ضميمو اٺون
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو دارالعلوم ديوبند مان اخراج
پس منظر جون ڪجهه حقيقتون ۽ واقعا
(قاضي عبدالغفار اردو صحافت ۽ علم ادب جي تاريخ جي هڪ اهم شخصيت رهيو آهي. هُو پنهنجي حق پرستانه صحافت، بيباڪي ۽ جرائتمندانه قلمي جهاد سبب مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا حسين احمد مدني جي ويجهن ساٿين ۾ شامل رهيو. هُن ڪلڪتي مان روزانه “جمهور” اخبار جاري ڪئي جيڪا ڊسمبر 1917ع کان سيپٽمبر 1918ع تائين جاري رهي. هُن پنهنجي ادارين ۾ ٻين کوڙ سارن موضوعن سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي دارالعلوم ديوبند مان اخراج جي پس منظر بابت پڻ قلم کنيو ۽ اهم واقعن ۽ حقيقتن جو پردو فاش ڪيو. سندس نياڻي محترمه پروفيسر عابده سميع الدين صاحبه اُهي سڀ اداريا سهيڙي هڪ ڪتاب (اخبار “جمهور” برطانوی آمریت سے ٹکرائو – تجزیہ و انتخاب) جي صورت ۾ شايع ڪيا. هيءُ ڪتاب 1995ع ۾ هندستان ۾ شايع ٿيو ۽ محترم ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري صاحب جي ٿورن سان مون کي استفادي لاءِ مليو، جنهن مان ڪجهه اهم حصا جيڪي هن ڪتاب جي موضوع سان واسطو رکن ٿا ترجمو ڪري هيٺ ڏجن ٿا. -سنڌيڪار)
1909ع ۾ دستاربندي جي جلسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، سنڌ مان شمس العلماءِ حافظ احمد ۽ مولوي حبيب الرحمان جي دعوت تي ديوبند آيو. انهيءَ وقت جميعت الانصار (اولڊ بوائز مدرسو ديوبند) جو بنياد پيو ۽ انهن ٻنهي جي راءِ سان مولانا عبيدالله سنڌي انجمن جو ناظم (سيڪريٽري) مقرر ٿيو. جميعت الانصار جي سالياني جلسن ۽ تحريڪن سان انهن ٻنهي صاحبن (حافظ احمد ۽ حبيب الرحمان) کي ايتري ته همدردي هئي جو هو ان جي ڪارروائين ۾ ڪافي حصو وٺندا هئا. انجمن جو صدر دفتر دارالعلوم ديوبند هيو ۽ ڪو معمولي ڪم به شمس العلماءُ حافظ احمد يا مولوي حبيب الرحمان صاحب جي منظوري کانسواءِ نه ٿي سگهندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي اڪثر سالياني جلسن جي موقعي تي ديوبند ايندو هو يا سال جي وچ ۾ ٻن چئن هفتن لاءِ ديوبند ۾ قيام ڪندو هو ۽ باقي سال جو اڪثر حصو مدرسي ڳوٺ پير جهنڊي (ضلعو حيدرآباد سنڌ) جي درسي خدمتن ۾ گذاريندو هو. سندس غيرموجودگي ۾ جمعيت الانصار جا اصلي ڪارڪن مولوي حبيب الرحمان ۽ شمس العلماءُ محمد احمد صاحب هيا. ايستائين جو مولانا عبيدالله کان اصرار ڪيو ويو ته هُو سنڌ ڇڏي ديوبند ۾ ئي رهي پون، ڇاڪاڻ ته سندن عدم موجودگي ۾ جميعت ضرورت آهر ڪم نٿي ڪري سگهي ۽ اڪثر مذهبي تحريڪون عملي جامي کان خالي رهن ٿيون. جڏهن شمس العلماءُ حافظ احمد صاحب ۽ مولوي حبيب الرحمان جو اصرار وڌي ويو ته غالباً 1911ع کان مولانا عبيدالله سنڌي صاحب ديوبند ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ اها مستقل رهائش ئي هڪ تباهه ڪندڙ اختلاف جو سبب بڻي.
