پيش لفظ
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ؓ (ف 1944ع دين پور) ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا مرحوم جي خلاف اٿاريل فتنن بابت جيڪو ڪتاب ترتيب هيٺ هو ۽ جنهن جو شروعاتي مسودو ماهوار الولي (حيدرآباد) ۾ ڇپيو به هو سو گهڻي ڪجهه ڦيرگهير ۽ واڌارن سان پريس ۾ پهچي چڪو آهي، هاڻ ان جي شايع ٿيڻ ۾ بظاهر ڪابه رنڊڪ نه آهي. تحقيق ڪندي ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪجهه وڌيڪ حقيقتون به پڌريون ٿيون آهن. حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني ؓ (ف 1957ع ديوبند) جن بزرگن جي سياسي نقطه نظر ۽ فتوائن کي رد ڪيو هو، جن کي صحيح سياسي سمجهه کان ڪورو قرار ڏنو هو جن جي ايمان ۾ شڪ ڏيکاريو هو يا جن بزرگن جي بيانن کي ڪوڙو چيو هو ته اها ڪا ڪاوڙ يا ٺلهي جوش جذبي جي ڳالهه نه هئي، بلڪ حضرت جن جي مشاهدي، صحيح سوچ ۽ فڪر تي ٻڌل هڪ واقعي جو اظهار هو، جيڪو حضرت جن جي زبان تي تري آيو هو ۽ فارسي پهاڪي ”قلندر ھر چو گوید دید گوید“ موجب حضرت جن جا شڪ شبها بلڪل ٺيڪ هئا. ٻئي پاسي مون اسلامي تاريخ جي مهان ڏاهي حضرت مولانا سيد محمد ميان نورالله مرقده (ف 1975ع دهلي) جن جا مختصر سياسي ليک، ڪتابڙا، رسالا ۽ کوڙسارا مضمون جيڪي وقت بوقت اخبارن ۾ ڇپبا رهيا پر مرتب نه ٿي سگهيا هئا، تن کي پنهنجي ڄاڻ موجب سڀني کي يا گهڻي ڀاڳي کي مرتب ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي مطالعي مان ۽ پڻ ٻين بنيادي ڪتابن جي ڳوڙهي اڀياس سان اندازو ٿيو ته پاڻ جن بزرگن جي سياسي سوچ ۽ قد ڪاٺ جي قيمت زيرو قرار ڏني هئي، اها به اصل حقيقت کان تمام وڌيڪ هئي. مطالعو ڪندي حضرت ٿانويءَ ؓ (ف 1943ع تهانه بهون) ۽ حضرت عثماني ؓ (ف 1949ع بهاولپور) کان سواءِ مولوي محمد طاهر (ف 1952ع ڪراچي)، مولانا شبير علي ٿانوي (ف 1968ع ڪراچي)، مفتي محمد شفيع (ف 1976ع ڪراچي) ڪجهه ٻين بزرگن جي سيرت ۽ سياسي فڪر بابت ڄاڻ جو هڪ ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي. پهرين ٻن بزرگ ۽ آخري بزرگن جي باري ۾ بحث کي رڳو سندن سياسي فڪر ۽ خدمت تائين محدود ڪيو آهي، ڇو ته ديني اصلاحي ۽ علمي ۽ حديث و تفسير ۽ درس و افتاء ۾ سندن ڪيل خدمتون ڪنهن کان لڪيل نه آهن ۽ پڻ بحث مباحثي کان مٿاهيون آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته ڪابه ڳالهه پنهنجي طرفان نه چوان، بلڪ ڪنهن جي ايمان جي سلامتيءَ بابت ڪو شڪ شبهو يا اخلاق ۽ ايمانداري بابت ڪو انديشو يا سندن سياسي سوچ جي پختگي بابت، حضرت شيخ الاسلام مولانا محمد ميان يا ڪن ٻين علم وارن ۽ قلم ڌڻين جيڪي ڪجهه لکيو آهي بس ان کي بيان ڪري ان جي ثابتي فراهم ڪئي ويئي آهي.