برطانوي سرڪار جي ڳڻتي
جمعيت الانصار جي مول متن ۾ بظاهر ڪو به اهڙو نڪتو شامل نه هو جنهن مان ان جي ڪن سياسي ارادن جو پڌراءُ ٿيندو هجي. 1910ع ۾ مراد آباد واري ان جي پهرئين اجلاس ۾ جيڪي تجويزون پاس ڪيون ويون هيون انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته جمعيت الانصار ڪاليجن جي ”اولڊ بوائز ايسوسيشنز“ کان بلڪل نرالي هئي. ان جي ڪم ڪار جو دائرو به انهن کان گهڻو ڪشادو هو ۽ سندس ڪارڪنن انهن جي ورڪرن کان گهڻو مٿانهان هئا. انگريزن جي بدظن ٿيڻ لاءِ ڪنهن ملڪي تنظيم جو سندن سرپرستي کان سواءِ آزادانه طور قائم ٿيڻ ئي ڪافي هو. مسلمانن جي سڌاري لاءِ سندن تنظيم ۽ نون پراڻن تعليم يافته نوجوانن جي سياسي تربيت ڪرڻ مدرسن جو قائم ڪرڻ، اسلامي مبلغ تيار ڪرڻ جهڙا ارادا ته حڪومت جي بدظني ۽ شڪ کي پڪ ۾ بدلائڻ لاءِ ڪافي هئا. تنهن ڪري حڪومت ان وقت ئي چوڪس ٿي ويئي. مولانا احمد حسن امروهوي کان ان بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ حضرت شيخ الهند جي آمدنيءَ تي ٽيڪس لڳايو ويو. ياد رهي ته ان وقت حضرت دارالعلوم مان صرف 50 روپيا پگهار وٺندو هو.
جمعيت جي قائم ٿئي اڃان ٿورو ئي وقت گذريو هو ته حڪومت کي پڪ ٿي ويئي ته جمعيت الانصار جا رڳو اهي مقصد نه آهن جن جو اعلان ڪيو ويو آهي يا ان جي اجلاس ۾ پاس ڪيل تجويزن مان پڌرا ٿين ٿا بلڪ جمعيت الانصار مسلمانن کي حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ جوڙي ويئي آهي ۽ ان انجمن جي پردي ۾ مسلمانن کي منظم ڪيو پيو وڃي. جيئن ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ ۾ ان تي روشني وڌي ويئي آهي:
• تڪڙو ئي مولوي عبيدالله انگريزي پڙهيل نوجوانن کي طالب علم جي حيثيت ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو پوءِ اها انجمن اڌو گابري سياسي تنظيم بنجي ويئي.
• جڏهن بلقان جي جنگ شروع ٿي ۽ ديوبند جي ذمه دارن ترڪي جي مالي مدد ڪرڻ جي فتويٰ ڏني ته اوچتو ئي اوچتو جمعيت الانصار پنهنجي اصلي رنگ ۾ اچي حد درجي جي ڪٽر جماعت بنجي ويئي.
• مولوي، شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو مبلغ بنائي موڪليا ويا ۽ ترڪيءَ جي مدد لاءِ هلال احمر فنڊ ۾ وڏيون وڏيون رقمون گڏ ڪيون ويون.
• غيرملڪي سامان جي بائيڪاٽ جي وڏي زورشور سان تبليغ ڪئي ويئي.
• ان جي شاخ ”قاسم المعارف“ ڪلڪتي شهر ۾ ڏاڍي سرگرميءَ سان حصو ورتو. تنهن تي مدرسي جي عملي مان سنجيده ماڻهو هوشيار ٿي ويا ۽ اهڙا ختلاف پيدا ٿيا جو عبيدالله کي 1913ع ۾ استعيفا ڏيڻي پئي.
ان ئي ڪتاب ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ ۾ حضرت شيخ الهند بابت لکيل آهي ته:
• ان جو گهر اسلامي جهاد جي سازشين جو ٿاڪ ۽ ڳڙهه هو. هن سرحد پار قبائلي ماڻهن کي جهاد تي ڀڙڪائڻ لاءِ سيف الرحمان، فضل الرحمان ۽ فضل محمود کي اوڏانهن موڪليو.
• هندستان ۾ اتحاد اسلامي جي سازش ۾ مولانا ”محمود الحسن“ جي شخصيت جو قائدانه ۽ مرڪزي ڪردار هو.