اهو اختلاف ظاهر ڪرڻ کان اڳ اسان اهو به ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهن اڻ وڻندڙ واقعن جي اظهار تي اسان کي مولانا عبيدالله سنڌي جي همدرديءَ مجبور ناهي ڪيو پر اسان کي اصلي همدردي انصاف ۽ حق سان آهي ۽ ان کان به وڌيڪ هن دارالعلوم (ديوبند) سان همدردي آهي، جنهن جي مدرس اعليٰ (حضرت شيخ الهند رحه) ۽ ڪجهه ٻين فردن تي بغاوت جو الزام لاڳو ڪيو ويو. ان صورت ۾ جيڪڏهن حقيقت کي پڌرو نه ڪيو ويو ته حڪومتي عملدار سدائين تجسس ڀرين نظرن سان ڏسندا ۽ ان جي مدرس اعليٰ يا خاص بااثر ڪارڪنن جون سموريون مذهبي تحريڪون شڪ شبهي جي نظرن سان ڏٺيون وينديون، پوءِ نجات جي شڪل اِها ٿيندي ته دارالعلوم جا ڪارڪن حڪومتي عملدارن جي هٿن جا رانديڪا بڻجي پوندا. جيڪڏهن جمعيته الانصار جون خالص مذهبي تحريڪون حڪومت جي نظر ۾ پان اسلامزم جو ڀوائتو خطرو ثابت ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان جي ناظم مولانا عبيدالله سنڌي کي هڪ خوفناڪ بغاوت جو باني قرار ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي ڪهڙي ذميواري آهي ته اڳتي ان قسم جون تحريڪون يا خود دارالعلوم ديوبند جو وجود حڪومتي عملدارن وٽ خوفناڪ بغاوت جو سرچشمو ثابت نه ٿيندو. تنهن ڪري جن اسلام جي دشمنن تقدس جو چغو پائي گورنمينٽ کي دوکو ڏنو آهي، انهن خود دارالعلوم جي پيڙهه ۾ سرنگون وڇائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي دل ۾ ايمان جي نور جو هڪ ذرو به آهي ته ان جو فرض آهي ته هُو دارالعلوم کي تباهي کان بچائي گورنمينٽ کي جيڪو فريب ذاتي بغض سبب ڏنو ويو آهي ان کان حڪومت کي بچائي. تنهن ڪري اسان جيڪو ڪجهه لکڻ گهرون ٿا اهو مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان همدردي نه پر خود دارالعلوم سان همدردي آهي يا حڪومت سان همدردي آهي ته اُها ان فريب کان محفوظ رهي، جنهن جو انجام خطرناڪ آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته دارالعلوم جي تعليمي ۽ مالي انتظام ۾سخت خرابيون آهن ۽ هڪ عرصي کان اُهي خرابيون اخبارن جي صفحن تي اچي چڪيون آهن. هاڻوڪي مهتمم جي زماني ۾ پنج سؤ رپين جي غبن جو واقعو پيش آيو ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو واقعو حضرت مولانا گنگوهي رحه آڏو پيش ٿيو. باقاعده ثبوت ورتا ويا ۽ چيو وڃي ٿو ته مولانا گنگوهي صاحب مهتمم صاحب کي عهدي کان هٽائي ڇڏيو هو پر خود حضرت مولانا محمود حسن صاحب (شيخ الهند) کيس استادزادو سمجهي سندس لاءِ سفارش ڪئي ۽ کيس بحال رکيو ويو. اهو واقعو ان زماني ۾ خود مدرسي مجلس انتظاميا جي هڪ ميمبر پاران “پيسه” اخبار ۽ ٻين اسلامي رسالن ۾ شايع ڪرايو ويو هو، جنهن جو انجام اهو ٿيو جو اهو ميمبر هٽايو ويو. لاهورجي اخبار “الصباح” مطابق انهن سمورن واقعن جي فيصلي لاءِ مولوي انور شاهه صاحب کي مقرر ڪيو ويو هو پر بعد ۾ خبر پئي ته مهتم ان ديوبند پاران مولوي صاحب موصوف جي شادي ڪرائي سندس 70، 80 رپيا پگهار مقرر ڪري کيس دارالعلوم جو مدرس اول بڻايو ويو. ان کان پوءِ مولوي انور شاهه صاحب سندن پارٽيءَ جو ميمبر آهي.
