ بنگلاديش جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم ٿيا آهن.
هي سڀ ادارا براعظم ۾ اسلامي علمن جي درس تدريس، اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت، ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۽ اسلامي علوم و فنون جي واڌويجهه جي تاريخ ۾ نمايان جاءِ والارين ٿا. هي سمورا مدرسا توڙي جو پنهنجي جدا جدا سڃاڻپ ۽ اثر رسوخ رکن ٿا، پر هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ اسلامي تعليم ۽ تربيت واري سرشتي ۾ دارالعلوم ديوبند ۽ هنن ادارن جو پاڻ ۾ اهو تعلق آهي جيڪو فلڪي نظام ۾ سج ۽ ٻين سيارن جو آهي. هنن سٽن پڙهڻ سان دارالعلوم جي فيض واري دائري جو جيڪو تصور ذهن ۾ اڀري ٿو سو حقيقت جي مقابلي ۾ گهڻو گهٽ آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اڃان ان موضوع تي ڪو ڪم ٿيو ئي ناهي ۽ نه وري ڪا اهڙي سنجيده ڪوشش ڪئي ويئي جنهن سان دارالعلوم ديوبند جي فائدي ۽ فيضن جو پورو اندازو ٿي سگهي. هي ته دارالعلوم ديوبند جي سلسلي جا ڪجهه چونڊ مدرسا هئا، پر جيڪڏهن صوبائي ۽ علائقائي سطح تي جائزو ورتو وڃي ته ان لاءِ رڳو هڪڙو مضمون ناڪافي آهي. ان لاءِ ته پورو ڪتاب گهربل آهي. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جو اهو ڪهڙو علائقو آهي، جتي دارالعلوم ديوبند جي سلسلي جو ڪو ننڍو يا وڏو مدرسو نه آهي؟ هندستان جي مک مدرسن جي هڪڙي مختصر فهرست غلام رسول مرتب ڪئي آهي. ٻي فهرست جيڪا بهادر ۽ اڙيسا جي مدرسن جي آهي، سا پروفيسر عبدالمنان مرتب ڪئي آهي. گجرات جي باڪمال ۽ نيڪ عالمن جي ديني خدمتن جو هڪ جائزو حضرت مفتي ڪفايت الله صاحب جن ورتو آهي. اهڙي نموني مالابار جي مرڪزي درسگاهن بابت معلومات محمد اسلم صاحب جن هٿيڪي ڪئي آهي. (انهن مضمونن لاءِ البلاغ بمبئي جو تعليمي نمبر ڏسڻ گهرجي) پاڪستان جي عربي مدرسن جو هڪ تفصيلي جائزو حافظ نذر احمد مرتب ڪيو آهي. ”علم و آگهي“ جي ٻن ٿلهن نمبرن (برصغير پاڪ و هند جا علمي، ادبي ۽ تعليمي ادارا جلد پهريون ۽ ٻيو )۾ ديوبندي مڪتبه فڪر جي کوڙ سارن تعليمي، علمي ۽ ادبي ادارن ۽ انجمنن جا حالات سهيڙ يا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ”برگ گلا“ ڪراچي جو تعليمي پاليسي نمبر به پڙهڻ وٽان آهن. انهن ڪتابن ۽ رسالن ۾ مدرسن جي تاريخ ۽ انهن جي بانيڪارن جي حالت پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته دارالعلوم ديوبند جي فيض ۽ سندس ننڍن وڏن جي محنتن جو دائرو ڪيڏو نه وسيع آهي.