اهڙي قسم جي (مالي ۽ انتظامي نوعيت جي) شڪايتن جو هڪ ڊگهو دفتر آهي، جنهن ڏانهن اشارو ڪرڻ به اسلام ۽ امت جي عالمن جا عيب اگهاڙڻ آهي ۽ پردي پوشي ڪرڻ بزرگن جو هڪ خاص شان آهي، انهيءَ ڪري ئي حضرت شيخ الهند انهن شڪايتن جو سڌارو نهايت خاموشيءَ سان ڪرڻ گهريو. شيخ الهند جو خيال هو ته جيڪڏهن شمس العلماءِ حافظ احمد کي هٽايو ويو ته خواهه مخواهه اختلاف جي صورت پيدا ٿيندي ۽ مدرسي جو نقصان ٿيندو. ان خيال سان خود مولانا (شيخ الهند) مولوي حبيب الرحمان صاحب کي نائب مهتمم بڻايو ته جيئن حافظ صاحب جو شاگردن سان ڪوبه واسطو نه رهي. ان لاءِ اها وضاحت ڪئي وئي ته وڏن معاملن جو انتظام حافظ احمد صاحب سنڀاليندو ۽ جزوي معاملن جو تعلق مولوي حبيب الرحمان صاحب سان رهندو پر پڇاڙيءَ اُها تدبير به ڪارائتي ثابت نه ٿي. ايستائين جو مولوي حبيب الرحمان پنهنجي خاص غرضن ۽ فائدن ڪري شمس العلماءِ صاحب سان گڏجي ويو ۽ شيخ الهند جو جيڪو مقصد هيو اهو ختم ٿي ويو.
پوءِ مولوي حبيب الرحمان صاحب “مدرسي ديوبند جي طرفان” ڄاڻائي هڪ ماهوار رسالو “القاسم” ڪڍيو ۽ هڪ ذاتي پريس “مطبع قاسمي” جي نالي سان قائم ڪئي. اهي ٻئي شيون مولوي صاحب موصوف جون ذاتي ملڪيت هيون پر ظاهر اِهو ڪيو ويو ته اهي ٻئي شيون مدرسي جي ملڪيت آهن. ايستائين جو شروعاتي زماني ۾ پريس جي عملي جو بل پڻ مدرسي جي خزاني مان ادا ٿيندو هو ۽ اهو چيو ويندو هو ته اِهو پئسو قرض طور ورتو ٿو وڃي. انهيءَ وچ ۾ مولوي حبيب الرحمان صاحب رسالي القاسم جو دفتر ٺهرايو ۽ ان ۾ به مدرسي جو پئسو خرچ ٿيو. مطلب ته انهيءَ قسم جا ڪيترائي معاملا هئا، جيڪي مدرسي ديوبند جو انتظام هلائيندڙن جي مقدس چؤديواري ۾ هلي رهيا هئا. جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ مان اچي ديوبند ۾ رهيو ته کيس انهن سڀني احوالن جي خبر پئي. اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته هڪ نو مسلم عالم (جيڪو فطرتاً خاص گڻ ۽ خداداد صلاحيتن جو مالڪ هيو) انهن سڀني خامين کي ڏسي خاموش رهي، تنهن ڪري هُن انفرادي ذميوارين کي نڀائڻ سان گڏوگڏ هوريان هوريان مدرسي جي سڌاري ڏانهن وک وڌائي. انهيءَ دوران مٿي ڄاڻايل شڪايتون حضرت مولانا محمود حسن صاحب تائين هڪ هڪ ڪري پهتيون ۽ انهن سڀني شڪايتن جو وسيلو ديوبند جي انتظاميا جي نظر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا هئا ته اسان جي ڀيٽ ۾ شيخ الهند فقط مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي ئي ڀروسو ڪري سگهي ٿو. انهن شڪايتن جي گهڻائيءَ سبب حضرت مولانا محمود حسن صاحب مدرسي جي تعليمي ۽ مالي معاملن ۾ دخل ڏيڻ شروع ڪيو، جيڪا ڳالهه شمس العلماءِ ۽ سندس ساٿين جي ظلمن ۽ آپيشاهي لاءِ پهريون خطرو هئي.
جيڪي ديوبند جي حالتن کان واقف آهن،اُهي ڄاڻن ٿا ته ديوبند مدرسي جا مهتمم هڪ عرصي کان استادن، خرچن ۽ تعليم جي شعبي کي هلائڻ ۾ مڪمل طور خودمختيار آهن ۽ انتظامي ڪاميٽي رڳو نالي ماتر آهي، سمورا ميمبر ٻن ٽن سالن کانپوءِ وڃي ڪڏهن گڏ ٿيندا آهن، پوءِ به حساب ڪتاب جو پڇاڻو نه ٿيندو آهي. سوين وڏيون وڏيون رقمون آهن، جن جي جزئيات جو تفصيل ڪڏهن به نه ڏٺو ويندو آهي، انهن سمورين خامين جو سڌارو مولانا عبيدالله سنڌي جي نظر ۾ هيو. هن هڪ “مجلس قاسميه” (ادارو) قائم ڪئي، جنهن جا ڏهه ميمبر هئا ۽ مدرسي ديوبند کي پڻ ان جي ماتحت ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت مدرسو آمر مهتممن جي مضبوط چنبي مان سؤلائي سان نڪري سگهي پيو ۽ مدرسي جي انتظام ۾ هڪ خاص جمهوريت قائم ٿي وڃي ها. مجلس قاسميه جا مقصد ۽ اختيار ڇپرايا ويا ۽ ان جون ڪاپيون اڃا به جمعيته الانصار جي ميمبرن وٽ موجود آهن. ان نظام کي مولانا محمود حسن گهڻو پسند فرمايو ۽ انهن جي ڪري مولانا اشرف علي ٿانوي، شاهه عبدالرحيم رائيپوري جن پڻ پسند ۽ منظور ڪيو. مدرسي جي انهن اڪابر ميمبرن جي منظوريءَ کانپوءِ اهو نظام ڪجهه سالن کانپوءِ مدرسي ۾ لاڳو ٿي وڃي ها ۽ مدرسي جي مهتممن جي ڪم جي باقاعدي نگراني شروع ڪئي وڃي ها.
انهيءَ زماني ۾ حضرت مولانا محمود حسن صاحب جن ٽن ماڻهن کي مقرر ڪيو ته هو مدرسي جا جديد قاعدا ۽ ضابطا مرتب ڪري مجلس انتظاميا آڏو پيش ڪن، پوءِ مدرسي جي هڪ تجربيڪار ميمبر هڪ مسودو جوڙي موڪليو به هيو ۽ ان ۾ مهتمم صاحب جي مٿان هڪ ٻيو عهدو مقرر ڪيو ويو ته جيئن هر قسم جي خودمختياريءَ جي روڪٿام ٿي وڃي ۽ جيتريون به اندروني خاميون دارالعلوم ۾ تباهي آڻي رهيون آهن، اُهي دور ٿي وڃن. گهڻو ڪري اهو 1913ع جو زمانو هيو جڏهن مدرسي ۾ سڌارا غور هيٺ هيا ۽ مدرسي جا مهتمم پنهنجي خودمختياري ۽ خاص فائدن ۽ غرضن جي موت جو سنيهو ٻڌڻ واراهئا جو مدرسي جي مصلحن يعني مولانا عبيدالله سنڌي ۽ حضرت مولانا محمود حسن جي خلاف سازش شروع ٿي.
دارالعلوم ديوبند کي ظلم جي سگهارن هٿن مان ڇڏائڻ، تعليمي خرابين کي دور ڪرڻ، مالي انتظام درست رکڻ، ناجائز خرچن کان دارالعلوم جي آمدني کي محفوظ ڪرڻ، ايستائين جو دارالعلوم جي هر شعبي کي آمريت ۽ بي لغاميءَ جي قبضي مان ڪڍي هڪ قسم جي جمهوريت جي ماتحت رکڻ اصلاح جو پهريون ٻج هيو، جنهن دارالعلوم ديوبند کي سازشن جو گهر بڻائي ڇڏيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خلاف هڪ پارٽي ٺاهي وئي، جنهن جي چرپر جون ڏوريون مولوي حبيب الرحمان صاحب جي هٿن ۾ هيون. جيڪي ماڻهو شمس العلماءِ حافظ احمد صاحب جي فطرت ۽ مولوي حبيب الرحمان جي کياست ۽ مڪر کان واقف آهن انهن لاءِ اهي حالتون ٿورو به حيرت جوڳيون نه آهن. ان کان اڳ دارالعلوم جي انتظاميه جي جن ميمبرن مهتممن جي درٻار خلاف نڪته چيني ڪئي، انهن کي انتظاميا مان ڪڍيو ويو، جن ۾ خليفو احمد حسن ۽ هڪ ٻيو ميمبر شامل آهن. انهن جو ڏوهه فقط اهو هو ته انهن مدرسي جي ڪجهه شين کي مهتمم صاحب جي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ تي سخت اعتراض ڪيو هو پر مولانا عبيدالله سنڌي جون تجويزون معقول هيون، ان کانسواءِ شيخ الهند حضرت مولانا محمود حسن صاحب جو پڻ ان راءِ تي اتفاق هيو ۽ مولانا جي ڪري دارالعلوم جي ٻين سرپرستن شاهه عبدالرحيم رائيپوري ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي صاحب پڻ سڌاري جي رٿ کي پسند ڪيو هو، تنهن ڪري مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ديوبند کان علحده ڪرڻ سؤلو ڪونه هيو. تنهن ڪري ديوبند جي مهتممن هڪ حيرت انگيز سازش جو ڄار وڇايو.
سڀ کان پهريائين سردهنه ضلع ميرٺ مان هڪ مولوي کي گهرائي کيس جمعيت الانصار جو نائب ناظم مقرر ڪيو، جنهن جو فرض هيءَ هو ته هُو هر ڳالهه ۾ جمعيت الانصار جي ناظم مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت ڪري . وري مولوي مرتضيٰ حسن چاندپوري ۽ جمعيت الانصار جي ڪجهه ٻين ميمبرن جي حوالي هي خدمتون هيون ته مولانا عبيدالله سنڌي جي ڪنهن به تحريڪ ۽ رٿ کي منظور ٿيڻ نه ڏين. هوڏانهن مولانا عبيدالله سنڌي جي عقيدن بابت غلط افواهه پڻ پکيڙيا ويا ته هُو اسان جي مسلڪ جي خلاف آهي. تڪميل جي درجي جي شاگردن کي مولانا عبيدالله سنڌي قرآن شريف پڙهائيندو هو. هڪ موقعي تي جڏهن هُن هبوط آدم عليه السلام جي واقعي بابت تقرير ڪئي ته مدرسي ۾ مشهور ڪيو ويو ته هيءَ تقرير ته اها ئي آهي جيڪا سر سيد پنهنجي تفسير ۾ لکي آهي. وري ٻئي پاسي انهن اسلام جي دشمنن اهو به مشهور ڪيو ته عبيدالله جو واسطو خفيه پوليس سان آهي ۽ سندس مقصد ئي اهو آهي ته هُو مدرسي کي تباهه ڪري. مطلب ته ديوبند مدرسي جا مهتمم مدرسي تي قابض هئا ۽ جمعيته الانصار جا اڪثر انتظامي ميمبر مدرسي جا استاد هئا، جن جو اٿڻ ويهڻ مهتمم جي ننڍي اشاري تي ٿيندو هو، تنهن ڪري نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه حق پسند ماڻهن کانسواءِ ديوبند جي اڪثريت مولانا عبيدالله سنڌي جي خلاف ٿي وئي. آخرڪار تنگ ٿي مولانا عبيدالله سنڌي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ جمعيت الانصار جي تڪميل جي درجي جي طرز تي دهليءَ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن جو نالو “نظارة المعارف” هيو.
جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي دهلي ۾ هيو ته ان ڳالهه جي لڳاتار ڪوشش ڪندو رهيو ته ان مدرسي جو الحاق دارالعلوم ديوبند سان ٿي وڃي ۽ ديوبند جي مهتممن سان صلح ڪجي، ان مقصد سان ديوبند ويندو رهندو هو. ديوبند جي خدائن کي ايتري بغض ۽ ڪينو هو جو هُو ان تي ڪنهن به ريت راضي نه ٿيا ۽ سدائين اهو چيائون ته توهان جا مذهبي عقيدا اسان جي خلاف آهن، تنهن ڪري اسان گڏجي نٿا سگهون. غيرمسلمن جو خلود في النار ٿيندو يا نه اهو مسئلو جهيڙي جو سبب ٻڌايو ويندو هو. ايستائين جو مولوي عبيدالله سنڌيءَ خلاف ڪفر جي فتويٰ تيار ڪئي وئي. ديوبند جا سڀ مُدرس صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر مولانا محمود حسن صاحب صحيح نه ڪئي ۽ جيئن ته ديوبند جماعت ۾ مذهبي لحاظ کان حضرت مولانا شيخ الهند جي صحيح ئي مستند ٿي پئي سگهي، تنهن ڪري پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ مولانا عبيدالله خلاف ڪفر جي فتويٰ تي صحيح نه ڪئي ، تنهن ڪري ان رٿ ۾ مولانا جي مخالفت سبب ديوبند جي مهتممن کي سخت مايوسي ٿي. آخر وڏي جدوجهد کانپوءِ فيصلي جي اها صورت بيٺي ته مولانا عبيدالله سنڌي ديوبند ۾ اچي عام ميڙ ۾ ان مسئلي بابت پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪري. جيڪڏهن اسان جي مطابق هوندو ته اسان ٺاهه ڪنداسين، اهو مصالحت وارو جلسو گهڻو ڪري مولانا حسين احمد مدني جي ڪوشش سان منعقد ٿيو هو، جيڪو تازو مديني منوره کان ديوبند آيو هو ۽ هينئر مالٽا ۾ قيد آهي. پوءِ عصر جي نماز کانپوءِ مدرسي جي مسجد ۾ سمورا شاگرد، استاد ۽ ٻيا ملازم گڏ ٿيا. مولانا عبيدالله سنڌي دهليءَ مان اچي پنهنجي عقيدي جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي لاڏلي مهتمم جنهن تڪبر واري طريقي سان مولانا عبيدالله سنڌي کي جهڻڪيو هو ان جي ڪيفيت اهي ئي ماڻهو ڄاڻين ٿا جيڪي ان ميڙ ۾ شريڪ هئا. آخرڪار سليم الفطرت ۽ صلح پسند مولانا عبيدالله سنڌي صاحب انهن ئي لفظن ۾ پنهنجي عقيدي جو اعلان ڪيو، جيڪي لفظ ديوبند جا مهتمم کانئس چورائڻ گهرن پيا، پر ان کان پوءِ به ڪيني پسند طبيعتن صلح نه ڪيو ۽ نيچري هجڻ جو الزام مولانا عبيدالله تي لڳايو. ان کانسواءِ دهلي ۾ هڪ معزز صاحب جي رهائشگاهه تي اسلام جي اشاعت بابت هندستان جي ڪجهه مخصوص معززين ۽ اهل علم ماڻهن جو هڪ جلسو ٿيو. ان ۾ شرڪت لاءِ دعوت موجب ديوبند مان مولوي حبيب الرحمان پڻ دهلي ۾ آيو. جلسي ۾ مولوي عبيدالله سنڌي صاحب پڻ شريڪ هيو. مولوي حبيب الرحمان بنا ڪنهن سبب جي ڳالهه ٻولهه دوران مولانا عبيدالله سنڌي تي حملو ڪيو ته ڏسو هيءُ اسان جي مسلڪ جي خلاف هيو تنهن ڪري اسان کيس ڪڍي ڇڏيو. اتفاق سان مولانا عبيدالله سنڌي جي کيسي ۾ حضرت مولانا محمود حسن جو خط هيو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي عقيدن ۽ سندس قائم ڪيل مدرسي جي ساراهه هئي. اهو خط مولانا عبيدالله سنڌي سمورن ماڻهن آڏو پيش ڪيو ته پوءِ مولوي حبيب الرحمان شرم جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هيو. ڇاڪاڻ ته ظاهر آهي ته ديوبند جماعت ۾ شيخ الهند جنهن جي مذهبي عقيدن جي تائيد ڪري ان کي ڪافر ڪير ٿو بڻائي سگهي. مطلب ته اهي ئي سبب هئا، جنهن ڪري ديوبند جي مهتممن جي ڪاوڙ جي باهه مولانا عبيدالله سنڌي سان گڏ حضرت مولانا محمود حسن تي پڻ وسڻ لڳي ۽ هينئر ديوبند جي مهتمن نيني تال ڏانهن پناهه جا هٿ وڌايا آهن.
شيخ الهند خلاف ديوبند جي خود سر مهتممن جي ڪاوڙ جي باهه کين رڳو ان ڪري مشتعل نه ڪيو ته شيخ الهند مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ساٿ ڏنو، پر مٿي ڄاڻايل اُهي سمورا سبب هئا، جن مولانا عبيدالله سان گڏ شيخ الهند کي پڻ انهن ماڻهن جو دشمن بڻائي ڇڏيو. فرق فقط ايترو هو ته ديوبند جي پيروڪارن جي عام عقيدتگاهه شيخ الهند جي ذات هئي، تنهن ڪري ديوبند جي مهتممن شيخ الهند جي مخالفت پردي پويان ڪئي پر مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت منظرعام تي ظاهر ٿي پئي. آخر ۾ ته نوبت اتي وڃي پهتي هئي جو لڳ ڀڳ هڪ سال تائين ديوبند جي مهتممن ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن صاحب جي وچ ۾ گفتگو ۽ مشاورت پڻ بند هئي.
(قاضي عبدالغفار، روزانه ”جمهور“ ڪلڪتو، پهرين آگسٽ 1918ع، 2 آگسٽ 1918ع ۽ 4 آگسٽ 1918ع جي ادارين تان ورتل) سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو